ڪراچيءَ جي صورتحال جو تجزيو

 

تحرير: فياض سومرو

منهنجو هي تجزيو رورآني ڪاوش ۾ اربع، 13مارچ، 1996ع تي ”بينظير حڪومت ۽ ايندڙ طوفانن جا امڪان“ جي عنوان سان شايع ٿيو هو. جيئن ته ٿوري گهڻي فرق سان اَڄ به اهو تجزيو ڪراچيءَ جي موجوده صورتحال تي ٺهڪي اچي ٿو، ان ڪري مان ساڳي مضمون کي ٻيهر ٿورڙي ايڊيٽنگ سان ”ڪراچيءَ جي صورتحال“ جي عنوان سان هتي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“

چون ٿا ته هڪ ملاح هو، جنهن کي شارڪ مڇيون ڏاڍو تنگ ڪنديو هيون. تنهنڪري جڏهن به اهي سندس ڄار ۾ ڦاسنديون هيون ته اهو انهن کي ماري ختم ڪري ڇڏيندو هو. هڪ دفعو سندس ڄار ۾ ڊولفن مڇي ڦاٿي، پر هن ان کي به ختم ڪري ڇڏيو. تڏهن کانئس ڪنهن پڇيو ته: تو ڊولفن مڇيءَ کي ڇو ماريو؟ ته هن چيو ته، هيءَ مئل ڊولفن، ان شارڪ لاءِ سبق آهي. پر ڪراچي جي سلسلي ۾ ڏکيائي هي آهي ته ڊولفن ته اڪثر مهاڻي هٿان شڪار ٿيندي رهي ٿي، پر شارڪ آزاد هجي ٿي.

ڪراچي شهر جي مختلف ڳاڙهين، ساين ۽ پيلين روشنين جي سنگم سان عجيب جدت، سڪون ۽ خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو، پر اڄ اها نه رڳو ڪنهن مقتل گاهه جيان ٿي پئي آهي، پر اها هن وقت قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پڻ بحث جو موضوع بنجي چڪي آهي ۽ مختلف وفد ان جي حالتن ۽ انساني حقن جو جائزو وٺڻ لاءِ دؤرا ڪري رهيا آهن. تنهن لاءِ رڳو اهو سمجهڻ ته اهو وزير داخله نصير الله بابر جي بيانن ۽ رينجرس حل ڪري ڇڏيو آهي، رڳو هڪ ديواني جو خواب آهي. جنهن خواب کي ڏسڻ جي يقينن هاڻوڪي حڪومت تمام گهڻي خواهشمند هوندي، پر ڌرتيءَ تي موجود حقيقتون ڪنهن اهڙي خواب يا خواهش کي رد ڪندي نظر اچن ٿيون. ڇالاءِ جو تحريڪن جو اُڀار يا ٿڪاوٽ ۽ مايوسيون ڪن به تحريڪن يا قوتن جو اهم عنصر هونديون آهن. تنهن ڪري ڪشمڪش ۾ وقفا يا ٺهراءَ جا مرحلا ايندا رهندا آهن. پر ڪشمڪش وري اڀرڻ جا هر وقت ۽ هر مهل امڪان رهندا آهن. خاص طور تي اهڙي ڪشمڪش لاءِ، جنهن جون بنيادي ڳالهيون ۽ مسئلا حل نه ٿي چڪا هجن. هاڻي جڏهن اسين ڪراچيءَ جي مسئلي جو ملڪ جي معاشي صورتحال سان گڏي جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ته ايندڙ وقت ۾ تمام گهڻا واقعا ۽ تحريڪون مختلف شڪلين ۾ اڀرنديون ۽ موجوده حڪومت هڪڙي سياسي بحران مان ٻئي بحران ڏانهن لڏندي ۽ لمندي رهندي

ڪراچي جي صوتحال جو جيڪڏهن جائزو وٺون ٿا ته خبر پوي ٿي ته صدر فاروق لغاري جو ايم ڪيو ايم ۽ مخالف ڌر ڏانهن رويو اسٽيبلشمينٽ جي موقف جي گهڻو نظر اچي ٿو. ان جي پٺيان وري، ملڪ جي سڀني قومن ۽ فرقن کي ڪڏهن ميز تي ۽ وري ڪڏهن مصلحت ذريعي پاڪستاني ”قوم“ ۽ ”ملڪ“ تحت گڏ رکڻ واري سوچ ڪارفرمان نظر اچي ٿي. پر ان سوچ لاءِ مشڪل اها آهي جو هن ملڪ جي معاشي ۽ سياسي نظام ۾ انهيءَ يڪجهتيءَ کي عملي جامو پهرائڻ جي صلاحيت نه آهي. ڇالاءِ جو خراب معاشي ۽ سياسي صورتحال سبب گڏيل برداشت بلڪل ختم ٿي چڪي آهي. تنهن ڪري اهڙي صورتحال يا ڪيفيت ۾ دشمنين جو حل رڳو مصلحت ۽ ڳالهين جي ذريعي ڪڍڻ يا ان جي گنجائش ڪڍڻ ۽ مهذب قسم جو ماحول پيدا ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي.

جيئن ته ٻين عنصرن سان گڏوگڏ پيپلز پارٽيءَ کي به ايم ڪيو يم جي وجود کان خطرو هو، تنهنڪري ان جو ايم ڪيو ايم سان ٽڪراءُ ٿيڻ ناممڪن نه هو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جهڳڙي وارو رستو اختيار ڪيو. انهي دؤران ڪراچي جي صورتحال سبب وزير اعظم بينظير ۽ صدر لغاريءَ جي تعلقاتن ۾ گهٽ وڌائي ايندي رهي آهي ۽ تمام گهڻو خطرو آهي ته اسٽيبلشمينٽ صدر لغاريءَ تي دٻاءُ وجهي، موجودهه حڪومت کي لاهي ڇڏي. پر عالمي صورتحال ۽ اسٽيبلشمينٽ جا مختلف عنصر اڃا ڪا گڏيل هڪجهڙائي يا يڪسان صورتحال پيدا نه ڪري سگهيا آهن. ڇو جو انهن وٽ موجوده ڪشمڪش واري صورتحال ۾ ڪو متبادل به ڪو نه آهي. اهڙي صورتحال ۾، بينظير جيڪڏهن رياستي دٻاءُ سبب ايم ڪيو ايم آڏو جهڪي ها ته پوءِ هڪ پاسي سنڌ ۾ سندس سياسي بنيادن کي نقصان پهچي ها ته ٻئي پاسي، اهڙين پاليسين سان ايم ڪيو ايم ڪنهن حد تائين مضبوط ٿئي ها.

جيئن ته هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ايم ڪيو ايم رياستي ادارن جي تخليق آهي. ڪراچي سنڌ ۽ پاڪستان جو وڏو شهر آهي، ان ڪري ايم ڪيو ايم کي قومي سوال ۽ طبقاتي ٻڌيءَ پيدا ٿيڻ جي خلاف هڪ ئي وقت استعمال ڪيو وڃي ٿو. پر اهو الميو ئي چئجي ته سندن ئي تخليق سندن ئي لاءِ ڏچو ۽ آزار بنجي چڪي آهي.

بهرحال بينظير حڪومت دؤران سگهاري اداري طرفان ڪراچيءَ ۾ آپريشن نه ڪرڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته بنگلاديش جي تجربي سبب اهو ادارو ڪنهن وڏي سولين ڇڪتاڻ کان پرهيز ڪندو هجي. ٻيو وري نواز شريف دور ۾ ايڪشن دؤران ان اداري جا پنهنجا تجربا ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري اهي ڪنهن سولين آپريشن کان پري رهڻ گهرندا هجن. تنهن کانسواءِ ان اداري جي اندر، ايم ڪيو ايم جي حامي عنصرن جو آپريشن خلاف دٻاءُ به ٿي سگهيو هوندو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته بينظير حڪومت جي ماتحتي ڪرڻ تان ان اداري ۾ اختلاف هجي يا شايد اهڙي انڪار سان اهي بينظير حڪومت جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ گهرندا هجن، ته جيئن اهو ادارو سندس ڪنٽرول کان آ زاد ۽ پري هجي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته خود بينظير به ان اداري کي ڪراچيءَ ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ پرجوش نه هجي، جنهن جو سبب سندس ماضيءَ جا تجربا ٿي سگهن ٿا.

بهرحال، اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته، نه رڳو ڪراچي بلڪ سڄو ملڪ ئي بحران جو شڪار آهي ۽ هر روز ماڻهن جي ڪرندڙ سماجي حالت، ان انتشار ۾ اضافو ڪري رهي آهي. تنهنڪري جيڪڏهن موجوده صورتحال برقرار رهي ٿي ته پوءِ انهي انتشار ۾ اڃا تيزي ايندي، بلڪي مختلف واقعن ٿيڻ جي صورت ۾ خانه جنگي جو هيٺين سطح تائين هليو وڃڻ ۽ رياست سميت اسٽيبلشمينٽ جا پاڻ ۾ اندروني ٽڪراءَ وڌي وڃڻ جا خدشا موجود رهندا.

هاڻ جيڪڏهن مٿئين صورتحال جو مختلف رخن کان جائزو وٺون ٿا ته پوءِ مستقبل ڏاڍو خطرناڪ نظر اچي ٿو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته بينظير حڪومت به ايندڙ طوفانن کان متاثر ٿيڻ کان رهي ڪانه سگهندي. هونئن به هن وقت بينظير حڪومت هلي رهي آهي ته صرف ۽ صرف حڪمران حڪمران طبقن جي ڀڃڊاهه ۽ خلفشار سبب هلي رهي آهي نڪي ڪنهن حقيقي سماجي بنياد يا رياستي حمايت سان. ڇو جو هن وقت اصل حڪمران طبقي وٽ ڪو روايتي متبادل موجود ڪونهي ۽ ملڪ هن وقت تمام گهڻي انتشار جو شڪار آهي ۽ صورتحال اهڙي آهي جو عوام جو ڪو به مسئلو حل ڪو نه پيو ٿئي، ته ٻئي طرف ڪراچي، ڪشمير ۽ ڪابل سميت هر هنڌ بارود وڇايو پيو آهي. تنهن ڪري هر وقت ڪنهن به وڏي داخلي يا خارجي واقعي ٿيڻ جو خطرو موجود رهي ٿو. جيڪو هاڻوڪي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پر فلحال بينظير جو ڪو متبادل نه هئڻ سبب حڪومت وڌيڪ هلي به سگهي ٿي. جيتوڻيڪ هن حڪومت جو 1998ع تائين مدو پورو ڪرڻ جو امڪان گهٽ نظر اچي پيو، پر ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ملڪي ۽ عالمي صورتحال فوجي بغاوتن جي حق ۾ نه هئڻ سبب اداري جي اندران ئي بغاوتن کي روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ جون ڪوششون به ٿينديون رهنديون. تنهنڪري تبديلي پارليامينٽ يا بيوروڪريسي جي ذريعي اچڻ جا امڪان به رکي سگهجن ٿا. افغانستان، ڪراچي ۽ ڪشمير سميت حڪومت جي ڪنهن به تبديليءَ دؤران بينظير ڀٽو کي ڪنهن جاني نقصان پهچڻ جا خدشا به رکي سگهجن ٿا. برطرفيءَ دؤران بينظير حڪومت عتاب (احتساب) جو به شڪار ٿي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سندس ڪافي وزير ۽ مشير کيس ڇڏي ويندا. .. . پر جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ۽ بينظير جي حڪومت هلي ٿي ۽ مدو پورو ڪري ٿي يا وچين مدي واريون چونڊون ڪرائي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ته پوءِ سندس مقبوليت ايترو ته گهٽجي وڃڻ جا امڪان آهن جو رياست جي اصل مالڪن کي کيس اقتدار کان پري ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه ايندي. تنهن کانسواءِ اهڙي صورتحال ۾ پارٽي جي اندر به بينظير جي خلاف ڏکيائي وڌي سگهي ٿي ۽ مير مرتضا يا ٻئي ڪنهن شڪل ۾ محترمه بينظير کان سياست ڇڏائڻ لاءِ ڪوششون ڪري سگهن ٿا، پر پوءِ به جيڪڏهن بينظير ميدان نٿي ڇڏي ته پوءِ اهي امڪان وڌي وڃن ٿا ته کيس تمام سخت قسم جي احتساب کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي. پر جيئن ته محترمه ذهين سياستدان آهي، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته اها عوامي جدوجهد، حڪومت آپوزيشن ڳالهيون يا ٻيو ڪو رستو اختيار ڪري حڪومتي عتاب کي ڪجهه ٿدو ڪرائي وڃي.

بهرحال مٿي بيان ڪيل سڀني امڪانن کي جامد انداز ۾ نه وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو ان جو دارومدار نئين ٺهندڙ حڪومت جي شڪل ۽ ڍانچي تي به هوندو.

تحرير: فياض سومرو

Published in daily Kawish, dated: March 13, 1996