Posted by Indus Asia under
Uncategorized | Tags:
WomenRights |
Leave a Comment
عورت آزاد

تحرير: مسز ارمغان سومرو
عورتن سان امتيازي ۽ ناانصافيءَ وارو سلوڪ ۽ معاشري ۾ ان جي گهٽ حيثيت اصل ۾ مردن جي طبقاتي معاشري جو هڪ عالمي مظهر آهي. نه رڳو پاڪستان بلڪي سڄي ننڍي کنڊ ۾ عورتن سان انتهائي خراب سلوڪ روا رکيو ٿو وڃي. خاص طور تي هاڻ ته اسان جي معاشري جي ڊرگ مافيا طرفان ڊرگز ۽ معاشري جي ٻين خرابين تان نظر هٽائڻ لاءِ اهي پنهنجي پگهاردار مولوي صاحبن جي ذريعي عوام کي عورتن جي خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن. جڏهن ته اسلام ۾ عورتن جي باري ۾ اهو تصور ڪڏهن به نه رهيو آهي ته اهي رڳو گهر جو ڪم ڪنديون ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ تي بندش هوندي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جا نالي ماتر ڄاڻ رکندڙ مولوي صاحبان اسلام جي انهن ناياب ۽ سونهري اصولن کي وساري ويهن ٿا، جن مطابق:
۱. عورت ۽ مرد تي علم حاصل ڪرڻ فرض آهي.
۲. علم حاصل ڪيو ڀلي ان لاءِ اوهان کي چين به وڃڻو پوي.
مٿي بيان ڪيل ٻنهي حديثن ۾ عورتن ۽ مردن ۾ ڪو به فرق ڪيل نه آهي ۽ نه ئي اهو بيان ڪيل آهي ته ڪو مرد علم لاءِ چين وڃي ۽ عورت نه.
۳. علم حاصل ڪيو ، ڄمڻ کان مرڻ گهڙيءَ تائين.
(more…)