هڪڙو هيو حليم
هڪڙو هيو حليم
اعجاز منگي
اهو ڏينهن ٻن وڏن حادثن وارو هو. هڪ اسلام آباد جو ايئرڪريش ۽ ٻيو سنڌي ادب جو ايئرڪريش!
ڪهڙن لفظن ۾ چئجي ته ڪهڙو حادثو وڏو هو؟ مارگلا جي هنج ۾ ڪري پيل هڪ جهاز جو يا ڪينٽ قبرستان جي ڪنڊ ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ حليم بروهيءَ جو هميشه لاءِ سمهي پوڻ وارو!
اسلام آباد ايئرڪريش تي ته ملڪ جون سموريون اخبارون ڀريل آهن پر حليم جي لاڏاڻي جي خبر صرف ڪلهي ڦاٽل ڪنجري جهڙين سنڌي اخبارن جي ڪنڊ ۾ شايع ٿي آهي. هو جيڪو پسون ۽ پيرونءَ واري وارياسي ديس جي دامن تي ڪنهن اداس گل وانگر ٽڙيو ۽ پنجيتاليهن سالن تائين مخالف هوائن سان سينو ساهيندي ۽ پنهنجي سرهاڻ جي سخاوت ڪندي نيٺ پتيون پتيون ٿي وکري ويو. پر هن وطن ۾ هاڻي ڪو به اهڙو ڪوي ناهي، جيڪو هن جي لاڏاڻي تي ”ڪينٽ جي قبرستان ۾“ ويهي لڙندڙ سج جي لام سان پنهنجي اداس لفظن جو هڪ نوحو ٻڌي
حالانڪه هن ديس کي خبر هئڻ گهرجي ته هن جي پلئه هڪ اهڙو نقصان پئجي چڪو آهي، جنهن جي تلافي ممڪن ناهي. ڇو ته بروهي ته بيشمار آهن. پر حليم هڪڙو هو. بحيثيت اديب به هڪڙو. ۽ بحيثيت انسان به هڪڙو!
هو جيڪو پنهنجي وکري ٽائپ وجود ۾ هڪ ديو جهڙو دهشت ناڪ دماغ ۽ پنهنجي سيني ۾ پيار جي پريءَ جهڙي معصوم دل رکندو هو.
هُن جهڙا منفرد ماڻهو، هِن ڌرتيءَ جي دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن!
”هن ڌرتيءَ جي دنيا“ جنهن جي لاءِ حليم عمر خيام جي اها رباعي پڙهندو هو ته:
”دل چاهي ٿي ته هن ڌرتيءَ جي گولي کي
هٿن ۾ کڻي، ڀڃي ڀوري ڇڏيان
۽ وري ان جي مٽيءَ مان جوڙيان
هڪ اهڙي دنيا، جيڪا منهنجي دل جهڙي هجي!“
هن دنيا کي پنهنجي دل جهڙو بڻائڻ جي امنگ ۾ اچي هن قلم کنيو پر هو پاڻ سميت پنهنجي ديس جي تقدير جي تحرير کي تبديل نه ڪري سگهيو. هو جيڪو پنهنجي لاءِ چوندو هو ته ”خدا جنهن ماڻهوءَ تي ناراض ٿيندو آهي، ان کي هڪ کان وڌيڪ صلاحيتون ڏيئي ڇڏيندو آهي ته جيئن هو ڪنهن ۾ به ڪمال حاصل نه ڪري سگهي. ته جيئن هو صرف ڊوڙندو رهي. ڪڏهن هن پاسي ۽ ڪڏهن هُن پاسي!“ حليم جي سموري زندگي ائين گذري. هو جيڪو وڪيل هو پر قانون جي سلسلي ۾ ڪمپرومائيز نه ڪرڻ سبب هو بلا جو ذهين هوندي به وڪالت نه ڪري سگهيو. جنهن کي گذر سفر ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ڪرڻي پئي ۽ ان جي مزاج ۾ سمجهوتي جي گنجائش نه هجڻ سبب هو يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ ٽڪي نه سگهيو. هو ڪڏهن اي سي ٽو ۾ هوندو هو ته ڪڏهن ڪالوني آفيس ۾! ڪڏهن لائبرريءَ ۾ ته ڪڏهن اسٽوڊنٽ هاسٽل ۾! هو پاڻ کلندي چوندو هو ته ”اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته مون کي يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي آفيس کان سواءِ باقي هر آفيس جي چارج ڏني وئي آهي“ هو جيڪو پاڻ تسليم ڪندو هو ته ”يونيورسٽي انتظاميا مون مان ڦاسي وئي آهي. هو مون کي جتي به موڪلين ٿا، مان اتي پنهنجو سسٽم هلايان ٿو“ ۽ يونيورسٽي انتظاميا هن جي محنت ۽ ايمانداريءَ جو اعتراف به ڪندي هئي. هو يونيورسٽيءَ ۾ هوندي ان سسٽم تي تنقيد ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندو هو، جيڪو سسٽم هن جي نظر ۾ اونداهين جو حامي هو. هو جيڪو روشنيءَ جو سفير هو، تنهن تي آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاگل پڻي جي تهمت هنئي هئي. هو واقعي ديوانو هو. هو جيڪو پنهنجي دل کان سواءِ باقي ڪنهن شئي کي تسليم نه ڪندو هو.
۽ هن سان ادب ۾ به ائين ئي رهيو. ادبي دنيا هن کي مزاحيه ادب جو اسٽار ڪوٺيندي هئي ۽ هو چوندو هو ته ”مان بنيادي طور تي تمام سنجيده ليکڪ آهيان“ ۽ هو هيو به! هن جو ناول ”اوڙاهه“ هن جي سنجيده ادب جو سڀ کان وڏو مثال آهي. جنرل ضياءَ جي آمريت دوران جڏهن فهميده رياض انڊيا ۾ جلاوطن هئي ۽ هن سنڌي ادب ۽ سماج تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو ته ان ڪتاب ۾ سنڌي ادب ۾ ناولن جي حوالي سان هن صرف حليم بروهيءَ جي ”اوڙاهه“ جو ذڪر ڪيو هو. هن جو اهو ناول جيڪو اڃان تائين سنڌ نه سمجهي سگهي آهي.
۽ تاريخ جي بي سمجهيءَ واري دور جي اوڙاهه ۾ هو سڄي حياتي جلندو رهيو. هو جيڪو عظيم تخليقڪار هو، هن ۾ تلخي ان ڪري ئي آئي جو هن جي آس پاس جو سمورو ماحول بي سمجهيءَ وارو هو. هو ته شڪايت ڪندي اهو به چوندو ته ”سنڌي ماڻهن کي منهنجيون مزاحيه لکڻيون به سمجهه ۾ نه ٿيون اچن!“ هو ڪنهن اديب يا ڪنهن عالم جي حوالي سان جيڪڏهن ڪا چرچي واري ڳالهه ڪندو هو ته اهي عالم ۽ اديب هن سان سنجيده بحث ڪرڻ ايندا هئا!
پر سنڌي ادب جي مشهور رسالي ”سهڻي“ کان وٺي هن جون مزاحيه ڪهاڻيون مقبول رهيون. ادب دوست هڪ ٻئي کي رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل شاعري ته پڙهي ٻڌائيندا آهن پر حليم بروهي اهو اديب هو، جنهن جون ڪهاڻيون ماڻهو هڪ ٻئي کي پڙهي ٻڌائيندا هئا.
هو جيڪو انگريزيءَ ۾ سوچيندو ۽ سنڌيءَ ۾ لکندو هو. تنهن کي آخر ۾ ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو ته هن کي پنهنجي ڏات سنڌي ٻوليءَ ۾ وڃائڻ نه کپندي هئي. ان ڪري هن آخر ۾ هڪ طويل انگريزي ناول تي ڪم شروع ڪيو. پر هن جي مزاج ۾ جذبات جو مقدار ايترو گهڻو هو جو جڏهن به هن کي ڪا ڳالهه ٺيڪ نه لڳندي هئي ته وري سنڌيءَ ۾ ان تي لکڻ شروع ٿي ويندو هو.
هو جيڪو سچ جو متلاشي هو. هو جيڪو سنڌ جو سقراط هو. ان کي سموري زندگي زهر پيئڻو پيو ۽ سقراط جيان هن جي دوستي هن ديس جي نوجوانن سان هوندي هئي. هو جيڪو عمر جي حوالي سان ننڍائي ۽ وڏائي ۾ اعتبار نه ڪندو هو. هو صرف دوستيءَ ۾ يقين رکندڙ شخص هو. هو دوستيءَ ۾ صرف نيت جي صفائي ۽ دل جو خلوص ڏسندو هو. هو جيڪو چوندو هو ته سڀ ڪجهه ڊرامو آهي. هن قوم کي انقلاب ۽ قوم پرستيءَ جي نالي ۾ ”الو“ بڻايو ويو آهي. هن جي تاريخ، ٻوليءَ ۽ تعليم توڙي ادب تي الڳ ائپروچ هئي. هو چوندو هو ته هن سان سنڌي ٻولي ۽ تاريخ جا نام نهاد عالم ان ڪري نه ٿا ٺهن ڇو ته جيڪڏهن هو منهنجي ڳالهه مڃين ٿا ته انهن جي زندگيءَ جي سموري ڪئي ڪمائي ضايع ٿي وڃي ٿي. پر ڇا سچ کي سڃاڻي مرڻ جهڙو ٻيو ڪوئي اعزاز ٿي سگهي ٿو؟
اهڙي سوال تي هو صرف مرڪي پوندو هو. هن جي مرڪ نهايت خوبصورت هئي. هن جي مرڪ کي ڏسي ٿوهر ۾ ٽڙيل گل ياد ايندو هو. هن کي ملي به ته ٿوهر جهڙي حياتي!
هو هر جينئس وانگر پنهنجي ماحول ۾ مس فٽ هو. جڏهن هن کي چيو ويندو هو ته ”تون زماني سان ٺهي ڇو نه ٿو هلين؟“ تڏهن هو فورن جواب ڏيندو هو ته ”زمانو مون سان ٺهي ڇو نه ٿو هلي؟“
جيڪڏهن هو تاريخ جي بهتر دور ۾ پيدا ٿئي ها ته سنڌ جي عظيم تبديليءَ جي مهندار صف ۾ هجي ها. پر هن جي حوالي سان اها ٻنهي جي بدقسمتي هئي ته هو هڪ ٻئي لاءِ سڦل نه ٿي سگهيا. نه هو پنهنجي ديس لاءِ ۽ نه ديس هن لاءِ! هو جيڪو هيرو هو پر هن سان سلوڪ اهڙو ڪيو ويو، جهڙو راهه جي پٿر سان ڪيو ويندو آهي. هن جهڙا انسان ئي قومن جي ڳچين جا هار هوندا آهن پر هو انهن مظلوم هيرن مان هو، جن کي احساساتي حوالي سان ڪنڌ ۾ رسا وجهي گهليو ويندو آهي. هن جو ذهن ايترو آسودو هو، جيترو ڪنهن به غيرمعمولي ماڻهوءَ جو ٿي سگهي ٿو.
هن کي هڪ سائنسدان جو دماغ ۽ هڪ شاعر جي دل هئي! هو انهن ٻنهي انتهائن جي وچ ۾ پيڙهبو رهيو. هن جي زندگي پيڙا جو طويل داستان آهي. اهو داستان جيڪو هن ديس کي سنجيدگيءَ سان ٻڌڻ گهرجي!
هن جي حوالي سان ڳالهيون ايتريون گهڻيون آهن،جو اهي هڪ ڪالم ۾ سهيڙي نه ٿيون سگهجن. هن جي صرف تعارف لاءِ به هڪ ڪتاب جي ضرورت آهي. هو جيڪو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. هن جي ذات جا اڪيچار پهلو هئا.
هڪ پهلو انقلابي وارو. ٻيو پهلو اديب وارو. ٽيون پهلو قوم کي تعليم جي حوالي سان نئين شعور ڏيڻ وارو. چوٿون پهلو ان معصوم ٻار وارو جيڪو ڪڏهن به وڏو نه ٿيو. هو واقعي اهڙو انسان هو، جنهن کي لطيف جو اهو شعر دل جي پوري امنگ سان ارپي سگهجي ٿو ته:
”ڪوڙين ڪايائون، تنهنجيون لکن لک هزار
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارئون ڌار
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!؟“
هن جا ڪيئي روپ ۽ ڪيئي رنگ هئا. ۽ هن جو هر روپ ڀرپور هو.
جهڙي طرح مرزا غالب کي پنهنجي دور کان شڪايتون هيون، تيئن هي به شڪون سان ڀريل باجو هو!
اهو باجو جيڪو خاموش ٿي ويو.
جنهن ۾ ماٺ ٿيڻ وقت به سوين هزارين نوان سُر هئا!
سي سڀ سر خاموش ٿي ويا!
غالب ڪيتري نه ڏک مان چيو هو ته:
”غالب خسته ڪي بغير ڪون سي ڪام بند هين؟“
هن جي هلي وڃڻ تي ته ڪو ڪهرام به نه ٿيو!
هاڻي حيدرآباد ۽ ڄام شوري جي گرمين ۾ ڪنهن کي نظر نه ايندو، اهو ويسٽرن اسٽائيل وارو ٽوپ پاتل ۽ پينٽ شرٽ وارو سنهڙو انسان جنهن جي رفتار جي ڀيٽ ۾ هيءَ ڌرتي ننڍڙي هئي!
هو جيڪو هنج جي هاٺيءَ وارو انسان هو. جيڪو هن ديس جي ويران بن ۾ پنهنجيون ٻوليون ڇڏي اڏاميو ۽ ايئر کي ڪريش ڪندي نيرين وسعتن ۾ داخل ٿي اسان جي اکين کان الوپ ٿي ويو.
Courtesy: Sindhi Daily Awami Awaz, July 30, 2010
Posted on July 30, 2010, in Haleem Brohi, Humor, Sindh, Sindhi and tagged Brohi, Haleem, Humor, Sindh, Sindhi, wirter. Bookmark the permalink. Leave a Comment.

Leave a Comment
Comments (0)