۽ گهوڙي سواري شروع ٿي

تحرير: مسعود منور، ناروي

مشهور ڪالم نويس مسعود منور، ”ويچار ڊاٽ ڪام“ تي شايع ٿيل هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ” آغا شورش ڪاشميري چاليهه سال پهرين هڪ ويڪلي اخبار ”چٽان“ ۾ هڪ خبر شايع ڪئي هئي. مسعود منور موجب جيڪا ڳالهه چاليهه سال پهرين ”چٽان“ ۾ شايع ٿي چڪي آهي، ان کي اڄ چاليهه سالن کان پوءِ نيٽ تي شايع ڪرڻ تي ڪنهن کي ڪو گهڻو هرج نه هئڻ گهرجي.“

مسعود منور، آغا شورش ڪاشميري جي حولي سان اڳتي لکي ٿو ته، ”لاهور ۾ رات جو الفلاح بلڊنگ جي لڳ ڇوڪرن جي مارڪيٽ لڳندي هئي. هڪ ڇوڪرو پنهنجو سودو ڪري هڪ شهسوار سان هليو ويو. هنن وٽ عشق ڪرڻ لاءِ مناسب جڳهه ڪو نه هئي. تنهنڪري اهي هڪ باغ ۾ ويا ۽ گهوڙي سوري شروع ڪئي ته پوليس ڪڍ لڳي ويئي. شهسوار فرار ٿي ويو. گهوڙو زمين تي ئي سمهيو پيو هو. پوليس اچي گهوڙي کي آواز ڏنو. اڙي اُٿي، بزدل. ڇوڪري کين وراڻيو، بزدل اهو هو، جيڪو فرار ٿي ويو. مان بزدل ناهيان، مان ته ميدان تي قائم آهيان. هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو سچ هوندو آهي. گهوڙي جو پنهنجو سچ هو ۽ سوار جو پنهنجو سچ.

Courtesy: wichaar.com