اسان وٽ رشوتخوري وڌيڪ ڇو آهي؟

ڪافي عرصو اڳ هي مضمون هڪ اخبار کي اماڙيو هئم پر شايع نه ٿي سگهيو. خوشقسمتيءَ سان انفارميشن (اطلاعاتي ) ٽيڪنالوجيءَ جي ترقي سبب هاڻ جڏهن سنڌي بلاگنگ جي سهولت حاصل ٿي آهي ته پوءِ مان به ان سهولت جو فائدو وٺندي, هي مضمون ”اسان وٽ رشوتخوري وڌيڪ ڇو آهي“ کي هتي شايع ڪري رهيو آهيان.

تحرير: فياض سومرو

اسان جي معاشري جي ٻين ڪيترن ئي وڏن مسئلن مان بدعنواني به هڪ وڏو مسئلو آهي. بلڪي ائين چئون ته هن معاشري جو ناسور آهي ته غلط نه ٿيندو. جيڪڏهن ان مسئلي جو ٿهلي ليکي ڇيد ڪريون ته پوءِ ان مان هي ڳالهه نڪري سامهون اچي ٿي ته اصل ۾ ڪرپشن، رشوتخوري يا بدعنواني سرڪاري نوڪر شاهيءَ سبب پيدا ٿي آهي.

مثال طور اسان وٽ ماضيءَ ۾ ڏيئي يا لالٽين مان روشني حاصل ڪئي ويندي هئي ۽ رڌ پچاءُ چلهه، سگريءَ يا ڪاٺين وغيره تي ٿيندو هو. تنهنڪري ان ڪم لاءِ نه ته بيوروڪريسيءَ يا آفيسرشاهيءَ جي ضرورت پوندي هئي ۽ نه ئي بدعنوانيءَ جي ڪا گنجائش هئي. مون کي هڪ دفعو بابا مرحوم ٻڌيو هو ته پاڪستان کان پهرين انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ ٻڌندا هئاسين ته اڳتي هلي اهڙو زمانو اچڻ وارو آهي، جڏهن چلهه تي به ٽيڪس لڳندو. بابا مرحوم جي بقول تڏهن کيس تمام گهڻو سوچڻ جي باوجود به اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي هئي ته آخر حڪومت هر گهر ۾ گهڙي ڪيئن چُلهه تي ٽيڪس هڻندي؟ بابا کي تنهن زماني ۾ ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي هئي، پر پوءِ سوئي گيس (نيچرل گيس) جي بل تي لڳل جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيڪس بابا کي سڄو راز سمجهائي ويو هو

مطلب ته هاڻي رڌ پچاءُ لاءِ نيچرل گيس (سوئي گيس) جي ڪنيڪشن جي ضرورت پوي ٿي ته ساڳي ريت روشني حاصل ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارين لاءِ وري بجلي جي ڪنيڪشن جي ضرورت پوي ٿي. جيئن ته بجليءَ جو نظام هلائڻ لاءِ گرڊ جي ضرورت پيش اچي ٿي. تنهنڪري گرڊ ۽ لائن ٽرانسميشن کي هلائڻ لاءِ وري بجليءَ جي محڪمي کي تمام گهڻا ملازم رکڻا پون ٿا ۽ انهن ملازمن کي هلائڻ لاءِ وري عهدن جو تسلسل يا هائز اٿارٽي، يا بيوروڪريسي قائم ڪئي وڃي ٿي. هائر اَٿارٽي يا بيوروڪيٽڪ نظام ۾ حڪم جي وڏي اهميت ٿئي ٿي. ڇو جو جيڪڏهن هيٺيون عملو حڪمن تي عمل نه ڪندو ته پوءِ گرڊ ٽِرپ ٿي ويندي يا ائين کڻي چئون ته ويهي رهندي. تنهنڪري آفيسر شاهي نظام ۾ روبوٽ وانگر مٿئين آفيسر جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو آهي. مشين وانگر حڪمن جي تعميل ڪرڻ سبب ملازم آهستي آهستي بي حس ٿي وڃن ٿا. حساس هئڻ جو مطلب آهي ته انسان پنهنجي دل ۽ ضمير جي ڳالهه ٻڌي. پر آفيسر شاهي نظام ۾ دل، جگر ۽ گردن جي سوچڻ تي مڪمل بندش پيل هوندي آهي. مطلب ته ”چڱائي ئي ڳڻي موچڙا هڻجن چار“ واري ڳالهه آهي. مٿان وري جديد دؤر جي تقاضائن موجب بجلي، ريل، ٽپال، مواصلات، هوائي جهاز، ڪسٽم، شپنگ، روڊس، بلڊنگز، شهري ڊيولپمينٽ اَٿارٽيون، پيئڻ جي پاڻي، ڊرينج، اڪائونٽس ۽ اريگيشن جا محڪما هلائڻ لاءِ پڻ آفيسرشاهيءَ جي ضرورت هر وقت پيش اچي ٿي.

چوڻ جو مقصد اهو ته وڏي تعداد ۾ سرڪاري ملازمن جي وچم رابطو ۽ لاڳاپو قائم رکڻ لاءِ اڄ جي دؤر ۾ بيوروڪريسي جي ضرورت لازمي طور تي رهي ٿي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته اها نوڪر شاهي ئي آهي، جنهن جي سبب ئي وڏيون وڏيون پلانگون ۽ وڏو صنعتي نظام قائم ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي. ته پوءِ ڇا ان جو مطلب اهو ٿيو ته نوڪر شاهي اَڄ جي جديد دؤر جي پيداوار آهي. جيڪا عوام جي مجبورين جو فائدو وٺي ڏينهن رات ڪرپشن ڪندي رهي ٿي.

جيڪڏهن بيوروڪريسي ۽ بدعنواني هڪ هٿ ۽ ٻه پاسا آهن ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪرپشن رڳو اسان جي نوڪر شاهيءَ ۾ ڇو آهي. آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ جي بيوروڪريسي ڇو ڪرپٽ ۽ بدعنوان ڪو نه آهي.

مٿئن سوال کي سمجهڻ لاءِ، اسان کي پنهنجي ۽ اولهه West جي تهذيب ۾ فرق کي سمجهڻو پوندو. اولهه جي تهذيب شعور، عقل ۽ خواهشن کي اهميت ڏيئي ٿي. انسانن جي خواهشون ڪهڙيون ٿين ٿيون اها انهن کي چڱي ريت خبر آهي. مشهور ماهر نفسيات فرائڊ لاشعور کي انساني ترقي جي آڏو رڪاوٽ طور ڏسندو هو. اولهه جي تهذيب ۾ لاشعور جو ڪم آهي شعور کي مدد فراهم ڪرڻ. شعور انسان کي هميشه قانون تي عمل ڪرڻ ۽ غير قانوني ڪمن کان روڪي ٿو. ان جي برعڪس لاشعوري خواهشون انسان کان غلط ڪم ڪرائين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا، ڪئناڊا ۽ اولهه جي سڄي تهذيب ۾ لاشعوري خواهشن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چاڪليٽ، ڪافي، الڪوحل ۽ جنسي ترغيب کي استعمال ۾ آڻي، شعور کي اُڀارڻ ۽ لاشعور کي ماٺو يا ٿڌو رکڻ جي ڪم ورتو وڃي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جو تصور ان جي اُڀتڙ آهي. ڇو جو اسان وٽ مذهبن، عقيدن ۽ ٻين طريقين سان شعور کي دٻايو وڃي ٿو، تنهنڪري لاشعور ۽ لاشعوري خواهشون اُڀري اچن ٿيون.

اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ سرڪاري ملازم هر ڳالهه کي پنهنجي لاشعوري خواهشن جي ڪسوٽيءَ تي تورين ٿا. مثال طور اڪائونٽس کاتي جي ملازم جو ڪم آهي ته ايمانداري سان بل ٺاهي يا ايريگيشن کاتي جي ملازم جو ڪم آهي ته ايسٽيميٽ ايمانداريءَ سان ٺاهي. پر سندس لاشعوري خواهشون کين جلد کان جلد پئسو ڪمائڻ ۽ مال ٺاهڻ لاءِ چون ٿيون، پوءِ ڀلي ان غلط ڪم سان سڄي معاشري جو ٻيڙو ٻڏندو هجي. فوج جو ڪم آهي ته ملڪ جو دفاع ڪري ۽ پوليس واري جو ڪم آهي ته نه رڳو ٻين کان قانون تي عمل ڪرائي بلڪي پاڻ به قانون تي سختيءَ سان ۽ دل جي سچائي سان عمل ڪري. پر اسان جي معاشري ۾ پوليس واري جون لاشعوري خواهشون نه رڳو ڪنهن غريب جو هڏگڏ کانئس ڀڃرائين ٿيون بلڪي هر روز بي گناهه غريبن جون چمڙيون اُڊيڙي کلَون به لهرائين ٿيون.

اسان وٽ جيڪا لاشعوري خواهش نوجوانن کي رات جو ويهاڻي تي مٿو رکڻ کان پوءِ سڄي رات سمهڻ نٿي ڏيئي، سا اولهه جي تهذيب ۾ هر ڪنهن کي آساني سان بي ملهه دستياب آهي. مطلب ته اسان وٽ نيچرل انسٽنڪٽس يا ائين کڻي چئون ته سڀاويڪ گهرجن کي رستو نه ملڻ سبب اهي بيدار رهن ٿيون، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن معاشري ۾ جيئن ته ڪافي رقم جي ضرورت پيش اچي ٿي، تنهنڪري اسان جي معاشري ۾ جنهن کي به موقعو هٿ اچي ٿو، اهو ناجائز ڪم ڪرڻ ۽ بدعنواني کان نٿو ڪيٻائي.

هن سڄي بحث جو هروڀرو اهو مطلب ناهي ته اسان اولهه جي شعور يا انساني انسٽنڪٽ يا انساني سڀائو يا طبيعت کي سمجهڻ ۽ ان کي ترجيح ڏيڻ واري تهذيب کي اپنايون ۽ نه ئي مٿئين بحث کي مجرد ۽ ميڪانيڪي انداز سان وٺڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته منهنجو تجزيو غلط هجي پر مٿئين موضوع تي بحث ڪرڻ جو مقصداهو آهي ته اسين پنهنجي ريتن، رواجن، رسمن، عقيدن ۽ رواجن کي ڇڏڻ بنا خيالن جي ڏي وٺ ذريعي ڪو اهڙو حل ڪڍي سگهون، جيڪو هن معاشري مان بدعنواني ۽ ڪرپشن جي پاڙ پٽي سگهي.

هونئن ته اسان جي معاشري جي حوالي سان بدعنواني جو موضوع ڏاڍو وسيع آهي ۽ ان جا هڪ کان وڌيڪ نه رڳو تجزيا ڪري سگهجن ٿا بلڪي هر ڪو ٻئي کان مختلف سبب به ڄاڻائي سگهي ٿو. جيڪي هر ڪنهن جي پنهنجي تجزئي ۽ تجربي جي بنياد تي صحيح به ٿي سگهن ٿا. پر پوءِ به معاشري مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪجهه نقطا هيٺ ڏجن ٿا.

(1)سرڪاري نوڪري ڏيڻ مهل اهڙن ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، جيڪي طبعيت ۾ظالم نه بلڪي خدمت جو جذبو رکندڙ هجن. ان لاءِ نفسياتي ماهرن جي مدد وٺڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي تيار ڪيل سوال نامن ۽ انٽرويو ذريعي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته بيوروڪريسي جو حصو بنجندڙ شخص نفسياتي مريض نه بلڪي هڪ بهتر انسان آهي جيڪو هن معاشري جو ڀلو چاهي ٿو.

(2) اهڙن ماڻهن کي سماج ۾ عزت ڏيڻ گهرجي، جيڪي بدعنوان ناهن ۽ ڪرپشن جي مخالفت ڪن ٿا. ان سلسلي ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪرادار ادا به ڪرڻ گهرجي.

(3)اهڙين پارٽين، ليڊرن ۽ ماڻهن کي اليڪشن ۾ چونڊيو وڃي جيڪي نوڪر شاهيءَ جي ڪرپٽ ڪردار کي سمجهندا هجن.

(4)نظر ايندڙ ۽ لڪل ڪميرائن، جديد ٽيڪنالوجي ۽ نظر داريءَ جي ٻين جديد ٽيڪنڪس جي ذريعي صوبائي ۽ ضلعي ليول تي رشوتخوريءَ خلاف جاسوسيءَ جو هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪو ملازمن ۾ هر وقت ثبوتن سان پڪڙجڻ جو خوف قائم رکي سگهي.

ثبوتن سان پڪڙجڻ جي صورت ۾ عدالتي طريقيڪار موجب پر جلد کان جلد سزا ڏيارڻ کانپوءِ اهڙن ڪردارن کي ميڊيا ذريعي پڌرو ۽ وائکو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻيا ان مان سبق سکي وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ کان پاسو ڪن.

(5)مهنگائي ۽ ٻين ضرورتن جي حساب سان ملازمن جي پگهار ۾ پنهنجو پاڻ ئي وقت به وقت اضافو ٿيندو رهڻ گهرجي.

تحرير: فياض سومرو