ڊئرائيڪٽ ڊائلنگ
سرفراز سيد، آچر، 30 سيپٽمبر 2007 جي روزآني اوصاف ۾ لکي ٿو ته:
… ان کان وڌيڪ وڏو الميو، وڏو آزاريندڙ واقعو ٻيو ڪهڙو ٿيندو جو هڪ شخص جي ورديءَ کي سهارو ڏيڻ لاءِ قانون جا نام نهاد محافظ، قانون جي ئي علمبردارن تي لاٺيون وسائي رهيا آهن.
مونکي هڪ ٻئي جرنيل جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي. جڏهن جنرل ضياالحق جي دؤر ۾ ايم آر ڊي جي جدوجهد دؤران لاهور هائي ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر رابعه قاري ايڊووڪيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن جو جلوس هائي ڪورٽ کان ريگل چوڪ وٽ پهتو ته پوليس جلوس تي انڌا ڌنڌ لٺيون وسائڻ شروع ڪري ڏنيون. ان دؤران هڪ زوردار لٺ رابعه قاريءَ کي به لڳي. اها سخت زخمي ٿي ڪري پئي ۽ اڳتي هلي ان ڌڪ ۽ زخمن سبب گذاري وئي. پر ان حوالي سان، ان کان به وڌيڪ شرم ڏياريندڙ واقعو اهو ٿيو جو ان زماني جي هڪ سرڪاري اخبار جي چيف ايڊيٽر سندس اخبار جي پهرين صفحي تي ”ڊئرائيڪٽ ڊائلنگ“ جي عنوان سان خاص ايڊيٽوريل ڇاپيو هو. ان ايڊيٽوريل ۾ ڄاڻايو ويو هو ته، لاهور جي عوام کي پوليس جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي ته ان جي بروقت ڪاروائي ڪري طوائفن جي هڪ جلوس کي عين ان وقت تي روڪي ورتو، جڏهن اهي بي لباس ٿي ريگل چوڪ تي ناچ ۽ رقص ڪرڻ واريون هيون. پوءِ ان ايڊيٽوريل تي تمام گهڻو ۽ سخت ردعمل آيو هو. جنهن تحت لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ان سرڪاري اخبار جي بنڊلن کي ساڙيو ويو هو. لاهور هائي ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ۾ هڙني سرڪاري اخبارن ۽ انهن جي نمائندن جي داخلا کي بند ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ اهو به ته رڳو هڪ ڏينهن ۾ ان وڏي اخبار جي روزآني هڪ لک کان وڌيڪ جي اشاعت گهٽجي صرف چند هزارن تائين رهجي ويئي. ۽ پوءِ نيٺ ان اخبار جو وجود ئي ختم ٿي ويو. …
رورزآني اوصاف جي ٿورن سان