سنڌين جو سنسار
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه
تحرير: فياض سومرو
ان ڏينهن چوڌري افضل، جيڪو اصل ته فيصل آباد واري پاسي جو آهي، ڪئناڊا ۾ گذريل 25 سالن کان مقيم آهي. تنهن سان جڏهن ملاقات ٿي ته مون کيس ورلڊ سنڌي انسٽيٽوٽ WSI جي ٽورانٽو ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ اچڻ لاءِ چيو، ته شڪايت واري لهجي ۾ وراڻيائين ته، ”ان سيمينار ۾ منهنجي شرڪت ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. ڇو جو مون کي خبر آهي ته سنڌي ڏاڍا قوم پرست آهن، ە انهن جي هر ڪانفرنس، سيمينار، ميٽنگ يا ڳالهه ٻولهه هروڀرو پنجاب جي مخالفت تي اچي ختم ٿئي ٿي.“ مون کيس چيو ته، ”اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، ڇو جو ان سيمينار ۾ ڊاڪٽر حسن گرديزي، جيڪو اصل ميانوالي (پنجاب) جو آهي. جنهن جي نه رڳو سوشيالوجي ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ٿيل آهي، بلڪ پاڻ پنجاب يونيورسٽيءَ جي سوشيالوجي ڊپارٽمينٽ جو اڳوڻو هيڊ به رهي چڪو آهي، سو نه رڳو خاص مقررن ۾ شامل آهي بلڪه اهو ”سنڌ ۽ عالمي امن“ جي موضوع تي سيمينار ۾ ليڪچر پڻ ڏيندو، گهٽ ۾ گهٽ ڊبليو ايس اَءِ جي دعوت نامي ۾ ته اهو ئي لکيل آهي، جيڪو مون کي WSI جي ڪوآررڊينيٽر دليپ رتناڻي ڏنو هو.“ چوڌري افضل، جيڪو ذاتي طور تي انتهائي همدرد انسان آهي، سو منهنجو اهو بيان ٻڌي صفا ٿڌو ٿي ويو ۽ وراڻيائين ته: ”اصل ڳالهه اها آهي ته ان ڏهاڙي منهنجي ڊيوٽي آهي، نه ته واقعي به ٻي ڪا ڳالهه ناهي.“
اها حقيقت آهي ته ڪئناڊا جي چال، ڍال، حال ۽ احوال ئي منفرد آهن. هي نه رڳو نارٿ آمريڪا جو انتهائي حسين ۽ جميل خطو آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو به سچ آهي ته اتي ماڻهو روزي روٽيءَ جي چڪر ۾ ايڏا ته مصروف آهن جو چوڌري افضل وانگر اڪثر ماڻهن کي سالن کان پوءِ ٿيندڙ هڪ اڌ سيمينار يا ميٽنگ وغيره ۾ شرڪت ڪرڻ جي به فرصت ڪا نه ٿي ملي!
ڪئناڊا ۾ اڄ ڏاينهن تائين سنڌين جي ٿيل سيمينارن ۾ WSI جو هي سيمينار پڻ ڪافي سٺو هو. جنهن ۾ سٺي تعداد ۾ سنڌين شرڪت ڪئي. ان سيمينار کي ڊاڪٽر لوئس فليم، جيڪو سٽي يونيورسٽي آف نيويارڪ جي ليهمين ڪاليج ۾ پروفيسر آهي. مسز لتا پارواڻي، جيڪا نه رڳو هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ پڙهائيندي آهي بلڪ ان سان گڏوگڏ اها اتي پاڻ پڙهندي به آهي. ڊاڪٽر حسن گرديزي، جنهن جي پڻ واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ ٿيل آهي، ڊاڪٽر حيدر ڪي نظاماڻي، جيڪو برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي، ڪئناڊا ۾ پڙهائيندو آهي ۽ مسٽر ديپڪ مهرچنداڻي پڻ خطاب ڪيو.
ديپڪ مهرچنداڻي جيتوڻيڪ سنڌ ڏٺي ناهي پر کيس ورثي ۾ والدين کان سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جيڪا محبت ملي آهي، سا اڄ ڏينهن تائين اهو سانڍيندو پيو اَچي. ديپڪ پنهنجو تعلق حيدرآباد سان ڳنڍي ٿو، ان ڪري جو ورهاڱي کان اڳ سندس وڏڙا اتي ئي رهندا هئا. توڻي جو پاڻ سنڌ اکين سان ڏٺي ته نه اٿس، پر سندس سنڌ سان جذباتي تعلق ان ڳالهه مان ئي ظاهر آهي ته پاڻ سنڌي ڪلچرل ايسوسيئيشن آف ٽورانٽو جو لڳاتار 2 سال صدر رهي چڪو آهي. …..
ڊاڪٽر حسن گرديزيءَ سان مون کي پاڻ به ملڻ جو اشتياق هو ۽ هن سيمينار ته پاڻ مون کي موقعو فراهم ڪري ڏنو. اصل ۾ ڊاڪٽر گرديزي جو تعلق به مرحوم اقبال احمد خان (ڊان اخبار جو ڪالم نويس)، ۽ فلسطيني حقن لاءِ پتوڙيندڙ مرحوم ايڊورڊ سعيد وارن جي قبيلي سان ئي آهي. ڊاڪٽر حسن سان ڪچهري دؤران سندس آمريڪن زال روزلي سان پڻ ملاقات جو موقعو مليو. روزليءَ ٻڌايو ته ڊاڪٽر گرديزيءَ سان سندس شادي نومبر 1961ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي ۽ پاڻ 1978ع ۾ افعانستان ۾ انقلاب جي حمايت ڪئي هئائين. اهو به ٻڌايائين ته پاڻ هاڻوڪي آمريڪي صدر (جارج واڪر بش) جي پاليسين کان سخت نفرت ڪري ٿي.
روزليءَ سان اڃا ڪچهري هلي ئي رهي هئي جو ان دؤران سيمينار جو آغاز ڪندي سهيل انصاريءَ سڀني کي ڀليڪار چئي، WSI جي صدر زاهد مخدوم کي آجياڻي جي تقرير لاءِ سڏيو. زاهد مخدوم، ڪئناڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا ۾ جج آهي. … زاهد مخدوم پنهنجي تقرير ۾ زور ڀريو ته نارٿ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي، جن کي هتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي معاشرن طرفان مڪمل انساني ۽ جمهوري آزاديون حاصل آهن، اهي سنڌ ۾ انساني حقن جي حاصلات لاءِ اڳتي وڌن. ڊاڪٽر حيدر ڪي نظاماڻي، جيڪو يونيورسٽي آف برٽش ڪولمبيا USB ۾ پڙهائيندو آهي، تنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته انٽرنيٽ سبب وينڪوور، ڪئناڊا جي هر وقت مينهوڳي موسم ۾ رهندي به هزارين ميل پري چاليهه سينٽي گريڊ ٽيمپريچر ۾ تپندڙ ۽ پاڻيءَ لاءِ واجهائيندڙ سنڌ جي تازين خبرن کي هر زوز ڪاوش ۾ پڙهڻ جو موقعو ميسر ٿي سگهيو آهي.
آمريڪا مان آيل سانا جي خالد هاشماڻيءَ چيو ته سنڌ مان اڪثر اسان کان سوال ڪيو ٿو وڃي ته آخر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ سنڌي وسيلا هوندي به سنڌ جي مسئلن تي آواز ڇو نٿا اٿارين؟ نه رڳو اهو بلڪ سيمينار ۾ چانهه جي وقفي دؤران آمريڪا مان آيل ڪجهه شرڪت ڪندڙن، ڪجهه عرصو اڳ ڪاوش ۾ منهنجي شايع ٿيل ڪالم ”چين جي متوازن پاليسي ۽ آمريڪي نظام جو زوال“ تي پڻ سوال اٿاريا ۽ چيو ته اهو چين نه پر آمريڪا آهي، جيڪو سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڇڪڙين خلاف سنڌين جو ساٿ ڏيئي ٿو. انهن اهو به چيو ته آمريڪا جي اجايو مخالفت ڪرڻ مان سنڌ کي فائدو گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ آهي. ڇو جو بهرحال هن وقت دنيا سياسي طور تي باءِ پولر نه بلڪ يوني پولر آهي ۽ آمريڪا ان جو سپر پاور ملڪ آهي. مسز لتا پارواڻيءَ چيو ته سنڌ ۾ صوفي تحريڪ ڪا محدود تحريڪ نه رهي آهي، بلڪ ان تي اسلامي ۽ ڀڳتي تحريڪ ٻنهي جا اثر آهن. تنهن ڪري اها مختلف مذهبن ۽ فرقن جي ماڻهن کي ورهائي ۽ ويڙهائي نٿي، بلڪه پاڻ ۾ ملائي ۽ ڳنڍي ٿي. مسز پارواڻيءَ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ”صوفي لاڪوفي“ واري سنڌ اڄ اسان جي اکين آڏو غائب ٿيندي پئي وڃي.
آخر ۾ سوالن جوابن واري سيشن دؤران انگلينڊ مان آيل بدر سومري سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي مستقبل جي حوالي سان سوال پڇيو. ان دؤران سنڌي ٻوليءَ جي آڏو رڪاوٽن، ترقي ۽ واڌاري لاءِ پيش ٿيندڙ تجويزن تي بحث ٿيندو رهيو. انهن تجويزن مان هڪ تجويز اها به آئي ته سنڌيءَ جي چينل ڪي ٽي اين جي طرز تي نارٿ آمريڪا ۾ پڻ سنڌيءَ جو هڪ ٻيو چينل کولڻ لاءِ ڪوششن جو آغاز ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي هند ۽ مڊل ايسٽ مان آيل سنڌين تي مشتمل سنڌي ڪلچرل ايسوسيئيشن آف ٽورانٽو جي صدر مسز رجني لالا ان عزم جو اظهار ڪيو ته هاڻ اسان سڀئي کي گڏجي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. تنهن کانپوءِ رات دير تائين گريٽر ٽورانٽو ايريا GTA ۾ رهندڙ لوڪل سنڌي ٽيلينٽ طرفان راڳ رنگ جي سجايل محفل هلندي رهي.
]نوٽ: منهنجو هي مضمون روزآني ڪاوش ۾ ”۽ جڏهن ڪئناڊا ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو ذڪر ڇڙي پيو“ جي عنوان سان 18 جون 2004ع تي شايع ٿيو هو. تنهن کي هتي ”واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه“ جي عنوان سان ٻيهر شايع ڪري رهيو آهيان[.
Date of re-production of above article is 2007-09-12
..´¯`..¸¸..´¯`..¸¸.><((((º> ..´¯`..¸¸..¸¸. ><((((º>
¯`..¸¸.><((((º > ¯`..¸¸.><((((º>¯`..¸¸.
><((((º>>……….<((((º>¯`..¸¸. ><((((º>
سانا 22 ڪنوينشن جي باري ۾
تحرير: فياض سومرو ڪئناڊا
ڏور سنڌ کان ڏور هڪ خوابن جي ڌرتي آهي، جنهن کي ماڻهو ڪئناڊا چون ٿا. جتي سک، امن ۽ محبت جي ذرخيزي ئي ذرخيزي آهي. ڪئناڊا فرسٽ ڪلاس دنيا جو فرسٽ ڪلاس ملڪ آهي. ڪئناڊا کي توهان ڪهڙي به رخ کان ڏسدؤ، اهو توهان کي خوب کان خوب تر ئي نظر ايندو. اهي ئي سبب آهن جو ڪئناڊا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ اَچي ڪئناڊا کي پنهنجو ٻيو وطن ٺاهيو آهي. ڪئناڊا ۾ رهندڙ سنڌين جي گفتگوءَ مان اڪثر ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻڪ سندن دل اُتي سنڌ ۾ ئي اٽڪيل آهي. نارٿ آمريڪا، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ڪئناڊا اچي وڃن ٿا ۾ رهندڙ سنڌين جي وطن سان محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن کانئن پڇيو وڃي ته ڪن به ٽن شين جا نالا ٻڌايو جن سان کين تمام گهڻي محبت آهي ته پوءِ اهي پڪ سان ٽئي دفعاچوندا: سنڌ، سنڌ ۽ سنڌ.
ڪئناڊا جي شهر ٽورانٽو کي جيڪڏهن مني ورلڊ چئون ته غلط نه ٿيندو. شايد جانورن جي باغ ۾ ايترا رنگ به رنگي جانور ۽ پکي نه هوندا، جيترن رنگن، نسلن، ٻولين ۽ قومن جا ماڻهو هتي ٽورانتو ۾ رهن ٿا.
ان ئي ٽورانٽو جي خوبصورت شهر ۾ سنڌي ايسوسيئسش آف نارٿ آمريڪا، سانا، جو ۲۲ ساليانو ڪنوينشن، هتان جي مشهور ميرٽ هوٽل جيڪا ٽورانٽو جي بين الاقومي هوائي اڏي جي بلڪل ويجهو ئي آهي ۾ ڪئناڊا جي انتهائي مختصر اونهاري جي پرفضا ڏينهن دؤران جولاءِ ۲۰۰۶ع ۾ ٿي گذريو آهي.
هر گهڙيءَ جي پنهنجي اهميت آهي، هر پل جو پنهنجو رڌم آهي، هر لمحي جي پنهنجي قيمت آهي. هر ويندڙ لمحو ۽ هر گذرندڙ گهڙي اسان کي هر روز ٻڌائي رهي آهي ته اڃا به وقت اَٿو!!
اسان مان ڀلي گهڻا ئي ساٿي سچابه آهن، پر جيڪڏهن اهي وقت جي پڪار کي سمجهي صحيح وقت تي لبيڪ نٿا چون ته پوءِ انهن جي سچائي سنڌ ۽ سانا لاءِ ڪنهن به ڪم جي ناهي.
اها سانا جي خوشنصيبي چئجي ته نه رڳو سانا ٽورانٽو جي اڳوڻي قيادت سنڌ سان پريت رکندڙ دوستن تي مبني هئي بلڪه موجوده ايگزيڪيٽو ڪائونسل (اِي سي) پڻ سنڌ دوست ۽ انسان دوست ساٿين تي مبني آهي.
چوندا آهن ته ڪنهن جي خوبي کي، قابليت کي، اهليت کي ۽ انسانيت کي مڃڻ ۽ تسليم ڪرڻ ۽ اڳيان وڌڻ به نيڪي آهي. سٺن ۽ سچن انسان جي ڳالهه ڪرڻ ۽ دهرائڻ سان به خوشي ملي ٿي، حوصلو وڌي ٿو، ظرف ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ چڱائي کي ترغيب ملي ٿي، ائين ئي ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو ۽ هر طرف روشني پکڙبي. تيئن ئي سانا ٽورانٽو جي قيادت ۲۲ سالياني ڪنوينشن جي ذميواري کڻي ۽ ان کي توڙ تائين نڀائي هڪ سٺي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي، جنهن لاءِ سڀئي جس لهڻن.
سنڌي رڳو ٻوليءَ جو نالو ناهي، پر اها سنڌو ماٿريءَ جي هزارين سال پراڻي تهذيب جو به نالو آهي. جيئن ته تهذيب ختم ڪو نه ٿيندي آهي، بلڪي اها پروان چڙهندي آهي، تنهنڪري پنهنجي ٻارن کي سنڌي ڳالهائڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي، ڇو جو انسان کي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ هر صورت ۾ زبان جو سهارو وٺڻ جي ضرورت پيش اَچي ٿي. مختصر اهو ته اسان جي ٻولي ئي اسان جي خيالن جي اظهار جو وسيلو آهي. ٻولي ڪنهن به قوم جي ثقافت جو مڪمل آئينو هوندي آهي. قومون ۽ ٻوليون فطرت جي ڊگهن سلسلن مان جنم وٺنديون آهن. اسين جڏهن به ڪنهن قوم جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ معلومات گڏ ڪنداسين ته پوءِ ان لاءِ اسان کي ان قوم جي زبان سان واسطو پوندو. تنهنڪري اسين چئي سگهون ٿا ته قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪنهن به قوم جو مڪمل تعارف ان قوم جي ٻولي ٿئي ٿي. تنهنڪري ائين چئون ته سانا نارٿ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب جي تشخص جي علامت آهي ته غلط نه ٿيندو. رڳو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ اسين سانا جي قيادت پنهنجي ان نسل جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺون، جيڪو هتي نارٿ آمريڪا ۾ وڌي وڏو ٿيو آهي ۽ هتي ئي پروان چڙهيو آهي. ڇالاءِ جو اسين سنڌيات جو شربت ٺاهي، زوريءَ ۽ زبردستي ته کين پياري نٿا سگهون، ڪميونٽيءَ ۾ پاڻ سان گڏ شريڪ ڪرڻ جي ذريعي ئي کين سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان ڳنڍجڻ لاءِ همٿائي سگهون ٿا.
سانا جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ پڻ ميرٽ هوٽل، ٽورانٽو ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ تنظيم کي بهتر ڪرڻ وارن معاملن تي ويچاريو ويو ۽ آخر ۾ ڪجهه قراردادون پاس ڪيون ويون.
ٽن ڏينهن جي ڪنوينشن دؤران ادبي سيشن، عورتن جو سيشن ۽ يوٿ سيمينار پڻ ٿي گذريا. نه رڳو اهو بلڪي سانا جو ساليانو ڊنر پڻ هن ڪنوينشن جو هڪ خاص پروگرام هو. جنهن ۾ ڪئناڊا جي ٽن ميمبر پارليامينٽ گيري گوڊ يئر، ڊان ميٽڪ ۽ عمرالغبرا شرڪت ڪئي. ميمبر پارليامينٽ گيري گوڊ يئر وزير اعظم ڪئناڊا اسٽيفن هارپر جو پيغام پڙهي ٻڌايو. ميمبر پارليامينٽ پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته ڪئناڊا ٻڌڻ مان سکيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته توهان جي ملڪ جي حڪومت به نيٺ سنڌين جو آواز ٻڌندي ۽ ان کي تسليم ڪندي.
ان کان علاوه سانا ٽورانٽو ڪنوينشن دؤران سنڌي ڊاڪٽرن جي تنظيم سيمنا جي ڊاڪٽر اصغر قلباڻي، ڊاڪٽر فهيما، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، ۽ ڊاڪٽر مظهر لاکو جي قيادت ۾ واقعي پاڻ ملهائي ڏيکاريو. ڇو جو آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن سرمائيدار ملڪن ۾ جتي ڪجهه به مفت ۾ نٿو ملي، اتي سنڌي ڊاڪٽرن مفت چيڪ اَپ ڪري هر ڪنهن کي صحت جي باري ۾ بهتر صلاحون ڏنيون.
سڄي ڪنوينشن دؤران سانا جي مرڪزي خزانچي تلعط ٽالپر جي آمريڪن زال نڪليٽا پڻ سانا جي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائندي رهي.
ان کان علاوه يوٿ سيمينار، عورتن جو سيمينار ۽ ماءِ ويزن فار سانا جي موضع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پر ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙن جي سڀ کان وڌيڪ دلچسپي سانا جي ادبي سيشن ۾ نظر آئي. جنهن ۾ انڊيا مان آيل معزز مهمانن ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي، هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ، ممبئي يونورسٽي کانسوءِ برک اديب ۽ دانشور ۽ آل انڊيا ريڊيو جي براڊ ڪاسٽر هيرو ٺڪر پنهنجا مقالا پڙهيا.
هوٽل جي هال کي جتي ڪنوينشن ٿيو، ان کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويو هو. خاص طور تي اسٽيج کي اجرڪن، رلين ۽ سنڌي ثقافت جي ٻين نشانين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل استقبالي بئينرن سان سجايو ويو هو. ان موقعي تي عزيز ناريجو، مرڪزي صدر سانا اينوئل ڊنر ۾ آيل معزز مهمانن کي ڀليڪار چئي ۽ ان سان گڏ سنڌ کي درپيش مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو.
پروگرام جا ٻئي ڏينهن ڊنر ٿي، جنهن مان پهرين ڏينهن جي ڊنر ٽورانٽو چيپٽر ڏني هئي ۽ ٻئي ڏينهن اينوئل ڊنر هئي.
ان کان علاوه سانا جي تاريخ تي ڊاڪٽر مظهر لاکو ڪمپيوٽر جي مدد سان هڪ تفصيلي پريزنٽيشن ڏني. ڊاڪٽر لاکو جي ڏنل پرزنٽيشن جي روشنيءَ ۾ سانا جي لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته شاباس هجي انهن دوستن کي جن سانا جو بنياد رکيو ۽ جن ان شمع کي جلائي رکيو ۽ سچيءَ دل سان شاباس انهن دوستن کي به جيڪي اَڄ به سنڌ، سنڌين ۽ سانا جي بهتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
آخر ۾ محفل موسيقي ٿي گذري. موسيقي روح جي غذا ته آهي ئي پر اها سنڌين جي بهترين تفريح پڻ آهي. تنهنڪري ڪنوينشن ۾ سٺي محفل موسيقيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو.
ڪئناڊا ۾ جيئن ته شاه عبدالطيف ۽ سچل جي مزار ته آهي ڪو نه جتي سنڌي رواج موجب زيارت لاءِ وڃي سگهن. تنهنڪري ڪنوينشن جي آخري ڏينهن دوست ڪئناڊا جي پرجلال ۽ پرجمال نياگرافال جي سير لاءِ روانا ٿيا. جتان لب مهراڻ سکر يا المنظر جامشورو وٽان وهندڙ سنڌوءَ کي ڪجهه ڪجهه پسي سگهجي ٿو. ائين سانا جو ۲۲ ساليانو ڪنوينشن پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.



August 10, 2007 at 12:40 pm
ni’
September 8, 2007 at 12:29 pm
اسلام عليڪم فياِض سومرو صاحب
اميد ته خيريت سان هوندا
اسانکي توهان جهڙن سنڌين تي فخر آهي جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ کان پري رهي سنڌ جو نالو روشن پيا ڪريو
اسان جون دعائون هميشه اوهان سان گڏ هونديو
ساجد سومرو
پرنسيپال
سرهاڻ انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس نوشهرو فيروز سنڌ
November 27, 2007 at 12:04 pm
Hi just click http://www.sindhwood.tk or http://www.sollywood.tk & watch Sindhi Video Clips, Comedy Plays, Sindhi Legends Interviews, documentries & more. Don’t Forget to see making of New Serial QAYAMAT on KTN at 0710 PM this THU 29 NOV.
May 25, 2008 at 8:55 pm
توهان جا بلاگ ڏسي،منهنجو ڀي سنڌي ۾ بلاگ لکڻ تي شوق ٿي پيو آهي سو مون به هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ضرور ڏسندا
August 21, 2008 at 1:02 pm
G-A LATIF