ڪبير جي شاعريءَ جا حيات- سـُڌار پهلو

محمد ابراهيم جويو

ڀڳتي تحريڪ هندستاني اتهاس جي وچئين دور (700ع کان 1600ع) ۾ اڀري. اُنهيءَ جو بنيادي زور ٻن شين تي رهيو، هڪ پريم ۽ ٻيو ارپنا (Devotion) تي. اِنهن ٻنهي شين کي سڀ کان اعليٰ وجود(Supreme Being) تائين پهچڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو ويو. هن تحريڪ جا سڀئي ڀڳت ”هيڪڙائيءَ“

کي مڃيندڙ هئا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا. اِنهيءَ هيڪڙائيءَ واري تصور جي شروعات تي تاريخدانن ۾ اختلاف موجود آهي . هڪڙن جو چوڻ آهي ته اهو فلسفو ويدن مان ورتو ويو آهي، ۽ پهرئين ويد رِگ ويد جو پهريون حمدُ، خدا سان پريم بابت آهي. جڏهن ته ٻين جو خيال آهي ته اهو تصور هندستان ۾ مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيو، جيڪي به هڪ خدا ۾ عقيدو رکندا هئا.

ڪن عالمن ۽ ڏاهن جو خيال آهي ته هيءَ تحريڪ ڀارت ۾ نئين سجاڳيءَ جي پهرين وڏي اُٿل هئي. هن تحريڪ جي اڀياس مان به ڄاڻ ملي ٿي ته اها پهرين مذهبي سڌارن جي تحريڪ هئي. هن تحريڪ جون خصوصيتون هن ريت آهن:

 

(more…)

آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، آٽو بايو گرافي لکڻ لاءِ ڪو خاص سبب سمجھه ۾ نه آيو آهي. ڪو غير معمولي ڪارنامو سرانجام نه ڏنو اٿم. ٽيليفون ايجاد نه ڪئي اٿم. بجليءَ جو بلب نه ٺاهيو اٿم. آگبوٽ نه ٺاهيو اٿم. ريل گاڏي نه ٺاهي اٿم، ماڻهن کي مارڻ لاءِ بم ۽ بندوقون نه ٺاهيون اٿم. حياتي بچائڻ لاءِ ڪارٽيزون جھڙيون دوائون ايجاد نه ڪيون اٿم. ڪجھه به ته نه ڪيو اٿم! مان ته ٽچ بٽڻ ۽ ٽاچني به ٺاهي نه سگھيو آهيان! ريڊيو ۽ ٽيليوزن ته پري جي ڳالهه آهي، مان ته مس ۽ مس ڪُپڙي به ٺاهي نه سگھيو آهيان. نه ڪو ملڪ فتح ڪيو اٿم، نه وڻ پوکايا اٿم، ۽ نه کوهه کوٽايا اٿم، ۽ نه ئي اڻ آرين کي آريو ڪيو اٿم. ته پوءِ ڇا جي ڪري آتم ڪٿا ٻڌائڻ تي سندرو ٻڌو اٿم! ڪوشش جي باوجود سهڻيءَ جو ميهار، ۽ نه ئي سسئيءَ جو پنهون ٿي سگھيو آهيان. نه ليلى جو قيس ٿي فراق جو رڻ وڃي وسايم، ۽ نه ئي شيرين جو فرهاد ٿي تيشي سان خودڪشي ڪيم. نه ڪَوي ڪاليداس ٿيس، ۽ نه ئي گوتم جو گياني ڀڪشو آنند ٿي سگھيم. دل جي ڪينواس تي دز چڙهي ويئي. مان ڊوانچي، وان گوگ، پڪاسو، شاڪر علي، ۽ صادقين ٿي نه سگھيس. برش سڪي ويا، رنگن پنهنجو رنگ وڃائي ڇڏيو. هڪ رنگ سڀني رنگن تي حاوي ٿي ويو، ڪفن جو رنگ، سفيد رنگ!

(more…)

وِرلاپُ

رومانا شيخ

سالن کان، وري وري، ماڻهو منهنجي پـَري چهره صورت تي مون کي مبارڪون پيا ڏيندا هئا، ۽ منهنجي اک جي اهائي اُمـَٽُ چمڪ کين سدا پـَئي وڻندي ۽ لـُڀائيندي هئي

(more…)

4 مارچ جو ذڪر هلي ته ذهن خود بخود يوسف لغاريءَ ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. يوسف لغاري انهن چند سچن سپوتن مان هڪ آهي، جن پنهنجي ذاتي مفادن تي سنڌڙيءَ جي مفادن کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي زندگي ڏکن ۽ ڏولاون ۾ وجهي سنڌڙيءَ جي سينڌ سنواري ويا. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن 4 مارچ وارو واقعو نه ٿئي ها ته جيڪر ون يونٽ ٽٽڻ لاءِ سنڌ وارا اڃا به ويٺا سڪن ها.  چوٿين مارچ جو جوڌو ۽ هيرو غير متنازعه طور تي صرف ۽ صرف يوسف لغاري آهي. مان يوسف لغاريءَ جي اميج ٺاهڻ جي ڪوشش ڪونه ٿو ڪريان. صرف هڪ اهڙي سپوت کي دلي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن وقت سرحالات کي سمجهيو ۽ باوجود مشڪلات ۽ مخالفتن جي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ جي عزم تي ثابت قدم رهيو ۽ قوم کي هڪ اهڙي طوق مان نجات ڏيارڻ لاءِ رستو هموار ڪري ويو، جيڪو پنهنجن جو ئي وڌل هيو، ۽ جنهن جون ڪڙيون صرف هڪ فولادي انسان ئي ٽوڙي ٿي سگهيو. قوم انجي عيوض هنکي ڇا ڏنو؟. صرف بک ۽ بيروزگاري، مسئلا ۽ مشڪلاتون، ۽ تهمتون ۽ الزام.

(more…)

 dd.jpg

ڊئرائيڪٽ ڊائلنگ

سرفراز سيد، آچر، 30 سيپٽمبر 2007 جي روزآني اوصاف ۾ لکي ٿو ته:

ان کان وڌيڪ وڏو الميو، وڏو آزاريندڙ واقعو ٻيو ڪهڙو ٿيندو جو هڪ شخص جي ورديءَ کي سهارو ڏيڻ لاءِ قانون جا نام نهاد محافظ، قانون جي ئي علمبردارن تي لاٺيون وسائي رهيا آهن.

مونکي هڪ ٻئي جرنيل جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي. جڏهن جنرل ضياالحق جي دؤر ۾ ايم آر ڊي جي جدوجهد دؤران لاهور هائي ڪورٽ  بار ايسوسي ايشن جي صدر رابعه قاري ايڊووڪيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن جو جلوس هائي ڪورٽ کان ريگل چوڪ وٽ پهتو ته پوليس جلوس تي انڌا ڌنڌ لٺيون وسائڻ شروع ڪري ڏنيون. ان دؤران هڪ زوردار لٺ رابعه قاريءَ کي به لڳي. اها سخت زخمي ٿي ڪري پئي ۽ اڳتي هلي ان ڌڪ ۽ زخمن سبب گذاري وئي. پر ان حوالي سان، ان کان به  وڌيڪ شرم ڏياريندڙ واقعو اهو ٿيو جو ان زماني جي هڪ سرڪاري اخبار جي چيف ايڊيٽر سندس اخبار جي پهرين صفحي تي ”ڊئرائيڪٽ ڊائلنگ“ جي عنوان سان خاص ايڊيٽوريل ڇاپيو هو. ان ايڊيٽوريل ۾ ڄاڻايو ويو هو ته، لاهور جي عوام کي پوليس جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي ته ان جي بروقت ڪاروائي ڪري طوائفن جي هڪ جلوس کي عين ان وقت تي روڪي ورتو، جڏهن اهي بي لباس ٿي ريگل چوڪ تي ناچ  ۽ رقص  ڪرڻ واريون هيون. پوءِ ان ايڊيٽوريل تي تمام گهڻو ۽ سخت ردعمل آيو هو. جنهن تحت لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ان سرڪاري اخبار جي بنڊلن کي ساڙيو ويو هو. لاهور هائي ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ۾ هڙني سرڪاري اخبارن ۽ انهن جي نمائندن جي داخلا کي بند ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ اهو به ته رڳو هڪ ڏينهن ۾ ان وڏي اخبار جي روزآني هڪ لک کان وڌيڪ جي اشاعت گهٽجي صرف چند هزارن تائين رهجي ويئي. ۽ پوءِ نيٺ ان اخبار جو وجود ئي ختم ٿي ويو. …

رورزآني اوصاف جي ٿورن سان

حامد مير جي ڪالم تان ورتل هڪ ٽڪرو

سومر، 8- آڪٽوبر، 2007 جي روزآني جنگ ۾ ڪالم نويس حامد مير، پنهنجي هڪ ڪالم ”سب کا منهه ڪالا“ ۾ لکي ٿو ته: 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ مان چونڊجڻ کانپوء هن کي پڪو يقين هو ته ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزير ضرور ٺاهيندو. سندس ان يقين جو سبب به ڏاڍو دلچسپ هو. اهو ايئن ته چونڊن کانپوءِ ڀٽو هڪ دفعو لاهور آيو ته اهو فليٽر هوٽل ۾ اچي ٽڪيو هو. ان دؤران هڪ شام جو قصوري به وڃي اتي پهتو ۽ ڀٽي کان، کيس وزير بنائڻ جو ضد ڪرڻ لڳو. ڀٽو صاحب فليٽير جي لان ۾ اچي هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو. ان کانپوءِ ڀٽو صاحب، احمد رضا قصوري ۽ امان الله خان کي چيو ته توهان مان جيڪو به سٺو ڊانس ڪري ڏيکاريندو، مان ان کي پنهنجي ڪابينا جو وزير خارجا بڻائيندس. هوٽل جي هڪ ويٽر ميز کي طبلو ٺاهي وڄائڻ شروع ڪيو ۽ وزارت خارجه جي ٻنهي اميدوارن انڌا ڌنڌ نچڻ شروع ڪري ڏنو. ڀٽو ڪافي دير تائين تاڻيون وڄائيندو رهيو. آخرڪار ڀٽي ناچ جو مقابلو ختم ڪندي، قصوريءَ کي ڊانس جي مقابلي ۾ فاتح قرار ڏيندي کيس وزارت خارجه جو سڀني کان اهل اميدوار قرار ڏنو. پر ڪن سببن جي ڪري حڪومت سازيءَ ۾ دير ٿي ويئي. اهو عرصو قصوري لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪو نه هو ۽ هڪڙو هڪڙو ڏينهن گذارڻ به کيس ڳرو لڳي رهيو هو. نيٺ هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته ڀٽو ساڻس مذاق ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي قصوري صفا ڇتو ٿي پيو.

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڍاڪا ۾ سڏائجي چڪو هو ۽ شيخ مجيب رحمان ان جلاس ۾ پنهنجي مرضي جي هڪ قرارداد ذريعي پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ڀٽي ان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. پر احمد رضا قصوري ڍاڪا پهچي ويو ته جيئن عوامي ليگ سان ملي وزير بڻجي وڃي … پر ناڪاميءَ جي صورت ۾ واپس اچي ٻيهر بي حيائي سان ڀٽي صاحب جي چاپلوسي ڪرڻ لڳو. پر وري به ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيڻ تي ڀٽي تي پنهنجي پيءُ جي قتل جو ڪوڙو مقدمو داخل ڪرائي ڇڏيو. پر پوءِ وري به ڪجهه حاصل نه ٿيڻ کانپوءِ 1- جنوري 1977ع تي قومي اسيمبليءَ جي آخري اجلاس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي عوام جو نجات ڏياريندڙ اڳواڻ قرار ڏنو. ڪجهه مهينن کانپوءِ نجات ڏياريندڙ جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو ته قصوريءَ جنرل ضياءُ سان ملي ڀٽي صاحب کي موت جي سزا ڏياري. قصوريءَ اهو سڀ ڪجهه کلي عام ڪندو رهيو آهي ۽ پنهنجي ڪيل تي کيس اَڄ به ڪو افسوس ناهي. شايد اهو ڪارڻ آهي جو جڏهن خورشيد احمد، قصوريءَ جو منهن ڪارو ڪيو ته سڀ خوش هئا. …

ايم ڪيو ايم

فياض سومرو

پاڪستان ننڍي کنڊ جي ورهاست مان جنم ورتو، جتي مختلف قومن ۽ گروهن جي وچم ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان احساس محروميءَ جو لاؤ پچندو ئي رهيو آهي. سنڌ جي گاديءَ جو شهر ڪراچي جيڪو نه رڳو سمنڊ جي ويجهو آهي، بلڪ اهو پاڻ به انسانن جو هڪ وڏو سمنڊ آهي ۾ هڪ اندازي موجب پاڪستان جي مختلف صوبن جا لڳ ڀڳ ستاويهه لک ماڻهو آباد آهن، جيڪي محرومين سبب مختلف قوميتن جي ڪيترن ئي قوميتي گروهن ۾ ورهايل آهن.

اصل ۾ سنڌ جي مسلمان بالادست طبقي ننڍي کنڊ جي ورهاست جي حمايت ان ڪري ڪئي هئي جو اهي صنعت، نوڪرين، واپار ۽ تعليم تي هندؤن جي غلبي مان نجات حاصل ڪرڻ چاهين پيا. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بالادست سنڌي طبقي جا مفاد پنجاب جي غلبي ۽ استحصال سبب پورا نه ٿي سگهيا. تنهنڪري آهستي آهستي سنڌ ۾ قوپرستي وڌڻ لڳي ته ٻئي طرف پنجاب جي ظالم سازشِي طبقي مهاجرن کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي تحت پاڻ سان ملائي، ون يونٽ جي ذريعي سنڌ کي عملي طور تي ڪالونيءَ جي شڪل ڏئي ڇڏي.

پر 70ع جي ڏهائي ۾ وڏي پيماني تي سنڌي مڊل ڪلاس پيدا ٿيڻ سبب پاڪستان جو حڪمران ٽولو اَٽي ۾ لوڻ برابر ئي سهي، سنڌين کي مختلف نوڪرين ۽ تعلمي ادارن وغيره ۾ رعايتون ڏيڻ تي مجبور ٿيو. جنهن جي ڪري مهاجرن کي سندن اقتدار ۾ اڳين جهڙي حيثيت خطري ۾ نظر اچڻ لڳي. جنهن جي نتيجي ۾ وري مهاجر آباديءَ ۾ ويڳاڻپ ۽ بيچينيءَ جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ لڳي. جنهن کي پهرين جماعت اسلامي ۽ پوءِ اڳتي هلي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ڀرپور طريقي سان استعمال ڪندي، ان کي مهاجر قومپرستيءَ جي شڪل ڏيڻ شروع ڪئي.

ان ڪشمڪش سبب ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ تمام گهڻا جهڳڙا ۽ فساد ٿيا، جنهن جي ڪري مهاجرن ۾ گهيرو ڪرڻ وري زهنيت جنم ورتو، جنهن ڪري انهن پاڻ کي سخت تنظيمي ڪنٽرول ۾ آڻڻ شروع ڪيو، جنهن جون سڀ چاٻيون وري الطاف حسين پنهنجي ٽجوڙيءَ ۾ رکي ڇڏيون. اهڙي طرح تنظيم ۾ سخت فسطائي رجحانن جڙ پڪڙڻڻ شروع ڪئي. جنهن سان هڪ طرف مهاجر مخالف قوتن کي ڪچلڻ جو ڪم ورتو ويو ته ٻئي طرف تنطيم اندر اڀرندڙ هر آواز کي الطاف حسين جي اشاري تي دٻائي ڇڏيو ويندو هو. ايم ڪيو ايم حقيقي به تنظيم جي سخت ۽ بي رحم ڪنٽرول سبب اڀري هئي. توڻي جي ان جي اڀرڻ اچڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي مختلف ايجنسين کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي، ايم آر ڊي 1983، جي آمريت مخالف تحريڪ سبب حڪمران ٽولا سنڌ جي عوامي قوت ۽ جدوجهد کان سخت خوف جو شڪار ٿي سازشون ڪرڻ لڳا، سنڌ جي آمريت مخالف عوامي تحريڪ مان اڀريل آواز کي ڪچلڻ خاطر ايم ڪيو ايم ٺاهڻ ۾ هڪ ايجنسيءَ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کانپوءِ هن تنظيم ڪراچي ۽ حيدرآباد تي پنهنجو مڪمل ڪنٽرول قائم ڪري ورتو.

نه رڳو اهو بلڪه ان تنظيم جي مڊل ڪلاس مشيرن ۽ وزيرن طاقت جي ايوانن تائين پڻ تيزيءَ سان رسائي حاصل ڪري ورتي. ڪنهن فلمي اندازسان مافيا جي طرز تي ٺاهيل ايم ڪيو ايم جو اندروني ڪنٽرول ۽ ڍانچو آهستي آهستي اندروني اختلافن سبب ڪمزور ٿيڻ لڳو. تنظيم ۾ اندروني اختلاف 1990ع ۾ بلڪل واضح ٿي سامهو اچڻ لڳا. جيڪڏهن فوجي آپريشن نه به ڪيو وڃي ها ته به يم ڪيو جو زوال بلڪل ويجهو هو. ڇالاءِ جو مهاجرن ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ خلاف نفرت تيزيءَ سان وڌي رهي هئي. پر فوجي آپريشن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڄڻڪ ته هڪ نئين زندگي ملي ويئي. ملٽري آپريشن سبب مهاجر آبايءَ ۾ وري ايم ڪيو ايم لاءِ همداري پيدا ٿيڻ لڳي. ان ڪري ايم ڪيو ايم ختم ٿيڻ بجاءِ وري اڀرڻ لڳي ..

(more…)

۽ گهوڙي سواري شروع ٿي

تحرير: مسعود منور، ناروي

مشهور ڪالم نويس مسعود منور، ”ويچار ڊاٽ ڪام“ تي شايع ٿيل هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ” آغا شورش ڪاشميري چاليهه سال پهرين هڪ ويڪلي اخبار ”چٽان“ ۾ هڪ خبر شايع ڪئي هئي. مسعود منور موجب جيڪا ڳالهه چاليهه سال پهرين ”چٽان“ ۾ شايع ٿي چڪي آهي، ان کي اڄ چاليهه سالن کان پوءِ نيٽ تي شايع ڪرڻ تي ڪنهن کي ڪو گهڻو هرج نه هئڻ گهرجي.“

(more…)

ڪراچيءَ جي صورتحال جو تجزيو

 

تحرير: فياض سومرو

منهنجو هي تجزيو رورآني ڪاوش ۾ اربع، 13مارچ، 1996ع تي ”بينظير حڪومت ۽ ايندڙ طوفانن جا امڪان“ جي عنوان سان شايع ٿيو هو. جيئن ته ٿوري گهڻي فرق سان اَڄ به اهو تجزيو ڪراچيءَ جي موجوده صورتحال تي ٺهڪي اچي ٿو، ان ڪري مان ساڳي مضمون کي ٻيهر ٿورڙي ايڊيٽنگ سان ”ڪراچيءَ جي صورتحال“ جي عنوان سان هتي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“

چون ٿا ته هڪ ملاح هو، جنهن کي شارڪ مڇيون ڏاڍو تنگ ڪنديو هيون. تنهنڪري جڏهن به اهي سندس ڄار ۾ ڦاسنديون هيون ته اهو انهن کي ماري ختم ڪري ڇڏيندو هو. هڪ دفعو سندس ڄار ۾ ڊولفن مڇي ڦاٿي، پر هن ان کي به ختم ڪري ڇڏيو. تڏهن کانئس ڪنهن پڇيو ته: تو ڊولفن مڇيءَ کي ڇو ماريو؟ ته هن چيو ته، هيءَ مئل ڊولفن، ان شارڪ لاءِ سبق آهي. پر ڪراچي جي سلسلي ۾ ڏکيائي هي آهي ته ڊولفن ته اڪثر مهاڻي هٿان شڪار ٿيندي رهي ٿي، پر شارڪ آزاد هجي ٿي.

ڪراچي شهر جي مختلف ڳاڙهين، ساين ۽ پيلين روشنين جي سنگم سان عجيب جدت، سڪون ۽ خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو، پر اڄ اها نه رڳو ڪنهن مقتل گاهه جيان ٿي پئي آهي، پر اها هن وقت قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پڻ بحث جو موضوع بنجي چڪي آهي ۽ مختلف وفد ان جي حالتن ۽ انساني حقن جو جائزو وٺڻ لاءِ دؤرا ڪري رهيا آهن. تنهن لاءِ رڳو اهو سمجهڻ ته اهو وزير داخله نصير الله بابر جي بيانن ۽ رينجرس حل ڪري ڇڏيو آهي، رڳو هڪ ديواني جو خواب آهي. جنهن خواب کي ڏسڻ جي يقينن هاڻوڪي حڪومت تمام گهڻي خواهشمند هوندي، پر ڌرتيءَ تي موجود حقيقتون ڪنهن اهڙي خواب يا خواهش کي رد ڪندي نظر اچن ٿيون. ڇالاءِ جو تحريڪن جو اُڀار يا ٿڪاوٽ ۽ مايوسيون ڪن به تحريڪن يا قوتن جو اهم عنصر هونديون آهن. تنهن ڪري ڪشمڪش ۾ وقفا يا ٺهراءَ جا مرحلا ايندا رهندا آهن. پر ڪشمڪش وري اڀرڻ جا هر وقت ۽ هر مهل امڪان رهندا آهن. خاص طور تي اهڙي ڪشمڪش لاءِ، جنهن جون بنيادي ڳالهيون ۽ مسئلا حل نه ٿي چڪا هجن. هاڻي جڏهن اسين ڪراچيءَ جي مسئلي جو ملڪ جي معاشي صورتحال سان گڏي جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ته ايندڙ وقت ۾ تمام گهڻا واقعا ۽ تحريڪون مختلف شڪلين ۾ اڀرنديون ۽ موجوده حڪومت هڪڙي سياسي بحران مان ٻئي بحران ڏانهن لڏندي ۽ لمندي رهندي

(more…)

آخر عمران خان جو ڇا ٿيندو؟

فياض سومرو

” منهنجو هي مضمون روزآني ڪاوش ۾ 10 مارچ 1996ع تي شايع ٿيو هو. جنهن کي مان هتي ٿورڙي ايڊٽنگ کان پوءِ ٻيهر شايع ڪري رهيو آهيان.“

… ان پسمنظر سبب اسٽيبلشمينٽ جا اهم ۽ اثر رکندڙ حصا هاڻ ڪو نئون متبادل ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ آهن. تنهنڪري مستقبل ۾ ساڄي ڌر جي پارٽين جي ڪنهن اتحاد کي عمران خان جي چؤگرد گڏ ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش يا پيش رفت ٿي سگهي ٿي. هونئن به هڪ اهڙي سماج ۾ جتي تعليم جي شرح تمام گهٽ هجي، سماجي ۽ معاشي لحاظ کان معاشرو پستيءَ جو شڪار هجي، اتي ديومالائي ۽ مابعد طبعياتي رجحانن جي اڀرڻ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇو جو سخت بدحاليءَ جي صورت ۾ عوام طرفان اهڙي ڪيفيت ۾ هليو وڃڻ ۾ کيس ڪجهه آرام ۽ سڪون پهچائيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ماضيءَ ڏانهن موٽ کائيندي مختلف ڪهاڻين يا ننڍي هوندي ٻڌل پرين، شهزادن ۽ شهزادين جي ڪردارن ۾ گم ٿي وڃڻ يا ڪو حل ڪڍڻ جي صورت ۾ ان طرف راغب ٿي ويندا آهن. مختلف ادارا يا ڌريون پنهنجي مفادن يا ڪنهن تجزئي جي بنياد تي اهڙي قسم جي قدامت پرستي کي خوبصورت لفظن ۾ يا ٻين طريقن سان وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهن. تنهنڪري اهڙي ڪنهن به موڙ تي عمران خان اهڙين ڌرين لاءِ وڌيڪ قابل قبول هوندو. ڇالاءِ جو عمران خان ڪلاسيڪل قدامتپرستي ۽ سخت مزاج روش جو گڏيل امتزاج ۽ مجموعو آهي. اهڙي ڪنهن صورتحال ۾ عام طور ساڄي ڌر، وچئين طبقي جو وسيع حصو، مذهبي ۽ خدمت پرستي جي قوتن کي عمران خان جي شڪل ۾ هڪ شهزادو گلفام ملي ويندو.

(more…)

اسان وٽ رشوتخوري وڌيڪ ڇو آهي؟

ڪافي عرصو اڳ هي مضمون هڪ اخبار کي اماڙيو هئم پر شايع نه ٿي سگهيو. خوشقسمتيءَ سان انفارميشن (اطلاعاتي ) ٽيڪنالوجيءَ جي ترقي سبب هاڻ جڏهن سنڌي بلاگنگ جي سهولت حاصل ٿي آهي ته پوءِ مان به ان سهولت جو فائدو وٺندي, هي مضمون ”اسان وٽ رشوتخوري وڌيڪ ڇو آهي“ کي هتي شايع ڪري رهيو آهيان.

تحرير: فياض سومرو

اسان جي معاشري جي ٻين ڪيترن ئي وڏن مسئلن مان بدعنواني به هڪ وڏو مسئلو آهي. بلڪي ائين چئون ته هن معاشري جو ناسور آهي ته غلط نه ٿيندو. جيڪڏهن ان مسئلي جو ٿهلي ليکي ڇيد ڪريون ته پوءِ ان مان هي ڳالهه نڪري سامهون اچي ٿي ته اصل ۾ ڪرپشن، رشوتخوري يا بدعنواني سرڪاري نوڪر شاهيءَ سبب پيدا ٿي آهي.

مثال طور اسان وٽ ماضيءَ ۾ ڏيئي يا لالٽين مان روشني حاصل ڪئي ويندي هئي ۽ رڌ پچاءُ چلهه، سگريءَ يا ڪاٺين وغيره تي ٿيندو هو. تنهنڪري ان ڪم لاءِ نه ته بيوروڪريسيءَ يا آفيسرشاهيءَ جي ضرورت پوندي هئي ۽ نه ئي بدعنوانيءَ جي ڪا گنجائش هئي. مون کي هڪ دفعو بابا مرحوم ٻڌيو هو ته پاڪستان کان پهرين انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ ٻڌندا هئاسين ته اڳتي هلي اهڙو زمانو اچڻ وارو آهي، جڏهن چلهه تي به ٽيڪس لڳندو. بابا مرحوم جي بقول تڏهن کيس تمام گهڻو سوچڻ جي باوجود به اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي هئي ته آخر حڪومت هر گهر ۾ گهڙي ڪيئن چُلهه تي ٽيڪس هڻندي؟ بابا کي تنهن زماني ۾ ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي هئي، پر پوءِ سوئي گيس (نيچرل گيس) جي بل تي لڳل جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيڪس بابا کي سڄو راز سمجهائي ويو هو

(more…)

ڇا واپڊا کي فوج سڌاري سگهندي؟

تحرير: فياض سومرو


منهنجو هي مضمون مارچ 1999ع ۾ طبقاتي جدوجهد (سنڌي ايڊيشن) ۾ ثمر علي سومرو جي فرضي نالي سان شايع ٿيو هو. جنهن کي مان هتي ٻيهر ٿورڙي تصيح کانپوءِ شايع ڪري رهيو آهيان.

واپڊا ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي نالي تي حڪومت ۳۵ هزار فوجي واپڊا ۾ داخل ڪري چڪي آهي. نه صرف اهو پر حڪومت فوجي عدالتن، جيلن جو انتظام ۽ جعلي اسڪولن جي خاتمي جي آڙ ۾ تعليم کاتو به فوج جي حوالي ڪرڻ جو ارادو رکيو ويٺي آهي. تنهنڪري ان موضوع تي سياسي ۽ عوامي حلقن ۾ گرماگرم بحث جاري آهي ته، ڇا فوج کي انتظامي ۽ سول معاملن ۾ ملوث ڪرڻ سان فوج به ڪرپشن ۽ اهڙي ئي قسم جي ٻين بدعنوانين جو شڪار ته نه ٿي ويندي؟ جيئن ته ٻي بيوروڪريسيءَ وانگر فوج جا برگيڊيئر ۽ جنرل به بيورو ڪريسي جي زمري ۾ اچن ٿا ۽ هٿيارن جي خريداريءَ ۾ اهي اربين رپين جا گهپلا ڪندا رهن ٿا ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪجهه مهينن کانپوءِ فوج عام فورس نه ٿي ويندي. ڇاڪاڻ جو اتر آئرلينڊ، انڊونيشيا، لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جي ڪافي ملڪن ۾ فوج کي شهري معاملن ۾ ملوث ڪرڻ جا مثال موجود آهن. پر جتي به فوج شهري معاملن ۾ ملوث ٿي آهي اتي ٽن چئن مهينن کانپوءِ فوج به عام يا معمول واري فورس جو ڪردار ادا ڪيو آهي. مثال طور اسان پاڪستان جي سول معاملن ۾ فوج جي مداخلت جو جائزو وٺون ته اسان کي نظر ايندو ته ۳۰ سالن کان به مٿي سڌو سنئون حڪمراني ڪرڻ کانپوءِ به ان ڪهڙي مسئلي کي حل ڪيو آهي؟ جو اڄ اها مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي. …

(more…)

جيبڪترا

ڪلڪتي (ڪول ڪته) ۾ رهندڙ پنجابي ٻوليءَ جي ڪجهه اديبن ۽ قلمڪارن هڪ ادبي تنظيم جو بنياد وڌو. پر جڏهن ادبي سنگت جي نالي رکڻ جو مرحلو آيو ته ڪو به هڪ نالي تي متفق ڪو نه پئي ٿيو. تنهنڪري فيصلو ڪيو ويو ته ادبي تنظيم جو نالو پنجابيءَ جي مشهور مصنفه اَمرتا پريتم سنگهه جي ڪنهن ناول تان کنيو وڃي. پر وري جهڳڙو ان ڳالهه تي شروع ٿي ويو ته ڪهڙي ناول جي نالي تي؟ ان ڪري اَمرتا پريتم جي لکيل سڀني ناولن جا نالا الڳ الڳ پرچين تي لکي ڪڻو ڪڍيو ويو. چونڊيل پرچيءَ کي جڏهن کوليو ويو ته ان تي مصنفه جي جنهن ناول جو نالو لکيل هو، اهو هو ”جيبڪترا“ .

خطرناڪ تماشو

خوشامدين ۾ گهريل جنرل مشرف اهو سمجهڻ لڳو هو ته اصل ۾ اهو واقعي ڏاڍو مقبول اڳواڻ آهي. پر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي حڪومت طرفان غير فعال ڪرڻ کانپوءِ وڪيلن جي شروع ڪيل تحريڪ، چيف جسٽس جي اسلام آباد، سکر، حيدرآباد، پيشاور ۽ پوءِ لاهور ۾ ٿيل شاندار آجيان کانپوءِ مشرف حڪومت سخت گهٻراهٽ جو شڪار نظر اچي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد ٽولن هٿان ڪرايل قتل عام مان مشرف حڪومت جي وائڙائپ صف نظر اچي ٿي. چيف جسٽس جي عوام ۾ مقبوليت اصل ۾ مشرف حڪومت خلاف عوام جي بيزاريءَ کي ظاهر ڪري رهي آهي.

(more…)

 

لاجواب اسلامي ملڪ

نالو لکڻ جي ضرورت ڪونهي، بس ايترو ٻڌائڻ ئي ڪافي آهي ته اهو لاجواب ملڪ اسلامي پڻ آهي. بلڪي اسلام جو قلعو به آهي. هر قسم جي شراب خوريءَ تي مڪمل شرعي پابنديلاڳو ٿيل آهي. پر خود حڪمران ۽ سندن جوڙي وال ساٿي خوب ڏٽي هر روز پيئندا رهن ٿا. هڪ مولانا ته باقاعدي مولانا وهسڪي سڏجندو هو. ڪوهه مري ۽ ڪوئيٽا ۾ شراب جا ڪارخانا سدائين ڀرپور رفتار سان هلندا رهن ٿا. تڏهن ئي ته هتي شراب عام ته ڪو نه ٿو ملي پر جام ضرور ملي ٿو. ڪوهه مريءَ جا ڀنڊاري اڪثر قومي اسيمبليءَ جا رڪن چونڊجندا رهن ٿا. شراب جي انهن ڪارخانن جا هڙئي شيئر هولڊرز مسلمان سياستدان ئي آهن. مري بيوريجز انگريزن ڪافي غور ويچار کانپوءِ قائم ڪئي هئي. ڇالاءِ جو مريءَ ۾ چشمن جو صاف سٿرو پاڻي وڏي مقدار ۾ ميسر آهي. ڀرپاسي جي علائقن جهڙوڪر نٿياگلي ۽ ڀورڀن وغيره ۾ رسدار صوف، انگور ۽ ناسپاتيون وغيره وڏي تعداد ۾ ملن ٿيون. جنهن مان زبردست شراب ٺهي ٿو. انگريز ان شراب کي اپروو ڪري ويا هئا. تڏهن کان اهو شراب سڄي ملڪ ۾ ڏاڍو مقبول آهي. نه رڳو هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ حڪمران بلڪي اسلام آباد ۾ موجود ٻاهرين ملڪن جا سفارت خانا پڻ هن ئي شراب کي ئي ترجيح ڏين ٿا.

(more…)

تحقيق ٿيڻ گهرجي

اڳتي هلي ايندڙ نسل ضرور اهو ڄاڻڻ چاهيندا ته طالبان ڪير هئا؟ ۽ ڪنهن انهن جي پرورش ڪئي؟ ملان عمر ۽ اسامه بن لادن ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت اسلام جو اميج خراب ڪيو؟ طالبان دؤر ۾ آخر افغانستان ۾ درسگاهن کي ڇو برباد ڪيو ويو؟ نرسن تي پابندي ڇو لڳائي ويئي؟ راندين ۽ هر قسم جي تفريح تي ڇو بندش وڌي ويئي؟ آخر اهي ائين ڪري اسلام جي ڪهڙي خذمت ڪري رهيا هئا. طالبان دؤر ۾ ريڊيو، ٽي وي، تعليم، اسپتالون، لباس، روڊ رستا، هوائي سروس تباهه ڪئي ويئي ۽ هر ٻي شئي کي انهن حرام قرار ڏيئي افعانستان کي پٿر جي زماني ۾ واپس پهچائي ڇڏيو! طالبان دؤر تي تحقيق ڪري طالبان جي ڪيل حرڪتن جو ڪچو چٺو شايع ڪرڻ گهرجي ته جيئن اڳتي هلي ڪو به سي آئي اي جو ايجنٽ اسلام کي مسخ نه ڪري سگهي.

افتخار محمد چوڌريءَ جي خلاف صدارتي ريفرنس اڳيان هلي ڪهڙو رخ اختيار ڪندو؟

چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي خلاف داخل ڪيل صدارتي ريفرنس اڳيان هلي ڪهڙو ٿو رخ اختيار ڪري ان حوالي سان ڪا رائي ڏيڻ ته عدالتي معاملي ۾ دخل ڏيڻ برابر ٿيندو. پر ان حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته هن ملڪ جي ڪورٽ سڳوري پنهنجي تاريخ جي تمام نازڪ دؤر مان گذري رهي آهي. هن دفعي سائل ٻيو ڪو به نه پر خود سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻ آهي ۽ ڪٽهڙي ۾ بيٺل شخص به ٻيو ڪو به نه بلڪي سڀني کان سينئر جج يعني افتخار محمد چوڌري آهي. جيڪو ”انڪار“ جي روايت کي جنم ڏيئي اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته ظلم ۽ جبر جا پاڇا ڀلي ڊگها ڇو نه هجن ۽ ظالم کي ڊگهي ڏور ڀلي ڇو نه مليل هجي پر حق کي حق چوڻ وارا ديوانا هر دؤر ۾ موجود رهن ٿا. اهو انڪار ئي هو جنهن سقراط کي زهر جو پيالو پيئڻ تي مجبور ڪيو هو، پر ڇا سقراط مري ويو؟ هي شاه عنايت شهيد، مخدوم بلاول، هوشو شيدي، روپلو ڪولهي ۽ هيمو ڪالاڻي، ڀاڳت سنگه ، شهيد الله بخش سومرو، جي ايم سيد ۽ نظير عباسي ڪير ها. اهي سڀ پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ ظلم ۽ جبر جي نظام کان انڪار ڪرڻ ۽ حق کي حق چوڻ وارا ديوانا ئي ته هئا. ذوالفقار علي ڀٽو هڪ آمر آڏو ”انڪار“ ڪري ڦاهيءَ چڙهي ويو. ته ڇا اهي ڀٽي کي ماري سگهيا؟ اصل ۾ انسان ته مرندا ئي رهن ٿا. ”مرڻي ته هوءَ اڳيئين هئي، ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“ وانگر سچائي ۽ تاريخ ڪڏهن به نٿي مري.

(more…)

شينهن جي ڄڃ ۾ ڪوئو

شينهن جي ڄڃ ۾ هڪ ڪوئو نچي رهيو هو. ڀرسان ئي ناچ ڪندڙ شينهن ڪوئي کان پڇيو ته شينهن جي ڄڃ ۾ تون ڪهڙي چڪر ۾ ناچ ڪري رهيو آهين. ڪوئي سيني تي زور سان هٿ هڻندي چيو ته، هي منهنجي ڀاءُ جي شادي آهي. پر تون ڪوئو ۽ هي شينهن، پوءِ گهوٽ تنهنجو ڀاءُ ڪيئن ٿيو. تڏهن ڪوئي رازداريءَ مان کيس ٻڌايو ته شاديءَ کان پهرين مان به شينهن هوس.

متان چال انونڌي نه ٿي پوي

اڄڪلهه هن ملڪ ۾ سياسي چالون زورن تي آهن. پر چالون هلڻ وارن سان مسئلو اهو ٿي سگهي ٿو ته متان انهن جي ڪا چال انونڌي نه ٿي پوي. ڇو جوڪڏهن ڪڏهن چال هلڻ وارا خود پاڻ به پنهنجي چال جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهندا آهن.

خدا خير ڪري

 

بخار جي امير جڏهن بخارا کي رڳو سٺ هزار روبلن ۾ روسين کي وڪڻي ڇڏيو ته روسين کي ڏاڍي حيرت لڳي هئي. پر پوءِ کين، ڪنهن اهو ٻڌائي سندن حيرت ختم ڪئي هئي ته بخارا جي امير کي سٺ هزارن کان مٿي ڳڻڻ ئي نٿو اچي. سنڌ جي جڙتو ڀوتارن کي الائي ڪهڙي انگ تائين ڳڻپ اچي ٿي؟ خدا خير ڪري

.

 

هن ملڪ ۾ آفيسر عهدن کان وڏا ٿين ٿا ۽ هتي سربراه ادارن جا نه بلڪي ادارا سربراهن جا محتاج ٿين ٿا.

 

عزت ته اهي اڳي ئي وڪڻي چڪا هئا

مالي مشڪلاتن جي سبب هن ملڪ جي حڪمرانن کي گهڻو ڪجهه وڪڻڻو پيو آهي. عزت ته اهي اڳي ئي وڪڻي چڪا هئا. باقي سنڌ جا ٻه ٻيٽ بچيل هئا، سي به هاڻي اهي وڪڻڻ جي چڪر ۾ آهن.

مذاق ئي مذاق ۾

تازو هڪ دوست سان ملاقات ٿي. جنهن ۾ ان دوست چيو ته آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ۽ هٽلر ۾ ڪو به فرق ناهي. مون کيس مذاق مان وراڻيو ته نه ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. ڇالاءِ جو هٽلر جو پيءُ بش جي پيءَ وانگر هٿيارن جو واپاري (سپلائر) ڪونه هو.

عورت آزاد

arma.jpg

تحرير: مسز ارمغان سومرو

عورتن سان امتيازي ۽ ناانصافيءَ وارو سلوڪ ۽ معاشري ۾ ان جي گهٽ حيثيت اصل ۾ مردن جي طبقاتي معاشري جو هڪ عالمي مظهر آهي. نه رڳو پاڪستان بلڪي سڄي ننڍي کنڊ ۾ عورتن سان انتهائي خراب سلوڪ روا رکيو ٿو وڃي. خاص طور تي هاڻ ته اسان جي معاشري جي ڊرگ مافيا طرفان ڊرگز ۽ معاشري جي ٻين خرابين تان نظر هٽائڻ لاءِ اهي پنهنجي پگهاردار مولوي صاحبن جي ذريعي عوام کي عورتن جي خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن. جڏهن ته اسلام ۾ عورتن جي باري ۾ اهو تصور ڪڏهن به نه رهيو آهي ته اهي رڳو گهر جو ڪم ڪنديون ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ تي بندش هوندي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جا نالي ماتر ڄاڻ رکندڙ مولوي صاحبان اسلام جي انهن ناياب ۽ سونهري اصولن کي وساري ويهن ٿا، جن مطابق:

۱. عورت ۽ مرد تي علم حاصل ڪرڻ فرض آهي.

۲. علم حاصل ڪيو ڀلي ان لاءِ اوهان کي چين به وڃڻو پوي.

مٿي بيان ڪيل ٻنهي حديثن ۾ عورتن ۽ مردن ۾ ڪو به فرق ڪيل نه آهي ۽ نه ئي اهو بيان ڪيل آهي ته ڪو مرد علم لاءِ چين وڃي ۽ عورت نه.

۳. علم حاصل ڪيو ، ڄمڻ کان مرڻ گهڙيءَ تائين.

(more…)

انسانيت کان اڳ جي سوسائٽي

تحرير: فياض سومرو

)نوٽ: منهنجو هي مضمون آچر ۱۲ مارچ ۱۹۹۶ع تي انسانيت کان اڳ جي سوسائٽيءَ جي عنوان روزآني ڪاوش ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ساڳي ئي ڪالم کي مان وري هتي ٿورڙي تصيح سان ٻيهر شايع ڪري رهيو آهيان(

اربع ۱۲ مارچ ۱۹۹۶ع تي مظهر لغاريءَ جو اختيار بانو جي دردناڪ قتل جي باري ۾ (هيءُ سڏڪو جنگي ڌن بڻجڻ گهرجي) جي عنوان سان ڪالم پڙهيم. سچ پچ ته اکين مان بي اختيار ڳوڙها وهي آيا ۽ جذبات تي قابو نه رکي سگهيس.

مون کي اڄ به ياد آهي ته منهنجو هڪ دوست، جڏهن سندس ڳوٺ شهداد ڪوٽ مان موٽيو هو ته تمام گهڻو ڏکارو هو. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو هئائين ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي الزام ۾ هڪ عورت کي قتل ڪيو ويو آهي. نه رڳو ان عورت کي قتل ڪيو ويو بلڪي سندس سسي سان گڏوگڏسندس ٻانهن ۽ ٽنگن کي به وڍي هڪ ڍير تي اڇلايو ويو. گندگيءَ تي ماڪوڙا صبح تائين ان عورت جو لاش پٽيندا رهيا ۽ پوءِ عورتن جي مظلوميت جو داستان ٻدائندي چيو هئائين ته جڏهن صبح جو عورتون پار ڪڍي روئي رهيون هيون ته مون کين اهو به چوندي ٻڌو هو ته جڏهن مردن وٽ بندوق آهي ته پوءِ آخر اهي عورتن کي ڪهاڙين سان ڇو ٿا مارين. يعني اهي ويچاريون مردن جي هن سماج ۾ مردن طرفان کين مارڻ کان ته انڪار ئي ڪونه ڪن ٿيون. پر صرف اها التجا ڪري رهيون هيون ته ماريو ٿا ته ڀلي ماريو، پر ايڏو ظلم ته نه ڪيو. پوءِ ستت ئي ان دوست جو ڪراچي وڃڻ ٿيو، جتي سندس ملاقات فقير محمد لاشاريءَ سان ٿي. جنهن کانپوءِ شايد ف. م. لاشاري به پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيو ۽ پوءِ مرحوم لاشاري صاحب (غيرت جو بي غيرت تصور) جي عنوان سان پنهنجو شاهڪار ايڊيٽوريل لکي سنڌي سماج تي ٺٺول ڪئي هئي.

(more…)

او ڊانسنگ ليڊي جي مان ڀليو ناهيان

]مونکي اهو ته ياد ناهي ته منهنجو هي نثري نظم پهريون دفعو ڪهڙي سال ۾ شايع ٿيو هو. شايد ۱۹۸۴ ع يا ۱۹۸۵ ع جو سال هو جڏهن اهو روزآني عبرت ۾ شايع ٿيو هو. پر جيئن ته اهو هڪ ڪاغذ جي ٽُڪري تي منهنجي هٿ لکيل صورت ۾ خوشقسمتيءَ سان ضايع ٿيڻ کان بچي ويو هو. تهنڪري طبقاتي جدوجهد جي دوستن ان کي طبقاطي جدجهد (سنڌي ايڊيشن) ۾ ڊسمبر ۱۹۹۶ ع ۾ او ناچڻي جي عنوان سان ٻيهر شايع ڪيو هو[.

(more…)

 

هڪ وضاحت

هڪ دوست ايميل ڪري مون کان ڄاڻڻ چاهيو آهي ته ڪئناڊا مان ويهي سنڌيءَ ۾ بلاگنگ ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا مون لاءِ انگريزيءَ ۾ بلاگنگ ڪافي نه هئي؟ ان دوست کي ايترو ئي عرض ڪري سگهان ٿو ته مان توڻي جو سنڌ ڌرتيءَ کان ڪٽجي ڪئناڊا ۾ رهي رهيو آهيان، پر پوءِ به سپنا پنهنجي ئي ڌرتيءَ جا ڏسندوآهيان. منهنجون پاڙون هن ئي ڌرتيءَ ۾ کُتل آهن. جيئڻ لاءِ مون کي وري وري ان ڌرتيءَ ڏانهن موٽڻو پوي ٿو، جنهن جو نالو سنڌ آهي.

 

 

گند کي گلقند ڪري پيش ڪو نه ڪريون ٿا

انڊس ايشيا جي صحافت ۽ انداز تحرير پنهنجو آهي. اها اهو ئي ڪجهه شايع ڪري ٿي، جيڪو معاشري ۾ وهي واپري رهيو آهي. نوسرباز، فراڊ، رشوت خور ۽ ضمير فروش وري سفيد پوش بڻجي اسان کي هر وقت ڏنگي رهيا آهن. توڻي جو معاشري جي ضمير فروشن جي اصل صورت ۽ سيرت ڏيکارڻ جا وسيلا ته انڊس ايشيا بلاگ وٽ ڪو نه آهن، پر انڊس ايشيا توهان سان ايترو واعدو ضرور ڪري ٿي ته اها گند کي گند ئي لکندي ۽ گند کي گلقند ڪري پيش ڪونه ڪندي.

 

ڪجهه ملا عمر جي باري ۾

ملا عمر فرمايو آهي ته اسانجو جهاد عظيم آخري فتح تائين جاري رهندو. ملا عمر جيڪو اسامه لادن جو ناٺي پڻ آهي، چڱن ڏينهن ۾ شاديون رچائندو رهيو. سندس سهري جو به محبوب مشغلو آرام آسائش ۽ نڪاح ڪاري هو. هن به سٺن ڏينهن ۾ دل ڀري اسلام جو اميج مسخ ڪيو. ملا عمر پنهنجي ئي هم وطن افغانن کي قتل ڪندو رهيو. هم وطنن کي نئين کان نيون سزائون ڏيڻ لاءِ عجيب عجيب سزائون ايجاد ڪيائين. مجبور ۽ لاچار بيواهن کي رڳو ان ڪري علاج لاءِ اسپتال تائين به وڃڻ جو اجازت ڪونه هئي، ڇالاءِ جو ساڻن ڪو محرم گڏ ڪونه هوندو هو. هاڻ انهن ويچارين جي گهر ۾ ڪو محرم بچيو هجي ها ته پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ها. غلط پاليسين سبب افغانستان کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ستن سالن جي حڪومت دؤران مليل وقت ضايع ڪري ڇڏيائين. نه تياري ڪيائين، نه پنهنجي فوجن جي تربيت ڪيائين ۽ نه ئي گهوڙا تيار ڪيا. پنهجي احمقاڻي طرز عمل سان افغانستان کي باقي دنيا کان ئي ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيائين. جڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته نه رڳو پاڻ سان افغانستان جا اربين ڊالر کڻي فرار ٿي ويو، بلڪي ڪوئن وانگر غارن ۾ پڻ لڪي ويو.

 

لطيفو

ڊاڪٽر ڪمپائونڊر کان پڇيو ته، آڄ ڪلينڪ ۾ ڪيترا مريض مئا؟

ڪمپائونڊر: ڏهه

ڊاڪٽر: پر مون ته يارنهن مريضن کي دوا ڏني هئي!

ڪمپائونڊر: سائين، هڪ مريض دوا پيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

جهاد سان هني مُون

هڪ رپورٽ موجب ٻه سال اڳ جهادي تنظيم لشڪر طيبه جي سربراه حافظ سعيد احمد هڪ بيوه سان ٻي شادي ڪئي هئي ۽ هني مُون ملهائڻ لاءِ ڪوهه مري به ويو هو. لشڪر طيبه جي ذريعن مولانا جي ٻئي شادي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته مولانا جي ٻي زال ڪشمير ۾ شهيد ٿيل مجاهد جي آهي.

 

سماجي انصاف کانسواءِ توهم پرستيءَ جو خاتمو مشڪل آهي.

تحرير: فياض سومرو.

پيري مريدي ۽ توهم پرستيءَ جي نفسيات تي غور ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ان جو زور ڇو آهي؟ چوڻ جو مطلب اهو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾تعليم، قانون ، انصاف هجي ته پوءِ ان ملڪ جي ماڻهن کي هروڀورو غير قانوني سهارا ڳولهڻ جي ضرورت ئي پيش نٿي اچي. پر جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ قانون ئي نه هجي ۽ جيڪڏهن هجي به ته، اهو وري امير ۽ غريب جي لاءِ الڳ الڳ هجي، مائٽ از رائٽ يعني ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا يا جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڳالهه هجي ته پوءِ ان معاشري مان ڪنهن گڏيل چڱائي يا سماجي انصاف جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي.

قانون جو جڏهن جائزو وٺون ٿا، ته پوءِ اسان کي ٿلي ليکي ٽن قسمن جا قانون نظر اچن ٿا.

(more…)

 

ٻيلهه سواري

هڪ ڳوٺ ۾ هڪ صوبيدار جي ڪافي عرصي کان ڊيوٽي لڳل هئي. اهو ڳوٺ ۾ ڪافي مشهور هو، ڇالاءِ جو اهو تقريبن سڀني ئي ڳوٺاڻن کي ٿاڻي جي سير ڪرائي چڪو هو. پر هاڻي هن جي ٽرانسفر جو آرڊر اچي چڪو هو ۽ اهو ڳوٺ مان چارج ڇڏي ئي رهيو هو ته کيس اوچتو ياد آيو ته ڳوٺ جي مسجد جو مولوي صاحب ته منهنجي گرفت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو نه آيو آهي. ان ڪري هن چارج پوءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مسجد طرف روانو ٿي ويو. اتفاق سان مولوي صاحب موٽر سائيڪل تي سامهون کان ئي اچي رهيو هو. صوبيدار آڙ وٺي بيهي رهيو ۽ جيئن ئي مولوي صاحب ويجهو پهتو ته صوبيدار هڪدم ٽپو ڏيئي آڏو اچي ويو ته جيئن موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب مولوي صاحب کي غير محطاط ڊرائيونگ ۾ گرفتار ڪري سگهي.

 

پر خوشقسمتيءَ سان مولويءَ بروقت بريڪ هڻي ٽڪر ٿيڻ کان بچائي ورتو.

 

مون کي افسوس آهي مولوي صاحب، مان علائقي جي هر فرد کي حوالتن ۾ بند ڪري چڪو آهيان، پر تون واحد انسان آهين جيڪو مون کان بچي ويو آهين.

 

صوبيدار جي ان ڳالهه تي مولوي صاحب مسڪرايو ۽ وراڻيائين ته ڇا توهان ان جو سبب ڄاڻو ٿا، نه صوبيدار وراڻيو.

 

اصل ۾ ان جو سبب هي آهي ته خدا تعالي مون سان هر وقت گڏ هوندو آهي. مولويءَ انقشاف واري انداز ۾ ٻڌايو.

 

ڇا خدا تعالي هن وقت به توهان سان گڏ آهي، صوبيدار تصديق ڪرڻ واري انداز ۾ پڇيو.

 

بيشڪ مولوي صاحب فخر مان ڪنڌ ”ها“ ۾ ڌوڻيو.

تڏهن صوبيدار مولوي صاحب کي چيو ته خدا مون کي به ڪڏهن مايوس نه ڪيو آهي. هاڻ مان توکي ٻيلهه سواري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيان ٿو، ڇالاءِ جو ڊبل سواري تي حڪومت طرفان بندش پيل آهي

 

 

سنڌ کي مورڙي جي دانشمنداڻي حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي

تحرير: فياض سومرو

منهنجو هي مضمون پندرنهن روزه رسالي طبقاتي جدوجهد ۾ 15 ڊسمبر 1994 ع کان 15 جنوري 1995ع تائين ”ڪراچي: فصيل جسم په تازه لهو ڪي ڇينٽي“ جي عنوان سان ٽن قسطن جي صورت ۾ لاهور مان اردو ۾شايع ٿيو هو. جيئن ته مضمون جي اهميت اڃان تائين برقرار آهي ان ڪري مان ساڳي مضمون کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿورڙي تصيح سان ”سنڌ کي مورڙي جي دانشمنداڻي حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي“ جي عنوان سان هتي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“

اَ ڄ پاڻ سنڌ تي گفتگوءَ جو آغاز ننڍي کنڊ جي تمام مشهور مذهبي ۽ تاريخي داستان سان ڪريون ٿا: جڏهن ٻن ڀائرن، ڪَروُ ۽ پانڊوءَ ۾ خانه جنگي شروع ٿي، تڏهن ارجن پنهنجي ڪمان کڻندي ڪرشنا کي چيو هو ته، منهنجي رٿ ٻنهي لشڪرن جي وچم بيهاري وڃي ته جيئن مان فيصلو ڪري سگهان ته مونکي ڪنهنجو جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ان کانپوءِ ارجن چيو ته، مان نٿو ڄاڻان ٻنهي مان ڪير بهتر آهي. مون کي هِنن کي زير ڪرڻ گهرجي يا هُنن کي. ان کانپوءِ ارجن پنهنجي ڌنش کي ٽوڙي ڇڏيو هو.

اَڄ سائنس اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته ڪا به شئي ساڪت ڪو نه آهي. جئين پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ شروع ڪيون ٿا ته اهو هڪدم اُٻرڻ شروع ڪونه ٿي وڃي ٿو، بلڪه آهستي آهستي گرم ٿيندي، آخرڪار ۱۰۰ ڊگري سينٽي گريڊ تي اٻرڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌ جو مسئلو به اهو ئي آهي. ماڻهن جا تمام گهڻا مسئلا آهستي آهستي گڏ ٿيندا رهن ٿا ۽ پوءِ نيٺ اهي ڦاٽڻ شروع ٿين ٿا. جيئن ته بدقسمتيءَ سان سنڌ جي حيثيت هن وقت نڌڻڪي آهي. جنهنکي پاڪستان جي پاور ڪاريڊورز ۾ نه ته ڪا حقيقي شراڪتداري مليل آهي ۽ نه ئي ڪا حقيقي ۽ پاپولر قيادت ميسر آهي. تنهنڪري سنڌ جا ماڻهو اڪثر بلڪ مجبورن پنهنجو پاڻ کي زندگي ۾ آيل زهريلين تبديلين سان ايڊجسٽ ڪندا رهن ٿا.

سنڌ ۽ سنڌين سان توڻي جو هر روز ظلم ۽ ڏاڍ ٿيندو رهي ٿو. مطلب ته هر روز جو ظلم ۽ ڏاڍ برداشت ڪندڙ سنڌ ڄڻڪ ته هن وقت پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍائين ۽ ذلتن جو احساس ئي ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. مطلب اهو ته سنڌ جي اڄوڪي صورتحال ڪا اوچتي، حادثاتي، اتفاقي ۽ معجزاتي طور تي اائين پنهنجو پاڻ ڪونه ٿي ويئي آهي، بلڪي ان جي پسمنظر ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان تسلسل سان ٿيل جٺيون آهن. ائين مختلف سبب ۽ واقعا هڪ خاص نَقطي تي پهچڻ کانپوءِ مخصوص شڪل ۾ نمودار ٿين ٿا.

(more…)

 

 

تنهنڪري فيصلو واپس ورتو ويو!

هڪ دفعي ارشاد احمد حقاني جي ڪالم (جنگ) ۾ سابق بيوروڪريٽ مسعود مفتيءَ لکيو هو ته: اڻوينهن سئو ستهٺ ، 1967ع ۾ حڪومت پاڪستان جنگلي سئورن جي خلاف اهو چئي هڪ مهم شروع ڪئي هئي،ڇو جو جنگلي سئور تيار ۽ بيٺل فصلن کي نقصان پهچائين ٿا. تنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو شڪاري جنگلي سئور جو پُڇ پيش ڪندو، ان کي ڏهه رپيا ملندا. شڪارين آفيسرشاهيءَ سان ملي ڀڳت ڪري ساڳي ئي پُڇ کي هر هر وڪڻڻ شروع ڪري ڏنو. تنهنڪري فيصلو ٿيو ته، ڇو نه سئورن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ڪري قيمتي زرمبادلو ڪمايو وڃي. پر ملڪ جي اسلامي ٺيڪيدارن اهو چئي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ته اها حرام جي ڪمائي ٿيندي. تنهنڪري فيصلو واپس ورتو ويو.

 

 

 

سنڌ جي وسيع مفاد ۾ پهل ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي؟

تحرير فياض سومرو

منهنجو هي مضمون به پندرنهن روزه رسالي طبقاتي جدوجهد ۾ ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۹۴ ع کان ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۹۴ع تائين ”سنڌ ۾ نسلي اور قومي مسئلي ڪا اڀار. ايڪ جائزه “جي عنوان سان لاهور مان اردو ۾شايع ٿيو هو. هتي مان ساڳي مضمون کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿورڙي تصيح سان، ”سنڌ جي وسيع مفاد ۾ پهل ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي“ جي عنوان سان اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.

ڪجهه عرصي کان سنڌ جي تقسيم جي حوالي کان بحث تمام گهڻي شدت اختيار ڪري ويو آهي. ان بحث جو اصل محرڪ الطاف حسين جو تازو ڏنل بيان آهي، جنهن ۾ هن مهاجر صوبي جي لاءِ راءِ گهري آهي. جنهن ۾ هن مهاجر صوبي کي مهاجرن جي مسئلن جو حل قرار ڏنو آهي. ته ساڳي ئي وقت ٻئي طرف سنڌ جا مختلف سياسي حلقا سندس بيان جي شديد مذمت ڪندي، ان بيان کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏيئي رهيا آهن.

(more…)

اي خدا تون هيٺ لهي آ، پنهنجن تي نشان هڻي وڃ

هڪ رپورٽ موجب مائڪرو سافٽ جو مالڪ بل گيٽس هر سيڪنڊ ۾ ۵۰۰ ڊالر ڪمائي رهيو آهي. هاڻي ۵۰۰ کي ۶۰ سان ضرب ڪنداسين ته هڪ منٽ جي ڪمائي ٺهندي ۽ وري ۶۰ سان ضرب ڪرڻ سان هڪ ڪلاڪ جي ۽ اهڙي ريت هڪ ڪلاڪ جي ڪمائيءَ کي ۲۴ سان ضرب ڪرڻ سان اسين سندس هڪ ڏينهن جي ڪمائي جو ڪاٿو لڳائي سگهون ٿا. هاڻ توهان پاڻ ئي اندازو لڳاليو ته هڪ مهيني ۾ بل گيٽس ڪيترو ڪمائيندو هوندو. ان رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هو رات جو سمهڻ کان وٺي صبح جو اٿڻ تائين، اڳي کان ٻه ڪروڙ سٺ لک ڊالرن جي حساب سان وڌيڪ امير ٿي رهيو آهي.

 

جوزف اسٽالن جو پُٽ

ٻي عالمگير جنگ دؤران جورف اسٽالن جي پُٽ جيڪ کي جرمنيءَ جي فوج جنگ ۾ مقابلي دؤران گرفتار ڪري قيدي بنائي ورتو. اسٽالن جنگي قيدين جي تبادلي جي تجويز ٺڪرائي ڇڏي. جنهن جي ڪري جيڪ جرمنيءَ جي جيل ۾ ئي موت جو شڪار ٿي ويو.

تعليم دماغ جي ورزش ۽ غذا آهي

ڪڏهن ۽ ڪٿي پڙهيو هئم اهو ته ياد ڪونهي پر ايترو ياد پويم ٿو ته ڪنهن برطانوي سائيڪالوجيءَ جي پروفيسر چيو هو ته، جيڪڏهن ڪنهن قوم تي حڪومت ڪرڻي آهي ته پوءِ ڪوشش ڪري ان قوم کي تعليم کان پري رکو، ڇاڪاڻ جو تعليم دماغ جي ورزش ۽ غذا آهي. جيڪڏهن دماغن کي ورزش ۽ غذا ملندي رهي ته پوءِ انهن تي حڪومت ڪرڻ ناممڪن آهي.

هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي

هڪ بااختيار سرڪاري عملدار جي گهران چوري ٿي وئي. جنهن ڪري سڄي انتظامي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي. پوليس وارن جون ڊوڙو لڳي ويون. علائقي جي اي ايس پي وري صوبيدار کي کڙڪايو. ايس ايڇ او کي هاڻ سندس بيلٽ چيلهه ۾ پاتل هئڻ جي بجاءِ کيس ڳچي ۾ سوڙهو ٿيندي محسوس ٿيڻ لڳو. تنهنڪري سندس بي انتها پڙتين سبب ٿاڻو جلدي ئي حوالاتين سان ڀرجي ڦوڪڻي جو ڏيک ڏيڻ لڳو

ان دؤران کيس اها منحوس خبر ملي ته وڏي سرڪاري عملدار جي گهر ڪا به چوري جي واردات ڪو نه ٿي آهي، بلڪي غلط فهمي هئي ۽ سڀ سامان گهر ۾ ئي موجود آهي.

تڏهن اي ايس پي جلدي ئي ايس ايڇ او کي فون ڪري چيو ته، توهان جي ڪارگذارين جي مهرباني، وڏي صاحب کي سامان ملي ويو آهي.

اهو ٻڌي، ايس ايڇ او صاحب کي وراڻيو ته سائين هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي، ڇالاءِ جو صبح کان هن وقت تائين ڏهه ڄڻا ان چوريءَ جو اقرار جرم ڪري چڪا آهن