آخر عمران خان جو ڇا ٿيندو؟

فياض سومرو

” منهنجو هي مضمون روزآني ڪاوش ۾ 10 مارچ 1996ع تي شايع ٿيو هو. جنهن کي مان هتي ٿورڙي ايڊٽنگ کان پوءِ ٻيهر شايع ڪري رهيو آهيان.“

… ان پسمنظر سبب اسٽيبلشمينٽ جا اهم ۽ اثر رکندڙ حصا هاڻ ڪو نئون متبادل ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ آهن. تنهنڪري مستقبل ۾ ساڄي ڌر جي پارٽين جي ڪنهن اتحاد کي عمران خان جي چؤگرد گڏ ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش يا پيش رفت ٿي سگهي ٿي. هونئن به هڪ اهڙي سماج ۾ جتي تعليم جي شرح تمام گهٽ هجي، سماجي ۽ معاشي لحاظ کان معاشرو پستيءَ جو شڪار هجي، اتي ديومالائي ۽ مابعد طبعياتي رجحانن جي اڀرڻ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇو جو سخت بدحاليءَ جي صورت ۾ عوام طرفان اهڙي ڪيفيت ۾ هليو وڃڻ ۾ کيس ڪجهه آرام ۽ سڪون پهچائيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ماضيءَ ڏانهن موٽ کائيندي مختلف ڪهاڻين يا ننڍي هوندي ٻڌل پرين، شهزادن ۽ شهزادين جي ڪردارن ۾ گم ٿي وڃڻ يا ڪو حل ڪڍڻ جي صورت ۾ ان طرف راغب ٿي ويندا آهن. مختلف ادارا يا ڌريون پنهنجي مفادن يا ڪنهن تجزئي جي بنياد تي اهڙي قسم جي قدامت پرستي کي خوبصورت لفظن ۾ يا ٻين طريقن سان وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهن. تنهنڪري اهڙي ڪنهن به موڙ تي عمران خان اهڙين ڌرين لاءِ وڌيڪ قابل قبول هوندو. ڇالاءِ جو عمران خان ڪلاسيڪل قدامتپرستي ۽ سخت مزاج روش جو گڏيل امتزاج ۽ مجموعو آهي. اهڙي ڪنهن صورتحال ۾ عام طور ساڄي ڌر، وچئين طبقي جو وسيع حصو، مذهبي ۽ خدمت پرستي جي قوتن کي عمران خان جي شڪل ۾ هڪ شهزادو گلفام ملي ويندو.

جنهن جي هڪ گوري امير انگريز زاديءَ سان شادي ڪيل آهي، جيڪو نيڪي ۽ بدي جي جنگ ۾ برائي کي برباد ڪري ڇڏيندو ۽ ائين خوشحالي ۽ خوشيون عوام جا قدم چمڻ لاءِ آتيون هونديون. ڇاڪاڻ جو سندس ڪرڪيٽ، اسپتال ۽ سندس شخصيت کي ڏسي عوام پنهنجي ڏکن ۽ غمن جي درد جي دوا لاءِ ڏانهنس وڃي سگهي ٿو.

پر يقينن اسٽيبلشمينٽ جا سنجيده حصا، ان مفروضي کي اهڙي طرح ڪونه ڏسندا هوندا. پر اهي پنهنجي مفادن، رتبي جي تحفظ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل منصوبنديءَ تحت ڏسندا هوندا ۽ عمل ڪندا هوندا. اهو ئي سبب آهي جو، گذريل ڪجهه سالن کان هڪ مخصوص انداز ۾ ورلڊ ڪپ ۽ ڪرڪيٽ جي مختلف معاملن ۽ اشوز جي ذريعي عمران خان جي شخصيت کي اڀاريو ويو آهي. ان کانسواءِ بينظير حڪومت جي پاليسين سبب عوام ۾ پيدا ٿيندڙ مايوسي کي محسوس ڪندي عمران خان ڪافي مسئلن کي مٿي کڻي آيو آهي. جنهن تي عوام ڏانهنس ڪشش محسوس ڪري رهيو آهي. پر سندس وٽ به انهن مسئلن جو حل نه هئڻ سبب رڳو خيرات، چندي بازي، نصرت فتح علي خان جي موسيقي، پاڪستانيت، جنونيت ۽ غيرتمنديت جي جذبن کي اڀارڻ جهڙن طريقين ذريعي عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. پر ان سڄي صورتحال ۾ بينظير حڪومت جو هر عمل به وري ٻاراڻو آهي. جيڪو عمران خان کان سندس خوف کي ظاهر ڪري ٿو. يقينن اهڙي قسم جو رويو اختيار ڪرڻ لاءِ بيوروڪريسي ئي پالسي ٺاهي حڪومت کي ڏني هوندي، جنهن سان عمران خان کي نقصان کان وڌيڪ فائدو ٿيو آهي. هن سڄي راند جي پٺيان اسٽيبلشمينٽ، سرمائيدارن ۽ ڊرگ مافيا جا موثر حصا به ٿي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته انهن ئي حڪومت طرفان عمران خان کي ٽي وي تي بلڪل ڪوريج نه ڏيڻ کانپوءِ زي ٽي وي ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ مقبوليت ڏياري هجي.

بهرحال اسٽيبلشمينٽ جو مخصوص حصو عمران خان کي ڍال طور استعمال ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اهي عمران خان جي پبلسٽي تي تمام گهڻو خرچ ڪري رهيا آهن ۽ عوام به سندس طرفان شروع ڪيل خيراتي رجحان تي في الحال خوش آهي. ان مفروضي کي ٺاهڻ ۾ نه رڳو اسٽيبلشمينٽ جو رائٽ ونگ حصو ۽ ٻين ساڄي ڌر جي ليڊرن جو هٿ ٿي سگهي ٿو. بلڪي اهو به ٿي سگهي ٿو ته بيوروڪريسي ۽ ٻيون قوتون به ان وهڪري ۾ وهي، عمران خان ڏانهن عوام جون خوشفهميون وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ڪن.

عمران خان پنهنجي سياست جو سفر سياست ۽ سياسي پارٽي نه ٺاهڻ کان شروع ڪيو هو. پر عمران خان جا هڙئي عمل هڪ سياسي پارٽي ٺاهڻ ڏانهن آهن. پر جيئن ته عمران خان پاڻ کي هڪ سٺو ڪرڪيٽر ۽ بهترين ڪئپٽن ثابت ڪري چڪو آهي، پر هاڻ اهو پاڻ کي هڪ سٺو سياستدان به ثابت ڪري رهيو آهي. سندس طرفان سياست خلاف بيان بازي به سندس سياست ۾ مهارت کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن ته هاڻ سندس سياست ۾ اچڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، تڏهن سندس طرفان سياست خلاف بيان بازي جو مقصد عوام ۾ موجود سياست خلاف نفرت وارن جذبن کي استعمال ڪرڻ هو. پر ان سڄي صورتحال کي حڪومت طرفان بيوروڪريٽڪ انداز ۾ دٻائڻ انتهائي ٻاراڻو ثابت ٿيو آهي. بينظير طرفان عمران خان کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ سرفراز نواز کي اندو ويو آهي. جيڪو پڻ عمران خان جي سحر کي ٽوڻڻ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر اچي پيو. …

… پر جيئن ته ٽين دنيا جي سياست ۾ ڪا به شئي نا ممڪن ڪانهي، تنهن ڪري اهڙي قسم جي گهٽ امڪانن جي باوجود، به اهڙي امڪان کي هروڀرو رد به نٿو ڪري سگهجي. ڇو جو دولت ۽ طاقت جي ذريعي هن ملڪ جي سياست ۾ نه صرف ليڊر صاحب هڪ هنڌ گـڏ ٿي ويندا ، بلڪي مذهبي عالم به جميما ۽ ڊائنا کي قبول ڪري سگهن ٿا. بهرحال عالمي سياست ۽ اَئينده ٿيندڙ واقعا به انهي مفروضي کي اڳتي هلي وڌيڪ واضح ڪندا.

First published on Sunday, March 10th, 1996, in Daily Kawish