افتخار محمد چوڌريءَ جي خلاف صدارتي ريفرنس اڳيان هلي ڪهڙو رخ اختيار ڪندو؟

چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي خلاف داخل ڪيل صدارتي ريفرنس اڳيان هلي ڪهڙو ٿو رخ اختيار ڪري ان حوالي سان ڪا رائي ڏيڻ ته عدالتي معاملي ۾ دخل ڏيڻ برابر ٿيندو. پر ان حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته هن ملڪ جي ڪورٽ سڳوري پنهنجي تاريخ جي تمام نازڪ دؤر مان گذري رهي آهي. هن دفعي سائل ٻيو ڪو به نه پر خود سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻ آهي ۽ ڪٽهڙي ۾ بيٺل شخص به ٻيو ڪو به نه بلڪي سڀني کان سينئر جج يعني افتخار محمد چوڌري آهي. جيڪو ”انڪار“ جي روايت کي جنم ڏيئي اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته ظلم ۽ جبر جا پاڇا ڀلي ڊگها ڇو نه هجن ۽ ظالم کي ڊگهي ڏور ڀلي ڇو نه مليل هجي پر حق کي حق چوڻ وارا ديوانا هر دؤر ۾ موجود رهن ٿا. اهو انڪار ئي هو جنهن سقراط کي زهر جو پيالو پيئڻ تي مجبور ڪيو هو، پر ڇا سقراط مري ويو؟ هي شاه عنايت شهيد، مخدوم بلاول، هوشو شيدي، روپلو ڪولهي ۽ هيمو ڪالاڻي، ڀاڳت سنگه ، شهيد الله بخش سومرو، جي ايم سيد ۽ نظير عباسي ڪير ها. اهي سڀ پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ ظلم ۽ جبر جي نظام کان انڪار ڪرڻ ۽ حق کي حق چوڻ وارا ديوانا ئي ته هئا. ذوالفقار علي ڀٽو هڪ آمر آڏو ”انڪار“ ڪري ڦاهيءَ چڙهي ويو. ته ڇا اهي ڀٽي کي ماري سگهيا؟ اصل ۾ انسان ته مرندا ئي رهن ٿا. ”مرڻي ته هوءَ اڳيئين هئي، ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“ وانگر سچائي ۽ تاريخ ڪڏهن به نٿي مري.

چيو وڃي ٿو ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ خلاف جيڪو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي ان ۾ نيڪ نيتي بلڪل به شامل نه هئي. پهرين ان تي استعيفا لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، جڏهن ان ”انڪار“ ڪري ڇڏيو ته کيس پهرين حراست ۾ ورتو ويو، ان دؤران کيس ڌمڪيون ڏنيو ويون ۽ پوءِ سندس خلاف ريفرنس اماڻيو ويو. عام طور تي سياست ۾ اها ڳالهه بيوقوفي جي زمري ۾ اچي ٿي ته ڪو ماڻهو عوام ۾ پنهنجي مقبوليت جي انتها تي هجي ۽ سندس خلاف اهڙي ناجائز ڪاروائي ڪري ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڇالاءِ جو جنهن وقت سندس خلاف ريفرنس داخل ڪيو ان وقت هي شخص پنهنجي شهرت جي بلندين تي هو. هن اسٽيل ملز جهڙي عظيم الشان اداري جي نجڪاريءَ کي عدالتي فيصلي سان نه رڳو روڪرائي ڇڏيو بلڪي ايجنسين هٿان جبري طور تي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجا اختيار استعمال ڪري رهيو هو. ڪرپٽ بيوروڪريسي، حڪومتي وزير ۽ مشير ان مان سخت بيزار هئا. جڏهن سندس نوٽيس ۾ اها ڳالهه آندي ويئي ته ملڪ ۾ انساني گردن جو غير قانوني واپار ٿي رهيو آهي ته ان تي به هن سخت ايڪشن ورتو ۽ ائين اها اميد پيدا ٿي هئي ته جيڪڏهن هن حڪومت ان سلسلي ۾ ڪا قانونسازي نه به ڪئي ته به سپريم ڪورٽ ان گندي ڪاروبار کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. هونئن به هن جيترا به سو مو تو ايڪشن ورتا اهي سڀ حڪمرانن جي خواهشن جي خلاف هئا. مطلب ته ”ابن مريم هوا ڪري ڪوئي، اس درد ڪي دوا ڪري ڪوئي“ جي چوڻي مطابق هن ملڪ جي عوام کيس پنهنجو مسيحا سمجهڻ شروع ڪري ڏنو هو. هاڻ اها ته پڪ سان خبر ناهي ته هن بحران جو اُٺ ڪهڙي طرف منهن ڪري ويهندو. بس اها اميد ئي ڪري سگهجي ٿي ته شل انصاف کي فتح نصيب ٿئي.