حامد مير جي ڪالم تان ورتل هڪ ٽڪرو

سومر، 8- آڪٽوبر، 2007 جي روزآني جنگ ۾ ڪالم نويس حامد مير، پنهنجي هڪ ڪالم ”سب کا منهه ڪالا“ ۾ لکي ٿو ته: 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ مان چونڊجڻ کانپوء هن کي پڪو يقين هو ته ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزير ضرور ٺاهيندو. سندس ان يقين جو سبب به ڏاڍو دلچسپ هو. اهو ايئن ته چونڊن کانپوءِ ڀٽو هڪ دفعو لاهور آيو ته اهو فليٽر هوٽل ۾ اچي ٽڪيو هو. ان دؤران هڪ شام جو قصوري به وڃي اتي پهتو ۽ ڀٽي کان، کيس وزير بنائڻ جو ضد ڪرڻ لڳو. ڀٽو صاحب فليٽير جي لان ۾ اچي هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو. ان کانپوءِ ڀٽو صاحب، احمد رضا قصوري ۽ امان الله خان کي چيو ته توهان مان جيڪو به سٺو ڊانس ڪري ڏيکاريندو، مان ان کي پنهنجي ڪابينا جو وزير خارجا بڻائيندس. هوٽل جي هڪ ويٽر ميز کي طبلو ٺاهي وڄائڻ شروع ڪيو ۽ وزارت خارجه جي ٻنهي اميدوارن انڌا ڌنڌ نچڻ شروع ڪري ڏنو. ڀٽو ڪافي دير تائين تاڻيون وڄائيندو رهيو. آخرڪار ڀٽي ناچ جو مقابلو ختم ڪندي، قصوريءَ کي ڊانس جي مقابلي ۾ فاتح قرار ڏيندي کيس وزارت خارجه جو سڀني کان اهل اميدوار قرار ڏنو. پر ڪن سببن جي ڪري حڪومت سازيءَ ۾ دير ٿي ويئي. اهو عرصو قصوري لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪو نه هو ۽ هڪڙو هڪڙو ڏينهن گذارڻ به کيس ڳرو لڳي رهيو هو. نيٺ هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته ڀٽو ساڻس مذاق ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي قصوري صفا ڇتو ٿي پيو.

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڍاڪا ۾ سڏائجي چڪو هو ۽ شيخ مجيب رحمان ان جلاس ۾ پنهنجي مرضي جي هڪ قرارداد ذريعي پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ڀٽي ان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. پر احمد رضا قصوري ڍاڪا پهچي ويو ته جيئن عوامي ليگ سان ملي وزير بڻجي وڃي … پر ناڪاميءَ جي صورت ۾ واپس اچي ٻيهر بي حيائي سان ڀٽي صاحب جي چاپلوسي ڪرڻ لڳو. پر وري به ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيڻ تي ڀٽي تي پنهنجي پيءُ جي قتل جو ڪوڙو مقدمو داخل ڪرائي ڇڏيو. پر پوءِ وري به ڪجهه حاصل نه ٿيڻ کانپوءِ 1- جنوري 1977ع تي قومي اسيمبليءَ جي آخري اجلاس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي عوام جو نجات ڏياريندڙ اڳواڻ قرار ڏنو. ڪجهه مهينن کانپوءِ نجات ڏياريندڙ جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو ته قصوريءَ جنرل ضياءُ سان ملي ڀٽي صاحب کي موت جي سزا ڏياري. قصوريءَ اهو سڀ ڪجهه کلي عام ڪندو رهيو آهي ۽ پنهنجي ڪيل تي کيس اَڄ به ڪو افسوس ناهي. شايد اهو ڪارڻ آهي جو جڏهن خورشيد احمد، قصوريءَ جو منهن ڪارو ڪيو ته سڀ خوش هئا. …