خطرناڪ تماشو
خوشامدين ۾ گهريل جنرل مشرف اهو سمجهڻ لڳو هو ته اصل ۾ اهو واقعي ڏاڍو مقبول اڳواڻ آهي. پر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي حڪومت طرفان غير فعال ڪرڻ کانپوءِ وڪيلن جي شروع ڪيل تحريڪ، چيف جسٽس جي اسلام آباد، سکر، حيدرآباد، پيشاور ۽ پوءِ لاهور ۾ ٿيل شاندار آجيان کانپوءِ مشرف حڪومت سخت گهٻراهٽ جو شڪار نظر اچي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد ٽولن هٿان ڪرايل قتل عام مان مشرف حڪومت جي وائڙائپ صف نظر اچي ٿي. چيف جسٽس جي عوام ۾ مقبوليت اصل ۾ مشرف حڪومت خلاف عوام جي بيزاريءَ کي ظاهر ڪري رهي آهي.
وڪيلن جي تحريڪ کان پوءِ آهستي آهستي عوام طرفان رستن تي نڪرڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن مشرف حڪومت کي تمام گهڻي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. ان سڄي سلسلي کي طاقت سان دٻائڻ ۽ سوين ڪارڪنن جون گرفتاريون اصل ۾ ان خوف جي اظهار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهن.
مشرف حڪومت جي نظر ايندڙ وائڙائپ ۽ ضياء دؤەر ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي دؤران آمر ضياالحق جي وائڙائپ ۾ ڪافي هڪجهڙايون نظر اچن ٿيون. جيڪڏهن ٻنهي ۾ ڪو فرق آهي ته اهو رڳو ۽ رڳو غلاف يا چمڙاپوشيءَ جو فرق آهي. جنرل ضياء اسلام جي نالي ۾ آئين سان غداري ڪئي هئي ۽ جنرل مشرف وري روشن خيالي جي آڙ ۾ آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. انهن مان هڪ مقافات عمل جي قانون تحت سزا ماڻي چڪو آهي ۽ ٻيو قدرت جي ان قانون ذريعي سزا ماڻڻ وڃي رهيو آهي.
هن وقت ملڪ ۾ جيڪي حالتون ۽ مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن. مشرف سرڪار ان کي طاقت جي زور سان حل ڪرڻ چاهي ٿي. چيف جسٽس جي ڪراچي ۾ رستا روڪ پڻ انهي سلسلي جي ئي هڪ ڪڙي آهي. پر مسئلا ائين حل ڪو نه ٿيندا آهن بلڪي اهڙين حرڪتن سان وڌيڪ خراب ٿيندا آهن، جيئن ڪراچي ۾ ۱۲ مئي ۲۰۰۷ تي سوچ ويچار سان ڄاڻي واڻي ماڻهو مارايا ويا.
اصل ۾ ٻين ڪيترن ئي مسئلن سان گڏوگڏ هن ملڪ جو هڪ اهم مسئلو اهو به آهي ته هتي حڪمراني هڪ شخص جي آهي، جيڪو فوجي ذهنيت جو مالڪ آهي ۽ جنهن جي سڄي زندگي فوجي تربيت ۾ گذري آهي. فوج جو وري اهو اصول آهي ته جيڪڏهن ڪو آفيسر ڪنهن ماتحت کي ڪنهن ڳالهه تي ڪو حڪم ڏيئي ٿو ته ماتحت کي اهو حق ناهي ته اهو ان حڪم کي نه مڃي يا ان حڪم کي اهميت نه ڏيئي. جيئن ته جنرل مشرف فوج جو وڏو آفيسر آهي، تنهنڪري سوائي پنهنجي نفسيات جي، جنهنجو اهو سڄي زندگي تجربو ڪندو رهيو آهي، ان تحت اهو پنهنجا فيصلا ٻين تي مڙهڻ چاهي ٿو. ان ئي نفسيات تحت مشرف آمريڪا جي هر فيصلي کي تسليم ڪندو آيو آهي، ڇا لاءِ جو اهو وڌيڪ طاقتور آهي يا مشرف ان کي پاڻ کان وڏو آفيسر سمجهي ٿو. ڇو جو سڄي زندگي سندس جيڪا تربيت ٿيندي آئي آهي ان تحت اهو آمريڪا جي بالادستيءَ کي قبول ڪري ٿو.
ساڳيءَ ريت ان ساڳي نفسيات تحت اهو بلوچستان، وزيرستان، ڪالاباغ ڊيم ۽ چيف جسٽس جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ سندس ڪاميابيءَ جا امڪان صفا گهٽ آهن. ڇالاءِ جو مشرف جي آمريت ۽ ضياء جي آمريت ۾ ڪافي سالن جي فرق آهي. هاڻ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ سوچ ۽ شعور جي دائري کي تمام گهڻو وسيع ڪري ڇڏيو آهي. ڪا به خبر منٽن يا سيڪنڊن ۾ دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ ۾ پکڙجي وڃڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي. انفارميشن جي انقلاب زمان ۽ مڪان جي رڪاوٽن کي ٽوڙي دنيا کي گلوبل ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري هاڻ عوام ۽ حقيقتن جي وچم ڪوڙ جي ديوار کي حڪومتن طرفان ڊگهي عرصي لاءِ قائم رکڻ ممڪن نه رهيو آهي. تنهنڪري اڄ جي دؤر ۾ جيڪي اهو سمجهن ٿا ته اهي غير جمهوري ۽ ناجائز طاقت ۽ طريقي سان مسئلن کي دٻائي سگهن ٿا ته پوءِ انهن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا.
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو اڄ ڏينهن تائين اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ هن ملڪ جي حڪمرانن ڪنهن به مسئلي کي ديانتداراڻي ۽ مخلصاڻي انداز سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. رڳو ڪالاباغ کي ئي ڏسون ٿا ته نظر اچي ٿو ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان مختلف حڪمران ڪالاباغ ڊيم کي ڍال ٺاهي پنهنجي مفادن جي راند کيڏندا آيا آهن.
مطلب ته جڏهن ڪنهن شئي کي ڪلائمڪس تي پهچڻو هوندو آهي ته پوءِ ان جو ائنٽي ڪلائمڪس به ضرور ايندو. ائين ئي سياست ۾ به ٿئي ٿو. هونئن به جڏهن پرامن ۽ جمهوري انداز سان اقتداري جي تبديليءَ جو راهون بند ڪيون وينديون آهن، تڏهن تاريخ پنهنجا رستا ڪنهن ٻئي انداز ۾ تلاش ڪري وٺندي آهي.
اڄ هن ملڪ جي سياسي آسمان ۾ تبديلي پنهنجا ڪر موڙي اڀري رهي آهي.اصل ۾ اقتدار جو نشو ايڏو ته سخت ٿئي ٿو جو ان جو شهسوار هوائن ۾ اڏامڻ لڳندو آهي. پر اقتدار جي نشي جي مستيءَ ۾ اهو جڏهن ٺوڪر کائي ڪرندو آهي ته پوءِ اهو پستي ڏانهن سفر ايڏي ته تيزي سان ڪندو جو کيس پاڻ کي سنڀالڻ جو موقعو ئي ڪو نه ملندو آهي. عروج جي زماني ۾ اهو جڏهن اقتدار جي وادين ۾ چنڊ وانگر چمڪندو آهي ته هر ڪو ان جي خوشامد ۽ تعريف ڪندو آهي. غلط فيصلا ڍڪجي ويندا آهن. پر جيئن ته هي تبديلين جي موسم آهي. تنهنڪري هاڻ مشرف لاءِ غلطين ڪرڻ جي گنجائش ڪو نه آهي. هي وقت سندس لاءِ صحيح فيصلا ڪرڻ ۽ هوش ۾ اچڻ جو آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم هٿان شروع ڪرايل پرتشدد تماشي جو انجام دما دم مست قلندر تي نه وڃي ٿئي!