تحقيق ٿيڻ گهرجي

اڳتي هلي ايندڙ نسل ضرور اهو ڄاڻڻ چاهيندا ته طالبان ڪير هئا؟ ۽ ڪنهن انهن جي پرورش ڪئي؟ ملان عمر ۽ اسامه بن لادن ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت اسلام جو اميج خراب ڪيو؟ طالبان دؤر ۾ آخر افغانستان ۾ درسگاهن کي ڇو برباد ڪيو ويو؟ نرسن تي پابندي ڇو لڳائي ويئي؟ راندين ۽ هر قسم جي تفريح تي ڇو بندش وڌي ويئي؟ آخر اهي ائين ڪري اسلام جي ڪهڙي خذمت ڪري رهيا هئا. طالبان دؤر ۾ ريڊيو، ٽي وي، تعليم، اسپتالون، لباس، روڊ رستا، هوائي سروس تباهه ڪئي ويئي ۽ هر ٻي شئي کي انهن حرام قرار ڏيئي افعانستان کي پٿر جي زماني ۾ واپس پهچائي ڇڏيو! طالبان دؤر تي تحقيق ڪري طالبان جي ڪيل حرڪتن جو ڪچو چٺو شايع ڪرڻ گهرجي ته جيئن اڳتي هلي ڪو به سي آئي اي جو ايجنٽ اسلام کي مسخ نه ڪري سگهي.