ڪبير جي شاعريءَ جا حيات- سـُڌار پهلو

محمد ابراهيم جويو

ڀڳتي تحريڪ هندستاني اتهاس جي وچئين دور (700ع کان 1600ع) ۾ اڀري. اُنهيءَ جو بنيادي زور ٻن شين تي رهيو، هڪ پريم ۽ ٻيو ارپنا (Devotion) تي. اِنهن ٻنهي شين کي سڀ کان اعليٰ وجود(Supreme Being) تائين پهچڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو ويو. هن تحريڪ جا سڀئي ڀڳت ”هيڪڙائيءَ“

کي مڃيندڙ هئا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا. اِنهيءَ هيڪڙائيءَ واري تصور جي شروعات تي تاريخدانن ۾ اختلاف موجود آهي . هڪڙن جو چوڻ آهي ته اهو فلسفو ويدن مان ورتو ويو آهي، ۽ پهرئين ويد رِگ ويد جو پهريون حمدُ، خدا سان پريم بابت آهي. جڏهن ته ٻين جو خيال آهي ته اهو تصور هندستان ۾ مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيو، جيڪي به هڪ خدا ۾ عقيدو رکندا هئا.

ڪن عالمن ۽ ڏاهن جو خيال آهي ته هيءَ تحريڪ ڀارت ۾ نئين سجاڳيءَ جي پهرين وڏي اُٿل هئي. هن تحريڪ جي اڀياس مان به ڄاڻ ملي ٿي ته اها پهرين مذهبي سڌارن جي تحريڪ هئي. هن تحريڪ جون خصوصيتون هن ريت آهن:

 

(more…)