وِرلاپُ

رومانا شيخ

سالن کان، وري وري، ماڻهو منهنجي پـَري چهره صورت تي مون کي مبارڪون پيا ڏيندا هئا، ۽ منهنجي اک جي اهائي اُمـَٽُ چمڪ کين سدا پـَئي وڻندي ۽ لـُڀائيندي هئي

http://thefocus.wordpress.com/wp-includes/js/tinymce/plugins/wordpress/img/trans.gif

نيٺ به آءٌ ايتري خوشناڪ ڪيئن هـُيس! اِها مان سمجهي ئي نٿي سگهيس اصل. ائين، مـُوناليزا وانگر، ڄاتم ئي ڪونه ٿي ته منهنجي اندرَ ۾ اهڙي ڪا لاٽ هئي، جنهن مون کي ائين هر ڪنهن جي نظر ۾ ۽ هر حالت ۾ دلنوازي ۽ کـِڙيل گل جيئن ترو تازه ٿي رکيو. مون وٽ اُن نالي چڙهيل مصوريءَ جي شاهڪار جهڙي مـُنهن ۾ ڪا مـُرڪَ به ڪانه هئي، جنهن “مونا ليزا” کي سڀني جي اکين لاءِ ڪشش جو دائمي مرڪز بڻائي رکيو هو، ۽ نه ئي ڪا ڄاڻُ هيم ته مـَنَ جو ڪهڙو اُهو اُڀار هو، جنهن مون کي اُهو حوصلو ٿي ڏنو، جو گذرندڙ وقت جا گـُهنجَ به مون تي ڪو اثر نه پئي وجهي سگهيا. اصل اِئين، ڄڻ آءٌ ڪنهن اکـُٽـَنـِرواڻ جي حال ۾ جـِي رهي هيس! پر هيءَ سڀ حالَ ستيا مون لاءِ رڳو اُن گهڙيءَ تائين هئي، جڏهن منهنجي مـَنَ جو مرڪز ۽ ساهه جو سهارو اوچتو مون کان کسجي ويو.

هائو، رڳو اُڻ گهڙيءَ تائين، جڏهن مون کان منهنجو سڄو بختُ ڦـُرجي ويو ۽ سڀ ڪجهه هٿان وڃائي ويٺيس. اُڻ گهڙيءَ جڏهن منهنجو سترهن سالن جو سڀ کان ننڍو پٽ، عـَبيرُ، مون کان کسجي ويو. آگسٽ مهيني، سال 2008ع جي ڏهين ڏِينهن، اوچتي راهه ويندي حادثي ۾. هاڻي جڏهن مان آرسيءَ ۾ ڏسان ٿي، ته منهنجي اک هڪڙيءَ اڌ عمر گذاري آيل ٿڪل ناريءَ جي وساڻل مـُنهن تي وڃي پـَوي ٿي. منهنجون ڳوڙهن ۾ آليون اکيون مون کي ڪيئن ٿيون لڳن، اُهي مان بيان ڪريان ته ڪيئن ڪريان! موناليزا جي جڳ مشهور مـُرڪ وانگر ته هرگز نه، پر اُنهن جو اُونهو گهاءُ ڪو “ليونارڊا ڊا ونسيءَ” جهڙو ڏک ۾ ورتل مصور ئي چـِٽي ڏيکاري ته ڏسي به سگهجي! منهنجون قربائتيون ساهيڙيون ۽ ساڱيئڙا مـِٽ مائٽ، منهنجو لحاظ رکي، منهنجي سامهون ڪو اکر نٿا ڪـُڇن. هو منهنجي اکين ۾ ڏسڻ کان ڪيٻائين ٿا، جو منهنجي سـُڪي ٺوٺ ٿيل چپن کي هو کلائي به ته نٿا سگهن! اُنهن جي هيٺ لڙيل اکين ڏانهن ڏسندي آءٌ ته بس اِئين ٿي سمجهان، ۽ اَندر جي اَندر ۾ پئي وِجهلان. گهڙيءَ گهڙيءَ جي ياد ۾ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ٿا اچن، ۽ مون کي ڪو دلاسي ڏيڻ لاءِ اکين ۾ اکيون آڻي ڏسي به نٿو سگهي.

موناليزا جي دائمي مـُرڪ لاءِ جيڪي رايا آهن، تن مان هڪ هيءُ به آهي ته هـُن پنهنجي ٻئي پـُٽ جي ڄمڻ تي اِئين مـُرڪيو هو. پر اِن لاءِ اهو رايو ۽ ٻيا سڀ رايا “ڊاوِنسي ڪوڊ” ۽ آءِ (آءٌ) مـُوناليزا” جي پڙهڻ کان پوءِ غلط چيا ويا آهن. پر آءٌ پنهنجي تجربي مان پهرئين رايي کي صحيح ٿي سمجهان، جو منهنجو عـَبير به منهنجو ٻيو پٽ هو.

 

جيسين عَبيرُ مون سان هو، اصل ۾ آءٌ جوان هيس، چَينچل ۽ نئين نئين سچ ۽ تازن خيالن جي مالڪِ به. آءٌ اِنهيءَ ارادي جي هيس ته عـَبيرَ جي هر ارادي کي مان ڪامياب ڏسان! اِئين، جو هـُن جا ٻيا گهڻگهرا ڪي پنهنجا ارادا هـُن تي نه آزمائين ۽ نه مڙهين. آءٌ کانئس ڪو پـَهرُ پري ٿيندي هيس ته ترت هـُڻ کي پاڻ سان ڏسڻ ۽ ساڻُ هجڻ گهرندي هيس. آنڊي جي ڇڪ بي سبب، پاڻمرادو مون کي مجبور ڪندي هئي. هـُن جي ساٿ لاءِ مون “آزاد رهت” جي اصول کي ڇڏي “واڳيل رهت” جي اصول تي هلڻ ٿي چاهيو، سچ ته منهنجا ٻيا ٻار به ۽ سندن پيءُ، منهنجو گهروارو، ان منهنجي رخ تي دانهين هوندا هئا، پر آءٌ عبير سان اُهائي واڳيل بلڪ ڳنڍيل ٿي رهيس. جي مان ڇوڪرو هجان ها ته هـُن سان ائين سنگت ۾ رهان ها جيئن اڄ جا ڇوڪرا رهن ٿا. ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي ۽ ڳراٽڙيون پائي گڏ گهمون ها اسڪول ميٽ، ڪاليج ميٽ ۽ يونيورسٽي فيلو ٿي پڙهون ها، امتحان ڏيون ها ۽ گڏجي رانديون رهون ها.

هو ڏهن سالن جو هو ته مون کي هن ڪمپيوٽر جو استعمال سيکاريو هو، ٻارهن سالن جو هو ته ڪمپيوٽر پروگرامن سکڻ شروع ڪئي هئائين، هڪ سال اندر هو پنهنجو ڪمپيوٽر سائيٽ تيار ڪري چڪو هو. هـُن انٽرنيٽ تان گٽارُ وڄائڻ سکيو. مان حيرت ۾ هيس ته هو لکيل ولائتي ميوزڪ جا اکر پڙهي ٿي سگهيو جن جو ڪو هڪ اکر به مان سڃاڻي ۽ ٻولي نٿي سگهيس. آءٌ خوشيءَ ۾ نه ماپندي هيس جڏهن هو مون کي اُهي راڳ وڄائي ٻڌائيندو هو جن کي مان ٻڌڻ چاهيندي هيس پر خود کيس اُهي ايترا نه به وڻندا هئا. منهنجي اکين ۾ ڏيا ٻرندا هئا ۽ دل منهنجي ڀرجي اُٿلون کائيندي هئي، اِهو ڏسندي ۽ ڄاڻندي ته آءٌ اهڙي هڪ زنده دل جوان سان گڏ پئي رهان، جنهن ميڙي چونڊي حياتيءَ جو سڄو لطف آڻي منهنجي جهوليءَ ۾ وِڌو آهي!

اهڙي سراپا بهار ماڻهوءَ سان گڏ جيئندي، منهنجو مـُنهن مهڪندو هو ۽ وڌندڙ عمر جو پاڇولو به مون کان ڪوهين پري ڀڄندو هو ۽ ڪڏهن منهنجي رڳو پاسي کان به ڪينَ مـَٽيو. هـُن وٽ اهڙو ڪو سـَولو، سادو ۽ اَڻچـُڪ علاج هٿ ۾ هو، جنهن سان هو پنهنجي ماءُ جا سڀ اَهنجَ اُلڪا اَک ڇنڀ ۾ غائب ڪري ڇڏيندو هو، ۽ منهنجي دل جون دريون سدائين صبح جي ننِڊاکيل مٺيءَ هير سان ڀريل رهندوين هيون. ۽ پوءِ بلڪل ائين ٿيندو هو، جو گهر جي مهر ڀريل ڀاتين ۽ پنهنجي ٻارن ۽ سندن پياري پيءُ سان کاڌي جي ميز تي ويهي سڀ اسين چهڪندا ۽ کلندا هئاسين، ڪوڪيون کائيندا هئاسين ۽ گڏجي خوشيءَ جي کير جا پيالا پيئندا هئاسين.

اِن طرح آءٌ سدائين حيرت ۾ هوندي هيس ته اسان سڀني مان ۽ خاص طرح مون ۽ منهنجي پٽ عـَبيرَ ٻنهي مان ڪير وڌيڪ ڏاهو آهي: آءٌ پاڻ جيڪا ڪتاب پڙهي به سندن پالنا ڪرڻ سکي هيس، يا منهنجو پـُٽ عبير جنهن اها سڀ وِندُر ۽ فضيلت ايڏيءَ ننڍيءَ عمر ۾ پنهنجي تجربي مان، سا به ڪيئن، سکي ورتي هئي!

عبيرَ کي پنهنجا دوست ڏاڍا وڻندا هئا. اُنهن لاءِ هو ڪڏهن چڱي مـَٺي جا فيصلا ڪونه ڪندو هو. آءٌ پاڻ به ائين هوندي هيس هـُن جي دوستن سان به (سا به کانئن پري کان ئي) ڇو ته مون کي خود پنهنجن ٻين ڄاڻن ۽ ويجهن عزيزن تي به فيصلن ڏيڻ لاءِ ڪو وقفو يا ڪانڍ ڪانه هوندي هئي، ۽ خود هـُن لاءِ سندس پيءُ، اسان جو ڪار ڊرائيورُ، اسان جو بورچي ۽ آءٌ ته سڄي جا سڄا ۽ هر مهل حاضريءَ لاءِ هـَڪيا هئاسين مون کي خبر هئي ته هو پاڻ ئي ملنسار، بامروت ۽ ڏاڍو لحاظي هو ۽ هرڪو کيس چاهيندو هو، اُهو نيڪدل شخص جنهن کان هو ڀاڙي تي فلمون آڻيندو هو، دوڪاندارَ، هوٽلن جا بيرا ۽ خانساما به جيڪي کيس ڄاڻندا هئا، اُهي سڀ. پر هن جي سڄيءَ اِن رهت جو سبب به ڪهڙو هو! سندس هڪ دوست اِن جو جواب ٻڌايو هو. چيائين، “لڳ ڀڳ جنهن سان به هو مليو ٿي، اُن کيس ڀانيو ۽ پيار ٿي ڪيو بنا سبب، پاڻمرادو، اِن لاءِ هن کي ڪجهه ڪرڻو ڪونه ٿو پوي، ڇو ته هو آهي ئي ڀانئجڻ ۽ دل سان پيار ڪرڻ جهڙو!”

عبيرُ هيءَ دنيا ڇڏي هـُن دنيا ڏانهن ويو. اُهو لاڏاڻو به هـُن دوستن وٽ نيرن کائڻ لاءِ ويندي ويندي ۽ اُن ڏينهن ڪيو جڏهن سندس او ليول جي امتحان جو نتيجو ٿي نڪتو. مون پنهنجي پـُٽ جو قلمي نقش، جي پورو چٽيو آهي ته اِن ئي سبب مون کان ٿي سگهيو آهي، جو هو هئو ئي اهڙو. دنيا جي ڪن ماڻهن لاءِ هو سترهن سالن جو سمجهو ۽ موتيءَ جهڙو سچو ماڻهو هو. ۽ اِئين اُنهن جي آڏو هـُن جو تعليمي سفر معمول تي پورو ۽ ماٺ ماٺ ۾ نبريو ۽ نـِبار رهيو. پر مون لاءِ، عام انسانيت جي خيال کان، وطن ۽ ڌرتيءَ ماءُ لاءِ هو مستقبل جي مسيحائيءَ جي اميد ئي هو. هن جڏهن اُن اڄاتل صبح دوستن وٽ وڃي نيرن کائڻ جي موڪل گهري ته مون خوشيءَ سان اُها هـُن کي ڏني. مون ڄاتو ٿي ته هو اُتي وِندربو، خوش خوش موٽندو ۽ لڙئي سج مون کي اچي سندن ڳالهيون ۽ چرچا ڀوڳ ٻڌائيندو ۽ ويهي مون سان سندن معصوم دلين جا اوچا اوچا احوال ۽ اُمنگ شيئر ڪندو.

پر بي ترس ۽ نامراد حادثي سڄو منهنجو سمو بدلائي ڇڏيو، ۽ مان سڀ ڪجهه پل ۾ وِڃائي ويٺيس. مان عبيرَ کان گهڻو ڪجهه سـِکي هيس، فخر سان هن جي آڏو شاگردياڻي ٿي ويهندي هيس. پر مون کي هـُن پاڻ کان جدا ٿي جيئڻ جو سبق ئي ڪونه سيکاريو هو. اِهو ارمان منهنجي دل تان لهي ئي نٿو. آءٌ ڪو ليڪچر هن دنيا مان ماڻهوءَ جي جامي مٽائڻ تي ڪونه ٿي گهران، ڇو ته اِها حياتيءَ جي حقيقت ئي آهي. پر اهڙي ڪنهن ڏاهي جي گهرج اٿم، جيڪو مون کي ٻڌائي ته هانءُ کولي کـِلبو ڪيئن آهي: سڄيءَ دل تي ڇانيل ان من موهڻي ٻار کان سواءِ ڪيئن جيئبو! اُهو جيڪو پيارو هو، پيار ڏيندو هو، اکين ٺارُ ۽ جيءَ جيارُ هو! مون کي ته ويسهه نٿو ٿئي ته نيٺ به ڪيئن منهنجي هيءَ سـُڪي ٺوٺ ٿيل ماٺ جي مهر لهندي! اُهو جيڪو منهنجي ساهه جو ساهه هو، اوچتو مون کان ائين ڦرجي ويو! ۽ مان آهيان، جا وياڪل اکيون کنيو، اڌ مئل پکيءَ جيان عمر جي خالي پهاڙ ڏانهن ڏسندي ٿي رهان!

(انگريزي اخبار “ڊان سنڊي مئگزين جي ٿورن سان)

ترجمو: محمد ابراهيم جويو

Courtesy and Thanks: Daily Dawn Magzine and (Daily Ibrat- Nov. 6, 2008)