Sindh & Sindhi connection


آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، آٽو بايو گرافي لکڻ لاءِ ڪو خاص سبب سمجھه ۾ نه آيو آهي. ڪو غير معمولي ڪارنامو سرانجام نه ڏنو اٿم. ٽيليفون ايجاد نه ڪئي اٿم. بجليءَ جو بلب نه ٺاهيو اٿم. آگبوٽ نه ٺاهيو اٿم. ريل گاڏي نه ٺاهي اٿم، ماڻهن کي مارڻ لاءِ بم ۽ بندوقون نه ٺاهيون اٿم. حياتي بچائڻ لاءِ ڪارٽيزون جھڙيون دوائون ايجاد نه ڪيون اٿم. ڪجھه به ته نه ڪيو اٿم! مان ته ٽچ بٽڻ ۽ ٽاچني به ٺاهي نه سگھيو آهيان! ريڊيو ۽ ٽيليوزن ته پري جي ڳالهه آهي، مان ته مس ۽ مس ڪُپڙي به ٺاهي نه سگھيو آهيان. نه ڪو ملڪ فتح ڪيو اٿم، نه وڻ پوکايا اٿم، ۽ نه کوهه کوٽايا اٿم، ۽ نه ئي اڻ آرين کي آريو ڪيو اٿم. ته پوءِ ڇا جي ڪري آتم ڪٿا ٻڌائڻ تي سندرو ٻڌو اٿم! ڪوشش جي باوجود سهڻيءَ جو ميهار، ۽ نه ئي سسئيءَ جو پنهون ٿي سگھيو آهيان. نه ليلى جو قيس ٿي فراق جو رڻ وڃي وسايم، ۽ نه ئي شيرين جو فرهاد ٿي تيشي سان خودڪشي ڪيم. نه ڪَوي ڪاليداس ٿيس، ۽ نه ئي گوتم جو گياني ڀڪشو آنند ٿي سگھيم. دل جي ڪينواس تي دز چڙهي ويئي. مان ڊوانچي، وان گوگ، پڪاسو، شاڪر علي، ۽ صادقين ٿي نه سگھيس. برش سڪي ويا، رنگن پنهنجو رنگ وڃائي ڇڏيو. هڪ رنگ سڀني رنگن تي حاوي ٿي ويو، ڪفن جو رنگ، سفيد رنگ!

(more…)

خدا خير ڪري

 

بخار جي امير جڏهن بخارا کي رڳو سٺ هزار روبلن ۾ روسين کي وڪڻي ڇڏيو ته روسين کي ڏاڍي حيرت لڳي هئي. پر پوءِ کين، ڪنهن اهو ٻڌائي سندن حيرت ختم ڪئي هئي ته بخارا جي امير کي سٺ هزارن کان مٿي ڳڻڻ ئي نٿو اچي. سنڌ جي جڙتو ڀوتارن کي الائي ڪهڙي انگ تائين ڳڻپ اچي ٿي؟ خدا خير ڪري

.