لاجواب اسلامي ملڪ
نالو لکڻ جي ضرورت ڪونهي، بس ايترو ٻڌائڻ ئي ڪافي آهي ته اهو لاجواب ملڪ اسلامي پڻ آهي. بلڪي اسلام جو قلعو به آهي. هر قسم جي شراب خوريءَ تي مڪمل شرعي پابنديلاڳو ٿيل آهي. پر خود حڪمران ۽ سندن جوڙي وال ساٿي خوب ڏٽي هر روز پيئندا رهن ٿا. هڪ مولانا ته باقاعدي مولانا وهسڪي سڏجندو هو. ڪوهه مري ۽ ڪوئيٽا ۾ شراب جا ڪارخانا سدائين ڀرپور رفتار سان هلندا رهن ٿا. تڏهن ئي ته هتي شراب عام ته ڪو نه ٿو ملي پر جام ضرور ملي ٿو. ڪوهه مريءَ جا ڀنڊاري اڪثر قومي اسيمبليءَ جا رڪن چونڊجندا رهن ٿا. شراب جي انهن ڪارخانن جا هڙئي شيئر هولڊرز مسلمان سياستدان ئي آهن. مري بيوريجز انگريزن ڪافي غور ويچار کانپوءِ قائم ڪئي هئي. ڇالاءِ جو مريءَ ۾ چشمن جو صاف سٿرو پاڻي وڏي مقدار ۾ ميسر آهي. ڀرپاسي جي علائقن جهڙوڪر نٿياگلي ۽ ڀورڀن وغيره ۾ رسدار صوف، انگور ۽ ناسپاتيون وغيره وڏي تعداد ۾ ملن ٿيون. جنهن مان زبردست شراب ٺهي ٿو. انگريز ان شراب کي اپروو ڪري ويا هئا. تڏهن کان اهو شراب سڄي ملڪ ۾ ڏاڍو مقبول آهي. نه رڳو هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ حڪمران بلڪي اسلام آباد ۾ موجود ٻاهرين ملڪن جا سفارت خانا پڻ هن ئي شراب کي ئي ترجيح ڏين ٿا.
ڪوئيٽا ۾ موجود شراب خانا بظاهر جمشيد مارڪر فيمليءَ جا آهن. پر ان ۾ ٻين مسلمان سرمائيدارن جي سرمائيڪاري به وڏي پئماني تي ٿيل آهي. ڪوئيٽا جا شراب خانا پڻ انگريزن جا ئي منطور ڪيل آهن. پر اهو شراب واپرائڻ وارا ۹۹ سيڪڙو مسلمان ئي آهن. سڄي ملڪ ۾ شراب ۽ عورت سپلائي ڪرڻ جو بهتر انتظام ٿيل آهي. اسلام جي قلعي ۾ هر روز جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، اهو دين جي نام نهاد عالمن کي وٺي هر ڪنهن جي ڄاڻ ۾ آهي. بلڪي انهن عالمن مان ڪيترائي پاڻ خود به شراب خور آهن. نه رڳو اهو بلڪي شراب سان گڏ چرس، هيروئين، آفيم، تماڪ ۽ ڀنگ به عام جام استعمال ٿئي ٿي. زنا ۽ عصمت فروشي ڏينهن رات جاري آهي. اهڙي منافق ملڪ لاءِ رَب پاڪ کان رحمتن جي تمنا ڪرڻ پنهنجو پاڻ سان دوڪو ڪرڻ برابر آهي.
May 26, 2007 at 7:37 pm
100% agreed,
No respect, justice, security, healthcare, education & human values & rights to its peoples.
May 26, 2007 at 7:38 pm
100% agreed,
No respect, justice, security, healthcare, education, human values & rights to its peoples.
September 3, 2008 at 10:34 am
Shame shame!