روهڙيءَ جي مائي بيگم فقيرياڻي به هڪ هئي

روهڙيءَ جي مائي بيگم فقيرياڻي به هڪ هئي، جنهن سڄي ڄمار حقيقي عشق واري الفي پائي صوفي رنگ ۾ رڱجي صوفياڻي پيغام کي در در پهچايو ـ
مائي بيگم جو 1915ع ۾ هارون فقير ميربحر جي گهر ۾ جنم ٿيو، مائي بيگم ٻالڪپڻ واري عمر کان خاموش سمنڊ جهڙي گهري سوچ رکڻ واري ڇوڪري هئي، بيگم فقيرياڻي به پنهنجي بابا سان گڏ درگاھ هنباھ جون مٽيون ڀرڻ شروع ڪيون، پنهنجي بابا جي وفات کان پوءِ ان جي ڏنل گس تي هلي پئي ۽ حقيقي عشق جو رنگ به فقيرياڻي کي درگاھ هنباھ شريف مان مليو، پوءِ بيگم فقيرياڻي پوري زندگي عشق واري الفي پائي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهري رکيا، بيگم فقيراڻي لڳ ڀڳ 1940ع ۾ باقاعده راڳ جي شروعات ڪئي، مائي بيگم فقيرياڻي جي گروپ ۾ جيڪي سنڌ جا مشهور راڳي گڏ ڳائيندا هئا، انهن ۾ استاد لونگ فقير، گلشن علي زنگيجو، سهراب فقير، گل حسن فقير ۽ غلام علي سنديلو هميشه فقيراڻي سان ساٿ نڀايو، فقيرياڻي جي صوفي راڳ ۽ آواز سڄي سنڌ ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو اڄ به سنڌ جا ماڻهو کيس بيگم فقيرياڻي، امان فقيرياڻي ۽ لطيف جي فقيرياڻي جي نالن سان ياد ڪن ٿا، بيگم فقيرياڻي صوفي راڳي سان گڏ شاعره به هئي، هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور مان ڪيترائي ڪلام نشر ٿيا، هن جي مقبول ڪلامن ۾ ’مونکي پنهنجي سهڻي سنڌ تي ناز آ‘، ’جوڳي ٿا جاڳن‘، ’ڪير ڪشالا ڪري‘، ’جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي‘، ’ڏورئون ٿا ڏسجن ماڳ مٺن ماروئڙن جا‘، ’پٽ نه پنهوار‘، ’ڪعبي ۾ علي ڄائو‘، ’دنيا جا تونگر هڪ پاسي‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام آهن جيڪي هن جي سڃاڻپ بڻيا، بيگم فقيرياڻي شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي، داتا ولايت شاھ ۽ شاعره غلام فاطمه لعل جي ڪلامن کي وڌيڪ ڳايو ـ
پاڻ پوري حياتي پيار جا پکيئڙا پاليندي، 13 اپريل 1987ع هن فاني جهان کي هميشه لاءِ الوداع چئي وئي.
هن ڀٽائي سرڪار جي ڪلام ۾ لونگ فقير هارمونيم/ پيٽي تي موجود  آهي..

Courtesy: Via Facebook.

سنڌ بابت سوچون، خيال ۽ صلاحون‎

سنڌ بابت سوچون، خيال ۽ صلاحون

ذوالفقار شاھ
سنڌ ۾ هوئن ته گهڻن تبديلين، ترقي ۽ اصلاحي ڪمن جي ضرورت آهي، پر اڄ واندڪائي ۾ ڪجھ مختصر خيال آيا، سو ضروري ٿو سمجهان ته فيس بوڪ ذريعي دوستن سان شيئر ڪجن ـ متان ڪا هڪڙي به راء ڪارائتي هجي ـ

1 _ پرائمري تعليم جو معيار بهترين ڪرڻ لاء سڀ ڪوششون ٿيڻ کپن. يونيورسٽين کي پرڏيهي استاد ڪانٽريٽ تي رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. گهٽ ۾ گهٽ هر ڊپارٽمينٽ سال ۾ 4 ڀيرا پرڏيهي مهمان استاد کي پرڏيھ ما گهرائي، کانس فائدو وٺڻ کپي.

2 _ سنڌ ۾ نوجوان انگريزي، فرينچ، جرمن، هندي، چيني، روسي، فارسي ۽ اسپينيء جا ماهر پيدا ٿيڻ کپن.

3_ نوجوانن کي قدرتي وسيلن سان لاگپيل سائنسن، انجنيرانگ، سافتويئر مهارت ۽ مئنيجمينت ۾ اگيان اچڻ کپي.

4_ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هلندڙ فسادن ۾ عوام جي بهبود لاء اين جي اوز رضاڪار طلب ڪنديون آهن، جن جا اعلان مختلف ويب سائيٽن تي ٿيندا رهن ٿا. دلچسپي رکندڙ سنڌي نوجوانن کي درخواست ضرورو جمع ڪرائڻ کپي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاء رضاڪار جو ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ کپي.

5_ وچولي ۽ سرندي وارن طبقن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا ٻار قبرص، يونان، ترڪي، ڏکڻ آفريقا، ٿائيليند، وچ ايشيا ۽ ملائشيا ۾ پڙهائڻ گهرجن، جتي پڙهائي جو خرچ تمام گهٽ آهي ۽ اسڪالرشپ جا مضبوط امجڪان پڻ موجود آهن.

6_ سمورا سنڌي بشمول سنڌيت جا قائل سنڌي مولوي سنڌي هندن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سندن وطن بدريءَ واري هاڃيڪار عمل کي روڪڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، سنڌ جي آبادياتي تناسب ۾ تبديلي تباه ڪندڙ ثابت ٿيندي.

7_ سنڌي اخبارن منجھ وڌ ۾ وڌ ڏکڻ ايشيا ۽ باقي دنيا ۾ تيزيء سان ٿيندڙ تبديلين تي تجزيا ۽ تحريرون سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ٿيڻ کپن. بين الاقوامي معامرن تي سنڌ اندر سيمينار ٿيڻ کپن ۽ سنڌي ۾ ڪو رسالو يا جرنل نڪرڻ گهرجي.

8_ سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ انهن جي مک ڪارڪنن کي ڏکڻ ايشيا، ايشيا ۽ يورپ جي سياسي تحريڪن ۽ پارٽين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کپي.

9 _ سنڌي سول سوسائٽيء ۾ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ فردن ۽ ادارن کي گڏيل قومن جي سماجي، سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ مڪامي ماڻهن جي حقن وارن چارٽرن تي سرگرمي ڪرڻ کپي.

10_ سنڌي پنهنجي زمين بالخصوص سامونڊي پٽي، پنجاب، بلوچستان ۽ ڀارت سان ملندڙ سرحد وٽ موجود زمين ڪنهن به ڌارئي يا غير سنڌيء کي نه وڪڻن. ضرورت پوڻ جي صورت ۾ مقامي سرنديء وارا سنڌي ڪنهن مجبور سنڌيء کان اهڙي خراداري ڪن، بجاءَ جو هو ڪنهن ڌارئي کي وڪڻي. 
11_ شاهراهن خاص طور نيشنل هاء وي، انڊس هاء وي، ۽ سنڌ _ بلوچستان کي ملائيندڙ روڊن تي سنڌي، بلوچ يا بلوچستان جا مقامي پشتون وڌ ۾ وڌ خريداري يا ڪروبار ڪن.

12_ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪجي ته پاڪستاني سڪار جي ويزن 2025 کي نظر ۾ رکندي (جيڪڏهن هنن کي ڳن تائين پهچ هجي ته) سنڌي سياست ۽ ڪاروبار ڪن.

13_ سنڌ مان اليڪشن وڙهندڙ سياسي پارٽين تي سياسي ۽ اخلاقي دٻاءُ وجهڻ کپي هو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اسيمبليء جي ٽڪيٽ سنڌي يا وري اهڙن اميدوارن کي ڏين، جن جي مفاد ۽ وفا جو مرڪز سنڌ ۽ اها پارٽي هجي ۽ يا ته هو ڌرتي ڌڻي هجي يا وري مستقل آبادڪار هجي.

14 _ جيڪي ڌريون اليڪشن نٿيون وڙهن سي سيڪيولرازم ۽ عسڪريت ۽ حقيقي سول ڊيموڪريسيء لاء سنڌ مان اٿندڙ آواز جو مددگار ٿيڻ کان نه ڪيٻائين.

15_ آزادي مارچ کانپوء سنڌين جي قومي تحريڪ کي سول نافرمانيء جهڙين پرامن تحريڪون هلائڻ جهڙي قدم بابت پڻ مستقبل ۾ سوچڻ کپي.

16 _ وفاقي سياست ڪندڙ پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ کي سنڌ جي مفادن لاء ڪنهن گهٽ ۾ گهٽ چارٽر تي متفق ٿيڻ کپي.

17_ قومي خودمختياريء تي يقين رکندڙ پارٽين کي سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۽ خوداختياريء واري معاملي تحت ريفرينڊم جو سوچڻ کپي.

18_ متحده قومي موومينٽ کي عملي طور تي ۽ حتمي طور تي ثابت ۽ طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هو سنڌين ۽ سنڌ سان گڏ آهن يا نه؟

19_ سنڌ ۾ موجود سموريون پارٽيون انگريزي ۾ پنهنجي سرگرم ويب سائيٽ لانچ ڪرن، جن تي پنهنجي سرگرمين کي مسلسل اپڊيٽ ڪن. گڏوگڏ فيس بوڪ جيان ٽوئيتر تي به آفيشل اڪائونت قائم ڪن.

جي وقت سان گڏ هي سڀ ڪم، هنن مان ڪجھ يا ڪو هڪڙو به ڪم بهتر طريقي سان ٿي پيو ته نئين سنڌ جا عملي بنياد پئجي ويندا!

Courtesy: via Facebook

ڀڳت ڪنور تنهنجي اُٻاڻڪي سنڌ

آهين تون ئي تون

ڀڳت ڪنور تنهنجي اُٻاڻڪي سنڌ!

جاويد قاضي

ڪاٿي ڪو مسئلو ٿئي ٿو، ڪو سُور، ڪو احساس ٿئي ٿو، جيڪو لکڻ لاءِ اُتساهي ٿو، هن ڏيوالپڻي جي عمر مان گذرندڙ سنڌ، جنهن تي ڪائنات جي وشال وقت جي آبشارن مان ڪيترائي سال، ڏهائيون ۽ صديون لٿيون، انهن زمانن جي مڪانن مان ڪائنات جي گهنٽه گهرن مان ڪي صديون عميق ٿي ويون ۽ ڪي وقت اهڙا به پيا ڄڻ ڪو اوڙاهه هو، ڪو ڀنور هو، جنهن ۾ سنڌ ڦاسي پئي ۽ ڪنور ڀڳت سڀ ڏسي رهيو هو، تڏهن ئي ته چيائين ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو، مون کي آڌار تنهنجو، ڪونهي ڪو مائٽ منهنجو“. اڃا ڪائنات جي وشال وقت مان ورهاڱو ڪو نه لٿو هو، اڃا ته سنڌ تي اهنسا جو سج ڪو نه لٿو هو پر ڀڳت ڪنور ڏسي رهيو هو، پنهنجي نماڻين اکين ۾ اهو اڀاڳو اڀرندڙ سج، جنهن ۾ هن سنڌ جو شاندار ماضي ۽ ان تي اڏيل خوبصورت حال، سڀ ٽٽي ۽ وکري پوندو ۽ پوءِ ايئن به ٿي پوندو جيئن ڪافڪا چوندو هو ”مان ته آهيان ڪا واٽ خزان جي، پيلن پتن سان ٽٻٽار، اچان هنج ڇنڊي نه ٿم ته وري پيلن پتن ۾ ٻڏي پئي آهيان“.

Read the rest of this entry

حليم بروهي–– سياري جي اها شام

حليم بروهي––  سياري جي اها شام ۽ ڪافيءَ جا مگ

امداد سومرو

هوئي مدت ڪي غالب مرگيا، پر ياد آتا هي،

وه هر ايڪ بات په ڪهتا ڪه يون هوتا تو ڪيا هوتا.‘ (غالب)

جيڪڏهن اسان موت جا ايترا پوڄاري نه هجون ها ته مان هيءُ ڪالم هن جي جيئري ئي لکي ڇڏيان ها. ۽ يقينن هيءُ ڪالم پوءِ ٻئي انداز ۽ نوعيت سان هجي ها. مان انهيءَ شام جي ان نه وسرندڙ ڊگهي ملاقات کي جيڪڏهن ان وقت قلمبند ڪري ڇڏيان ها ته جيڪر چڱو ٿئي ها. ڪلاڪن تائين ٿيل ان ڪچهريءَ کي هن ”هڪ ملاقات ۾ ڪيئي ملاقاتون“ جو نالو ڏنو هو. منافقت ۽ ٻچاپڙائپ واري ڪلچر جو ماڻهو، سنڌ جو هي انٽرنيشنل باغي فرزند حليم بروهي هاڻ نه رهيو. هو جيڪو انگريزي، سنڌي ۽ هنديءَ جو اسڪالر هو. خيام، تنهنجو عاشق مري ويو

Read the rest of this entry

حليم بروهي

ڪتابن ڪڏهن به ڪنهن جو پيٽ نه ڀريو آهي

اسلم آزاد

بغداد جو قصو آهي ته اتي هڪ عالم سڳورو رهندو هو ۽ مڪتب ۾ ٻارن کي پڙهائي پيٽ گذر ڪندو هو، قضاءِ الاهيءَ سان هڪ ڏينهن نوڪري هلي ويس ۽ عالم بيروزگار ٿي ويو، هاڻي پيٽ جو دوزخ ڀرجي ته ڪيئن، پاڙي وارن کان ماني به گهري نه پئي سگهيو، خيال اهو هيس ته ماڻهو ڇا ته چوندا پر ڪتابن ڪڏهن به ڪنهن جو پيٽ نه ڀريو آهي، نيٺ اهو عالم شهر کان ٻاهر نڪري رستي تي آيو ته ڪو قافلو لنگهي ته انهن کان ماني گهران، نيٺ پريان اٺ ايندي ڏٺائين ۽ وقت گذارڻ لاءِ اٺن کي ڳڻڻ لڳو، ٻه سو اٺن لنگهڻ کان پوءِ آخري اٺ تي ويٺل سوار کي بيهڻ جو اشارو ڪيائين، هو بيٺو ته ان کي چيائين: ادا مون کي ماني کاراءِ ۽ پاڻي به ڏي- واندو ٿيو ته عالم جو دماغ وري حرڪت ۾ اچي ويو ۽ سوار کان  پڇيائين ته ادا ڪهڙو سامان اٺن تي کنيو اٿئي؟

اوٺيءَ ٻڌايس ته هر اٺ تي ٻه ٻورا آهن، هڪ ٻوري ۾ اناج ۽ ٻئي ٻوري ۾ واري يعني ريتي- عالم چيس ته اناج واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر ريتي بجري ڇو؟

اوٺيءَ جواب ڏنو ته وزن ٻنهي پاسي برابر يا بئلنس ڪرڻ لاءِ- عالم چيس ته ڀائو اهو ڪم ته ٻنهي ٻورن ۾ اناج ڀرڻ سان به ٿي پئي سگهيو! اوٺي حيران ٿي چيو ته مار، تو کي ته وڏو عقل آهي، اهو ٻڌاءِ ته تو وٽ ڪيترا اٺ آهن؟ عالم وراڻيو ته مون وٽ جيڪڏهن اٺ هجن ها ته تو کان ماني ڇو گهران ها! هن جواب ڏنس ته ادا پوءِ اهڙو عقل ۽ علم ڪهڙي ڪم جو، جيڪو تنهنجو پيٽ نٿو ڀري سگهي.!

حليم بروهي گذاري ويو ۽ اسان کي علم واري شخصيت جي وڇوڙي تي افسوس ۽ ڏک ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي، عاشق شاهه به تازو اسلام آباد ۾ ٿيل هوائي حادثي ۾ رباني راهه وٺي ويو، حليم بروهي ڪافي ڪالم لکيا ۽ ڪجهه ڪتاب به. هن جي طنز ۽ مزاح جو پنهنجو لطف هو، پنهنجو انداز هو، حليم بروهيءَ جو نالو تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو ڇو ته هو پنهنجي ڪتابن ۽ لکڻين ۾ زندهه آهي پر جيڪي ماڻهو پئسي ڪمائڻ جي ڪڍ آهن، انهن جو ڇا ٿيو؟ اخبار جي ٻن يا ٽن لائينن جي خبر به انهن لاءِ وڏي آهي-

زرار جي مختصر لکڻي آئون عوامي آواز ۾ پڙهندو آهيان، ”نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون“ آئون کيس صلاح ڏيندس ته پنهنجي ڪالم جو نالو لکي ”نوٽ ڏيڻ واريون ڳالهيون!“

Courtesy: Sindhi Daily Awamiawaz, Sturday, July 31, 2010http://www.awamiawaz.com/2010/Aug/1st/Articls/02.htm

هڪڙو هيو حليم

هڪڙو هيو حليم

Haleem Brohi

Haleem Brohi

اعجاز منگي

اهو ڏينهن ٻن وڏن حادثن وارو هو. هڪ اسلام آباد جو ايئرڪريش ۽ ٻيو سنڌي ادب جو ايئرڪريش!

ڪهڙن لفظن ۾ چئجي ته ڪهڙو حادثو وڏو هو؟ مارگلا جي هنج ۾ ڪري پيل هڪ جهاز جو يا ڪينٽ قبرستان جي ڪنڊ ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ حليم بروهيءَ جو هميشه لاءِ سمهي پوڻ وارو!

اسلام آباد ايئرڪريش تي ته ملڪ جون سموريون اخبارون ڀريل آهن پر حليم جي لاڏاڻي جي خبر صرف ڪلهي ڦاٽل ڪنجري جهڙين سنڌي اخبارن جي ڪنڊ ۾ شايع ٿي آهي. هو جيڪو پسون ۽ پيرونءَ واري وارياسي ديس جي  دامن تي ڪنهن اداس گل وانگر ٽڙيو ۽ پنجيتاليهن سالن تائين مخالف هوائن سان سينو ساهيندي ۽ پنهنجي سرهاڻ جي سخاوت ڪندي نيٺ پتيون پتيون ٿي وکري ويو. پر هن وطن ۾ هاڻي ڪو به اهڙو ڪوي ناهي، جيڪو هن جي لاڏاڻي تي ”ڪينٽ جي قبرستان ۾“ ويهي لڙندڙ سج جي لام سان پنهنجي اداس لفظن جو هڪ نوحو ٻڌي

Read the rest of this entry

حليم لاءِ ڇا لکجي…..؟

حليم لاءِ ڇا لکجي…..؟

عمر قاضي

”موت مسئلو ناهي، مسئلو حياتي آ“

منهنجو ويساهه سدائين ان مٿين سٽ تي رهيو آهي. پر پوءِ به جڏهن مون کي هن جي موت جي خبر منهنجي موبائل فون جي اسڪرين تي هڪ ”ايس ايم ايس“ جي صورت ۾ اڀري ته موبائل فون جو ننڍڙي اسڪرين تي هن جي تصوير اڀري آئي. هو جنهن کي مون اڪثر غصي ۾ ڏٺو هو. هن جو اهو غصو، هن جي اها ڪاوڙ هن جي لکڻين مان پڌري هئي. هن جي ان انداز کي ڏسي مون کي اڪثر اهو شعر ياد ايندو هو ته

Read the rest of this entry

عقلمند

عقلمند

حليم بروهي

·  چريو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏو عقلمند سمجهندو آهي، مان پنهنجي ڳالهه پيو ڪريان، ٻين چرين جي نه.· زيب سنڌيءَ کي ڪنهن موبائيل تي نياپو ڏنو ته سٺو ليکڪ جسماني  نقص ۽ چريائپ جي ئي ڪري سٺو لکي سگهندو آهي ۽ جيڪڏهن هن ۾ اهي ٻه نقص  نه هجن ته هن جو سٺو ليکڪ ٿيڻ ناممڪن آهي. مون زيب کي جواب موڪليو ته سندس اهو دوست بلڪل صحيح آهي، مون ۾ جسماني نقص به آهن ۽ مان چريوبه آهيان. هن جواب ڏنو ته هو مون کي جينيس ليکڪ سمجهندو رهيو آهي. جواب ڏنومانس ته جينينس هجڻ ممڪن ئي ناهي، جيستائين چريائپ موجود ناهي. مان نٿو ڄاڻان ته زيب جو مون بابت هاڻ خيال ڇا آهي. مون وٽ ثابتي آهي، منهنجي ننڍپڻ کان ئي چريي هجڻ جي. پنهنجن سڀني ٻارن مان منهنجي ماءُ مون کي سڀني ٻارن کان وڌيڪ ڀائيندي هئي، ۽ پاڻ ڄاڻون ٿا ته ماءُ پنهنجن ٻارن مان ان ٻار کي وڌيڪ ڀائيندي آهي، جنهن ۾ ڪو نقص هجي. جن منهنجي ماءُ کي نه ڏٺو، جن جو واسطو منهنجي ماءُ سان نه پيو، يا جن کي منهنجي ماءُ نه وڻندي هئي، سي چوندا رهيا ته حليم کي سندس ماءُ کاريو. امان ڄاڻندي هئي ته حليم چريو آهي ۽ دنيا ۾ نه هلي سگهندو ۽ ضرور گند ڪندو، سو هو ڪري به ڇا ٿي سگهي، سواءِ مون کي پيار ڪرڻ جي

Read the rest of this entry

حليم! آد جڳاد جو ڪاوڙيل يوگي

حليم! آد جڳاد جو ڪاوڙيل يوگي

گل محمد عمراڻي/حيدرآباد
هو سڄي ڄمارControversial   (متنازع) ئي رهيو. ننڍپڻ ۾ اسڪول ۾، ڪاليج، يونيورسٽي، وڪالت، يونيورسٽي ۾ نوڪري جي دوران ۽ آخر ۾ رٽائرمينٽ کان پهرين ۽ پوءِ به هن جي دل ۾ هڪ ٻار جهڙي معصوميت هئي، پر هن جي متحرڪ زبان ۽ قلم ۾ هڪ ٻه ڌاري تلوار جي تک ۽ ملير جي ساون مرچن جي ڪوڙاڻ هوندي هئي. منهنجي شناسائي هن سان هن جي انگريزي ۾ ڇپيل مختصر ڪتابڙنBook lets) ) جي ڪري اڳ ۾ هئي، پر ظفر حسن جي پرفيڪٽ پرنٽرز تي 1972ع ۾ باقاعده ٿي، جڏهن مون Ariel (انگريزي شعبي جو ساليانو رسالو) جو هڪ شمارو ايڊٽ ڪري، ان جا پروف پئي پڙهيا (تڏهين اسان جي پهرين ملاقات ٿي). هن جون اهي مرچن جهڙيون لکڻيوڻ ته انگريزي ٻولي جي عين مزاج مطابق هيون، پر سنڌي مزاج اڄ تائين اهڙين بي تڪليف چونڊڙين کي برداشت ڪرڻ پنهنجي صدين پراڻن نيمن ڪري بلڪل نه سکيو آهي. حليم کي هن حقيقت جو خود به ادراڪ هو ۽ پاڻ ڪٿي اهو چيو به اٿس ته، ”ڇو ته مان ادب جي عام وهڪ کان ڪجهه الڳ ئي رهيو آهيان، تنهن ڪري مون سان ٽريجڊي هيءَ آهي ته مون کي اهي به پڙهن ٿا، جن کي مان نٿو وڻان“. حليم کي تڪرار ۽ بحث مباحثو ڏاڍو وڻندو هو، اهو هن جي فلسفيانه مزاج ۾ هو، ۽ هو ڄاڻي واڻي Holy Cows   (مقدس ڍڳين) کي چهبڪ هڻندو هو. هن جي انهن گستاخ لکڻين جي ڪري اڪثر تنازعه ۽ تڪرار جنم وٺندا هئا، جنهن کي هو ڏاڍو enjoy ڪندو هو. هن ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته جيترو منفرد ۽ بيباڪ هن سنڌي ۾ لکيو، اوترو ئي موثر ۽ وڻندڙ هن اردو ۾ به لکيو ۽ انهن ٻنهي ٻولين کان به وڌيڪ، بلڪه گهڻو سُٺو هن انگريزي زبان ۾ دل کولي لکيو، ۽ ان ٻولي تي هن کي مڪمل عبور حاصل هو. حليم پنهنجي باري ۾ چوندو رهندو هو ته، ”هن جي شخصيت ۽ لکڻين ۾ ڪوبه تضاد ڪونهي، ڇاڪاڻ هو رواجي ۽ عام ماڻهن وانگر وقت سان نِباهه ڪندڙ، مصلحت پسند نه آهي. هن جي زندگي ۽ لکڻين ۾ مڪاري، دروغ، دورنگي ۽ ٻهه رُوپيت نه آهي، ڇو ته هو منافقي کي پسند نه ڪندو آهي. جيڪو اندر ۾ سوچيندو ۽ محسوس ڪندو آهي، ان کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، خلوص ۽ سچائي سان، بغير ڪنهن مصلحت جي، ايمانداري سان اظهاريندو آهي“. ها، ائين ضرور آهي ته گهڻو ڪري چڱن ڀلن جا پٽڪا لاهي به وجهندو هو، جيڪو ادبي تناظر ۾ ٻاهر ۽ انگريزي ادب ۾ ته هڪ عام معمول آهي، پر هت اسان جي مشرقي روايتن موجب ۽ ماحول مطابق اصل ۾ مستعمل ۽ مروج نه آهي، ۽ ان ڪري ئي گهڻن سکر ماڻهن جي بلڪل دل آزاري پنهنجين لکڻين ۾ ڪئي هوندائين. پاڻ سوچيندو ئي انگريزي ۾ هو ۽ لکندو وري سنڌي ۾. سندس دانسته غير مقبول، سماجي رويا به هن ديس جي ماڻهن کان قدري مختلف رهيا. حليم پاڻ چئي ٿو ته، ”مان ڳالهين کي سماجي، سياسي، ذاتياتي ۽ ٻين(Compartments)  ۾ ورهائي نٿو سگهان، ڇو ته اهي سڀئي ۽ مڙئي ڳالهيون هڪڙي ئي ۽ ساڳي ئي شخصيت جا ڌار ڌار زاويا آهن. اهو فساد بنيادي طرح سنڌي ڳوٺاڻي ذهنيت ۽ شهري ذهنيت جو تضاد آهي. مان جيڪو ڪجهه به نه آهيان، سو اهڙو ڪم ضرور ڪري ويندس جو منهنجو نالو سقراط، ارسطو ۽ افلاطون ۾ ڳڻيو ويندو. مون وٽ پنهنجي لائقي جي وڏي ثابتي هيءَ آهي ته مان اوهان مان نه آهيان“. واقعي هو اسان مصلحت پسند ۽ امن پرست ساري جڳ جو خير گهرندڙن، جڙي کي جس چوندڙن مان نه هو. هو ڪنهن آدجڳاد جو ڪاوڙيل يوگي هو.
Courtesy:  Sindhi daily Kawish, Friday, July 30, 2010

حليم! تون سدا ياد رهندين

حليم! تون سدا ياد رهندين

نواز بروهي/شاهپور چاڪر
اڃا اسان مارگلا جي پهاڙن ۾ جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار بڻيل انسانن جي غم واري سڪتي کان نڪتا ئي نه هئاسين ته سنڌ جي يگاني مفڪر ۽ نامياري مزاح نگار حليم بروهي جي دل جي دوري وگهي لاڏاڻي واري خبر برساتي موسم ۾ وڄ وانگي ڪڙڪي اندر ئي اڌ ڪري ڇڏيو. سنڌ جي شعوري سوچ لاءِ حليم بروهي جو وڇوڙو ڪنهن حادثي واري درد کان گهٽ ناهي. حليم بروهي سان منهنجي پهرين ملاقات ڪاوش جي هيڊ آفيس ۾ انهن ڏينهن ۾ ٿي هئي، جنهن وقت حليم سنڌ يونيورسٽي جو ملازم هوندي به تنهن وقت جي وائس چانسلر سان جنگ جوٽيو بيٺو هو ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدعنوانين خلاف پنهنجي نوڪري جي پرواهه نه ڪندي قلم واري ويڙهه وڙهي رهيو هو، تنهن وقت آئون ”خادم وطن“ اخبار ۾ لکندو هئس ۽ خادم وطن ۾ حليم بروهي ۽ اي آر شاهه واري ڦڏي جون خبرون سپر ليڊ ٿي ڇپنديون هيون. حليم کي سچ لکڻ ۽ منهن تي چوڻ واري جرم ۾ چريو قرار ڏئي ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ٿيڻ جو نادري حڪم ڏنو ويو، ليڪن هن شينهن مڙس بجاءِ نوڪري بچائڻ ۽ هيٺاهين وٺڻ جي مطالبو ڪيو ته وي سي کي به ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ڪيو وڃي، خبر پئجي ويندي ته ڪير ذهني مريض آهي. هن جي خودداري ۽ ايمانداري جي اها حد هئي جو سنڌ يونيورسٽي جي سيڪريٽ برانچ ۾ هئڻ باوجود هن جي نياڻي يونيورسٽي جي امتحانن دوران هڪڙي پيپر ۾ گهٽ مارڪون هئڻ سبب رهجي وئي هئي، سندس انهن ڳالهين تي زور هوندو هو ته پنهنجي محنت وسيلي قابليت ٺاهيو، سهارو محتاجي جو ٻيو نالو آهي. هن جي لفظن ۾، گفتگو ۾ اهڙي ته سچائي واري طنز هئي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ حليم جهڙو ئي زماني جي آوي مان پچي نڪتل ذهن گهربل هو. هو چوندو هو، ”اسان جي سنڌي سماج ۾ چاپلوسي ڪلچر ناسور جيان پکڙيل آهي، جنهن مان نجات حاصل ڪرڻ تائين اسين ڪنهن به ريت ترقي نٿا ڪري سگهون“. حليم بروهي جي مزاح ۾ سنجيدگي، سچائي ۽ حقيقت پسند ڇلڪندي نظر ايندي آهي. هن جون لکڻيون پر اثر ۽ دل ۾ سانڍڻ جهڙيون آهن. حليم بروهي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته، ”پنهنجي دماغ کان ۽ پنهنجي طريقي سان سوچڻ شروع ڪريو، ٻين جي خيالن کي ڀلي پڙهو، ٻڌو ليڪن ڪجهه سمجهندا به ڪريو“! هو چوندو ته، ”لڪير جا فقير نه ٿيو، سنديون اکيون کوليو، پنهنجو رستو ٺاهيو“. هن بيماري دوران ڪڏهن به سرڪار کي علاج لاءِ اپيل نه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جو ڪلاس فيلو هئڻ باوجود ڪڏهن به کيس ڪنهن ڪم لاءِ نه چيائين، باقي ماڻهو ته پري جي سلام تي به سي ايم هائوس جي در تائين پهچندي دير نه ڪندا آهن. حليم سڄي سنڌ کي ڇڏي هليو ويو آهي، ليڪن هن جا دل کي وندرائيندڙ مزاح ڀريا ڪالم، لفظ ۽ ڪچهريون اسان کي سڄي زندگي سندس ياد ڏيارينديون.
Courtesy; Sindhi daily Kawish, July 30, 2010

اُٺُ ٻڌڻ

حليم بروهي مرحوم جو ڪجهه ڏينهن اڳ لکيل آخري ڪالم

هي ڪير مشڪرو آهي جيڪو منهنجو گنجو مٿو، منهنجي ڪياڙيءَ تي اڇا وار ۽ منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ اڇن وارن جي گهڻائي ڏسي مون کي بزرگ ۽ پهتل سمجهي مونکي چوندو آهي ته، ”مونکي دعائن ۾ياد  رکجو“؟ هي مشڪرو ايترو به نٿو سمجهي ته منهنجو دماغ خراب ٿيو آهي، ڇا جو مان جي ڪڏهن دعا وغيره گهران به ته پاڻ لاءِ ڇو نه گهران ۽ هن مشڪري لاءِ ڇو گهران؟ ۽ هي مشڪرو پاڻ لاءِ پاڻ ئي دعا ڇو نٿو گهري؟ مان سندس جو نوڪر آهيان ڇا، جو هن پاران دعا گهرندو وتان؟ ۽ هي مشڪرو انڌو آهي ڇا، جو منهنجي اندر جا چهڪ نٿو ڏسي ۽ منهنجي فقط ظاهري ۽ ٻاهرين ائڪٽنگ ڏسي سمجهي ويٺو آهي ته مان بزرگ به آهيان ۽ پهتل به آهيان؟ ۽ هي مشڪرو اڪيلو ڪونهي، سڄي سنڌ اهڙن مشڪرن سان سٿي پئي آهي، جيڪي جيئرن کان ته دعائون گهراندا آهن پر قبرن کان به چڱائي جي اميد رکندا آهن. مان جي قبر ۾ هجان ۽ ڪو اهڙو مشڪرو منهنجي قبر تي بيهي مونکان نوڪري يا پروموشن وغيره گهري ته مان قبر مان نڪري کيس اهڙا پادر هڻان، جو ٻيهر منهنجي قبر جي ويجهو ئي نه اچي.

Read the rest of this entry

حليم! او حليم، ڳالهه ته ٻڌ يار

حليم! او حليم، ڳالهه ته ٻڌ يارحفيظ ڪنڀر

حليم! تون نيٺ هليو وئين!! تو کي خبر آهي الائي نه، ته هن ڪاوش جي پنن تان آئون توسان پهريون ڀيرو مخاطب ٿيو هئس، ۽ پوءِ ڪاوش ۾ لکڻ جو سلسلو جاري رهيو.

حليم! تون الائي منهنجي ڳالهه ٻڌين پيو يا نه!؟… يار ڪن ۾ هيئرنگ ايڊ هڻ. ڳالهه ته ٻڌ حليم!…. حليم! حليم!… اجهو هي توکي خط لکندي، منهنجي موبائل فون تي، تنهنجي نمبر تان ڪال آئي آهي. تنهنجو نالو اسڪرين تي ڏسي گهڙي کن لاءِ تسلي ٿي ته تون جيئرو آهين. مون سان ”مذاق“ پيو ڪرين… پر ائين ڪونه هو، فون تي ميڊم جا سڏڪا هئا…..بس!

Read the rest of this entry

حليم بروهي ڏانهن موڪلڻ کان رهجي ويل هڪ خط

حليم بروهي ڏانهن موڪلڻ کان رهجي ويل هڪ خط

منوج ڪمار
پيارا حليم  مونکي پڪ آهي ته تون جتي ويو آهين، اتي خوش هوندين ۽ مونکي اها به پڪ آهي ته جنهن مالڪ حقيقي وٽ تون ويو آهين، اهو به توکي پاڻ وٽ موجود ڏسي خوش هوندو. مونکي تنهنجي هن دنيا ۾ نه هجڻ واري خبر منهنجي دوست لياقت ٿهيم مونکي ايس ايم ايس ذريعي ڏني. ”يار! حليم گذاري ويو“ وارو هڪ سٽ جو اهو مختصر جملو منهنجي مٿان هن سانوڻي مند ۾ وڄ جيان ڪري پيو. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ انهي خبر جي پڪ ڪيئن ڪريان؟ بجلي به بند آهي. ٽي وي به نٿي هلي ۽ انهيءَ وقت عزيز سولنگي جو فون اچي ٿو ۽ مونکي تنهنجي نه هئڻ واري خبر جي نه چاهيندي به پڪ ڪرڻي ٿي پئي

Read the rest of this entry

حليم بروهي جو وڇوڙو

حليم بروهي جو وڇوڙو!

سنڌ جو يگانو مفڪر، مزاح نگار، شاعر، ماهر لسانيات، ناول نويس ۽ خوددار شخص حليم بروهي ڪالهه حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. حليم سنڌ ۾ ظنز ۽ مزاج جي اقليم جو اڪيلو بادشاهه هو. حليم بروهيءَ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار اهي. حليم بروهي جو وڇوڙو سنڌي ادب جو ته تمام وڏو نقصان آهي ئي، پر حليم جي وڇوڙي سان سنڌ هڪ خوددار ۽ بيباڪ شخص کان به محروم ٿي ويئي آهي.

Read the rest of this entry

حليم بروهي: هڪ نرالو شخص

حليم بروهي: هڪ نرالو شخص

شوڪت حسين شورو

حليم بروهي جو گذاري وڃڻ سنڌي ادب مان مزاح جي في الحال پڄاڻي آهي. سنڌي ادب ۾ مزاح جي کوٽ کي حليم بروهي اڪيلي سر ڪنهن حد تائين پورو ڪيو هو. سنڌ ۾ اڳي وڏا چرچائي ۽ ڀوڳائي هوندا هئا، پر سنڌي معاشري ۾ جيڪا بدحالي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ انارڪي پيدا ٿي آهي، تنهن ۾ چرچو ڀوڳ ختم ٿي ويو آهي. ”خوشي ۽ خريد وئي ويچارن وسري“ وانگر سنڌي ماڻهو پنهنجي هڻ پٽ ۾ ڄڻ مزاح جي حس کان محروم ٿي ويا آهن. جتي روئڻ پٽڻ روزمرهه جو معمول ٿي ويو هجي، اتي مزاحيه ادب لکڻ جوکم جو ڪم آهي. حليم بروهيءَ اهڙي مايوسي واري خشڪ ماحول ۾ اهو جوکم جو ڪم ڪيو ۽ بنان ڊپ جي ڪيو. هو عام پڙهندڙن ۾ برابر مقبول ٿيو، پر اسان جا عالم، اديب ۽ دانشور، جيڪي پنهنجو پاڻ تي ڳنڀيرتا طاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن، تن کي حليم بروهيءَ جي اها حرڪت نه وڻي. جيڪڏهن اهي حليم بروهي کان الرجڪ رهيا، ته حليم پاڻ انهن کان ٻه رتيون ڪثر کانئن الرجڪ رهيو. هن جا خيال ۽ لکڻيون تڪراري رهندا آيا. هو سنڌي ٻوليءَ سان سندس دشمني نه هئي. حليم جنهن پنهنجائپ واري انداز ۾ اهي تڪراري ڳالهيون لکندو هو، ان تي سندس پڙهندڙ ڪڏهن چڙيا ڪو نه. ڪن اديبن ۽ عالمن حليم جي خيالن سان اختلاف ظاهر ڪيا، ته اهو اختلاف راءِ جو حق هر ڪنهن کي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته موجوده عربي-سنڌي صورتخطي کي بدلائي رومن اسڪرپٽ اختيار ڪيو وڃي. پر اها ڳالهه ايتري سولي ڪونهي، ڪنهن ٻوليءَ جو صدين کان مروج اسڪرپٽ بدلائڻ معمولي ڪم ڪونهي، سو به موجوده سياسي حالتن ۾ جڏهن سنڌ سان هر معاملي ۾ ناانصافي ۽ بي واجبي ڪئي پئي وڃي. اسڪرپٽ بدلائڻ ۽ سڄي ادبي ذخيري کي ان ۾ ڇپرائڻ وڏي خرچ جي ڳالهه آهي، جيڪو ڪهڙي حڪومت ڀريندي!

Read the rest of this entry

ڪبير جي شاعريءَ جا حيات- سـُڌار پهلو

ڪبير جي شاعريءَ جا حيات- سـُڌار پهلو

محمد ابراهيم جويو

ڀڳتي تحريڪ هندستاني اتهاس جي وچئين دور (700ع کان 1600ع) ۾ اڀري. اُنهيءَ جو بنيادي زور ٻن شين تي رهيو، هڪ پريم ۽ ٻيو ارپنا (Devotion) تي. اِنهن ٻنهي شين کي سڀ کان اعليٰ وجود(Supreme Being) تائين پهچڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو ويو. هن تحريڪ جا سڀئي ڀڳت ”هيڪڙائيءَ“

کي مڃيندڙ هئا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا. اِنهيءَ هيڪڙائيءَ واري تصور جي شروعات تي تاريخدانن ۾ اختلاف موجود آهي . هڪڙن جو چوڻ آهي ته اهو فلسفو ويدن مان ورتو ويو آهي، ۽ پهرئين ويد رِگ ويد جو پهريون حمدُ، خدا سان پريم بابت آهي. جڏهن ته ٻين جو خيال آهي ته اهو تصور هندستان ۾ مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيو، جيڪي به هڪ خدا ۾ عقيدو رکندا هئا.

ڪن عالمن ۽ ڏاهن جو خيال آهي ته هيءَ تحريڪ ڀارت ۾ نئين سجاڳيءَ جي پهرين وڏي اُٿل هئي. هن تحريڪ جي اڀياس مان به ڄاڻ ملي ٿي ته اها پهرين مذهبي سڌارن جي تحريڪ هئي. هن تحريڪ جون خصوصيتون هن ريت آهن:

 

Read the rest of this entry

آتم ڪٿا امر جليل: قسط نمبر 1

آتم ڪٿا، آتم ڪهاڻي، آٽو بايو گرافي لکڻ لاءِ ڪو خاص سبب سمجھه ۾ نه آيو آهي. ڪو غير معمولي ڪارنامو سرانجام نه ڏنو اٿم. ٽيليفون ايجاد نه ڪئي اٿم. بجليءَ جو بلب نه ٺاهيو اٿم. آگبوٽ نه ٺاهيو اٿم. ريل گاڏي نه ٺاهي اٿم، ماڻهن کي مارڻ لاءِ بم ۽ بندوقون نه ٺاهيون اٿم. حياتي بچائڻ لاءِ ڪارٽيزون جھڙيون دوائون ايجاد نه ڪيون اٿم. ڪجھه به ته نه ڪيو اٿم! مان ته ٽچ بٽڻ ۽ ٽاچني به ٺاهي نه سگھيو آهيان! ريڊيو ۽ ٽيليوزن ته پري جي ڳالهه آهي، مان ته مس ۽ مس ڪُپڙي به ٺاهي نه سگھيو آهيان. نه ڪو ملڪ فتح ڪيو اٿم، نه وڻ پوکايا اٿم، ۽ نه کوهه کوٽايا اٿم، ۽ نه ئي اڻ آرين کي آريو ڪيو اٿم. ته پوءِ ڇا جي ڪري آتم ڪٿا ٻڌائڻ تي سندرو ٻڌو اٿم! ڪوشش جي باوجود سهڻيءَ جو ميهار، ۽ نه ئي سسئيءَ جو پنهون ٿي سگھيو آهيان. نه ليلى جو قيس ٿي فراق جو رڻ وڃي وسايم، ۽ نه ئي شيرين جو فرهاد ٿي تيشي سان خودڪشي ڪيم. نه ڪَوي ڪاليداس ٿيس، ۽ نه ئي گوتم جو گياني ڀڪشو آنند ٿي سگھيم. دل جي ڪينواس تي دز چڙهي ويئي. مان ڊوانچي، وان گوگ، پڪاسو، شاڪر علي، ۽ صادقين ٿي نه سگھيس. برش سڪي ويا، رنگن پنهنجو رنگ وڃائي ڇڏيو. هڪ رنگ سڀني رنگن تي حاوي ٿي ويو، ڪفن جو رنگ، سفيد رنگ!

Read the rest of this entry

وِرلاپُ

وِرلاپُ

رومانا شيخ

سالن کان، وري وري، ماڻهو منهنجي پـَري چهره صورت تي مون کي مبارڪون پيا ڏيندا هئا، ۽ منهنجي اک جي اهائي اُمـَٽُ چمڪ کين سدا پـَئي وڻندي ۽ لـُڀائيندي هئي

Read the rest of this entry

چار مارچ جي هڪ جوڌي يوسف لغاريءَ کان اعجاز سنڌيءَ جو انٽرويو

4 مارچ جو ذڪر هلي ته ذهن خود بخود يوسف لغاريءَ ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. يوسف لغاري انهن چند سچن سپوتن مان هڪ آهي، جن پنهنجي ذاتي مفادن تي سنڌڙيءَ جي مفادن کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي زندگي ڏکن ۽ ڏولاون ۾ وجهي سنڌڙيءَ جي سينڌ سنواري ويا. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن 4 مارچ وارو واقعو نه ٿئي ها ته جيڪر ون يونٽ ٽٽڻ لاءِ سنڌ وارا اڃا به ويٺا سڪن ها.  چوٿين مارچ جو جوڌو ۽ هيرو غير متنازعه طور تي صرف ۽ صرف يوسف لغاري آهي. مان يوسف لغاريءَ جي اميج ٺاهڻ جي ڪوشش ڪونه ٿو ڪريان. صرف هڪ اهڙي سپوت کي دلي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن وقت سرحالات کي سمجهيو ۽ باوجود مشڪلات ۽ مخالفتن جي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ جي عزم تي ثابت قدم رهيو ۽ قوم کي هڪ اهڙي طوق مان نجات ڏيارڻ لاءِ رستو هموار ڪري ويو، جيڪو پنهنجن جو ئي وڌل هيو، ۽ جنهن جون ڪڙيون صرف هڪ فولادي انسان ئي ٽوڙي ٿي سگهيو. قوم انجي عيوض هنکي ڇا ڏنو؟. صرف بک ۽ بيروزگاري، مسئلا ۽ مشڪلاتون، ۽ تهمتون ۽ الزام.

Read the rest of this entry

Direct Dialing

ڊئرائيڪٽ ڊائلنگ

سرفراز سيد، آچر، 30 سيپٽمبر 2007 جي روزآني اوصاف ۾ لکي ٿو ته:

ان کان وڌيڪ وڏو الميو، وڏو آزاريندڙ واقعو ٻيو ڪهڙو ٿيندو جو هڪ شخص جي ورديءَ کي سهارو ڏيڻ لاءِ قانون جا نام نهاد محافظ، قانون جي ئي علمبردارن تي لاٺيون وسائي رهيا آهن.

مونکي هڪ ٻئي جرنيل جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي. جڏهن جنرل ضياالحق جي دؤر ۾ ايم آر ڊي جي جدوجهد دؤران لاهور هائي ڪورٽ  بار ايسوسي ايشن جي صدر رابعه قاري ايڊووڪيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن جو جلوس هائي ڪورٽ کان ريگل چوڪ وٽ پهتو ته پوليس جلوس تي انڌا ڌنڌ لٺيون وسائڻ شروع ڪري ڏنيون. ان دؤران هڪ زوردار لٺ رابعه قاريءَ کي به لڳي. اها سخت زخمي ٿي ڪري پئي ۽ اڳتي هلي ان ڌڪ ۽ زخمن سبب گذاري وئي. پر ان حوالي سان، ان کان به  وڌيڪ شرم ڏياريندڙ واقعو اهو ٿيو جو ان زماني جي هڪ سرڪاري اخبار جي چيف ايڊيٽر سندس اخبار جي پهرين صفحي تي ”ڊئرائيڪٽ ڊائلنگ“ جي عنوان سان خاص ايڊيٽوريل ڇاپيو هو. ان ايڊيٽوريل ۾ ڄاڻايو ويو هو ته، لاهور جي عوام کي پوليس جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي ته ان جي بروقت ڪاروائي ڪري طوائفن جي هڪ جلوس کي عين ان وقت تي روڪي ورتو، جڏهن اهي بي لباس ٿي ريگل چوڪ تي ناچ  ۽ رقص  ڪرڻ واريون هيون. پوءِ ان ايڊيٽوريل تي تمام گهڻو ۽ سخت ردعمل آيو هو. جنهن تحت لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ ان سرڪاري اخبار جي بنڊلن کي ساڙيو ويو هو. لاهور هائي ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ۾ هڙني سرڪاري اخبارن ۽ انهن جي نمائندن جي داخلا کي بند ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ اهو به ته رڳو هڪ ڏينهن ۾ ان وڏي اخبار جي روزآني هڪ لک کان وڌيڪ جي اشاعت گهٽجي صرف چند هزارن تائين رهجي ويئي. ۽ پوءِ نيٺ ان اخبار جو وجود ئي ختم ٿي ويو. …

رورزآني اوصاف جي ٿورن سان

سب کا منهه ڪالا

حامد مير جي ڪالم تان ورتل هڪ ٽڪرو

سومر، 8- آڪٽوبر، 2007 جي روزآني جنگ ۾ ڪالم نويس حامد مير، پنهنجي هڪ ڪالم ”سب کا منهه ڪالا“ ۾ لکي ٿو ته: 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ مان چونڊجڻ کانپوء هن کي پڪو يقين هو ته ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزير ضرور ٺاهيندو. سندس ان يقين جو سبب به ڏاڍو دلچسپ هو. اهو ايئن ته چونڊن کانپوءِ ڀٽو هڪ دفعو لاهور آيو ته اهو فليٽر هوٽل ۾ اچي ٽڪيو هو. ان دؤران هڪ شام جو قصوري به وڃي اتي پهتو ۽ ڀٽي کان، کيس وزير بنائڻ جو ضد ڪرڻ لڳو. ڀٽو صاحب فليٽير جي لان ۾ اچي هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو. ان کانپوءِ ڀٽو صاحب، احمد رضا قصوري ۽ امان الله خان کي چيو ته توهان مان جيڪو به سٺو ڊانس ڪري ڏيکاريندو، مان ان کي پنهنجي ڪابينا جو وزير خارجا بڻائيندس. هوٽل جي هڪ ويٽر ميز کي طبلو ٺاهي وڄائڻ شروع ڪيو ۽ وزارت خارجه جي ٻنهي اميدوارن انڌا ڌنڌ نچڻ شروع ڪري ڏنو. ڀٽو ڪافي دير تائين تاڻيون وڄائيندو رهيو. آخرڪار ڀٽي ناچ جو مقابلو ختم ڪندي، قصوريءَ کي ڊانس جي مقابلي ۾ فاتح قرار ڏيندي کيس وزارت خارجه جو سڀني کان اهل اميدوار قرار ڏنو. پر ڪن سببن جي ڪري حڪومت سازيءَ ۾ دير ٿي ويئي. اهو عرصو قصوري لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪو نه هو ۽ هڪڙو هڪڙو ڏينهن گذارڻ به کيس ڳرو لڳي رهيو هو. نيٺ هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته ڀٽو ساڻس مذاق ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي قصوري صفا ڇتو ٿي پيو.

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڍاڪا ۾ سڏائجي چڪو هو ۽ شيخ مجيب رحمان ان جلاس ۾ پنهنجي مرضي جي هڪ قرارداد ذريعي پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ڀٽي ان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. پر احمد رضا قصوري ڍاڪا پهچي ويو ته جيئن عوامي ليگ سان ملي وزير بڻجي وڃي … پر ناڪاميءَ جي صورت ۾ واپس اچي ٻيهر بي حيائي سان ڀٽي صاحب جي چاپلوسي ڪرڻ لڳو. پر وري به ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيڻ تي ڀٽي تي پنهنجي پيءُ جي قتل جو ڪوڙو مقدمو داخل ڪرائي ڇڏيو. پر پوءِ وري به ڪجهه حاصل نه ٿيڻ کانپوءِ 1- جنوري 1977ع تي قومي اسيمبليءَ جي آخري اجلاس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي عوام جو نجات ڏياريندڙ اڳواڻ قرار ڏنو. ڪجهه مهينن کانپوءِ نجات ڏياريندڙ جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو ته قصوريءَ جنرل ضياءُ سان ملي ڀٽي صاحب کي موت جي سزا ڏياري. قصوريءَ اهو سڀ ڪجهه کلي عام ڪندو رهيو آهي ۽ پنهنجي ڪيل تي کيس اَڄ به ڪو افسوس ناهي. شايد اهو ڪارڻ آهي جو جڏهن خورشيد احمد، قصوريءَ جو منهن ڪارو ڪيو ته سڀ خوش هئا. …

۽ گهوڙي سواري شروع ٿي

۽ گهوڙي سواري شروع ٿي

تحرير: مسعود منور، ناروي

مشهور ڪالم نويس مسعود منور، ”ويچار ڊاٽ ڪام“ تي شايع ٿيل هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ” آغا شورش ڪاشميري چاليهه سال پهرين هڪ ويڪلي اخبار ”چٽان“ ۾ هڪ خبر شايع ڪئي هئي. مسعود منور موجب جيڪا ڳالهه چاليهه سال پهرين ”چٽان“ ۾ شايع ٿي چڪي آهي، ان کي اڄ چاليهه سالن کان پوءِ نيٽ تي شايع ڪرڻ تي ڪنهن کي ڪو گهڻو هرج نه هئڻ گهرجي.“

Read the rest of this entry

خطرناڪ تماشو – تحرير: فياض سومرو

خطرناڪ تماشو

خوشامدين ۾ گهريل جنرل مشرف اهو سمجهڻ لڳو هو ته اصل ۾ اهو واقعي ڏاڍو مقبول اڳواڻ آهي. پر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي حڪومت طرفان غير فعال ڪرڻ کانپوءِ وڪيلن جي شروع ڪيل تحريڪ، چيف جسٽس جي اسلام آباد، سکر، حيدرآباد، پيشاور ۽ پوءِ لاهور ۾ ٿيل شاندار آجيان کانپوءِ مشرف حڪومت سخت گهٻراهٽ جو شڪار نظر اچي رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد ٽولن هٿان ڪرايل قتل عام مان مشرف حڪومت جي وائڙائپ صف نظر اچي ٿي. چيف جسٽس جي عوام ۾ مقبوليت اصل ۾ مشرف حڪومت خلاف عوام جي بيزاريءَ کي ظاهر ڪري رهي آهي.

Read the rest of this entry

لاجواب اسلامي ملڪ

نالو لکڻ جي ضرورت ڪونهي، بس ايترو ٻڌائڻ ئي ڪافي آهي ته اهو لاجواب ملڪ اسلامي پڻ آهي. بلڪي اسلام جو قلعو به آهي. هر قسم جي شراب خوريءَ تي مڪمل شرعي پابنديلاڳو ٿيل آهي. پر خود حڪمران ۽ سندن جوڙي وال ساٿي خوب ڏٽي هر روز پيئندا رهن ٿا. هڪ مولانا ته باقاعدي مولانا وهسڪي سڏجندو هو. ڪوهه مري ۽ ڪوئيٽا ۾ شراب جا ڪارخانا سدائين ڀرپور رفتار سان هلندا رهن ٿا. تڏهن ئي ته هتي شراب عام ته ڪو نه ٿو ملي پر جام ضرور ملي ٿو. ڪوهه مريءَ جا ڀنڊاري اڪثر قومي اسيمبليءَ جا رڪن چونڊجندا رهن ٿا. شراب جي انهن ڪارخانن جا هڙئي شيئر هولڊرز مسلمان سياستدان ئي آهن. مري بيوريجز انگريزن ڪافي غور ويچار کانپوءِ قائم ڪئي هئي. ڇالاءِ جو مريءَ ۾ چشمن جو صاف سٿرو پاڻي وڏي مقدار ۾ ميسر آهي. ڀرپاسي جي علائقن جهڙوڪر نٿياگلي ۽ ڀورڀن وغيره ۾ رسدار صوف، انگور ۽ ناسپاتيون وغيره وڏي تعداد ۾ ملن ٿيون. جنهن مان زبردست شراب ٺهي ٿو. انگريز ان شراب کي اپروو ڪري ويا هئا. تڏهن کان اهو شراب سڄي ملڪ ۾ ڏاڍو مقبول آهي. نه رڳو هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ حڪمران بلڪي اسلام آباد ۾ موجود ٻاهرين ملڪن جا سفارت خانا پڻ هن ئي شراب کي ئي ترجيح ڏين ٿا.

Read the rest of this entry

تحقيق ٿيڻ گهرجي

تحقيق ٿيڻ گهرجي

اڳتي هلي ايندڙ نسل ضرور اهو ڄاڻڻ چاهيندا ته طالبان ڪير هئا؟ ۽ ڪنهن انهن جي پرورش ڪئي؟ ملان عمر ۽ اسامه بن لادن ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت اسلام جو اميج خراب ڪيو؟ طالبان دؤر ۾ آخر افغانستان ۾ درسگاهن کي ڇو برباد ڪيو ويو؟ نرسن تي پابندي ڇو لڳائي ويئي؟ راندين ۽ هر قسم جي تفريح تي ڇو بندش وڌي ويئي؟ آخر اهي ائين ڪري اسلام جي ڪهڙي خذمت ڪري رهيا هئا. طالبان دؤر ۾ ريڊيو، ٽي وي، تعليم، اسپتالون، لباس، روڊ رستا، هوائي سروس تباهه ڪئي ويئي ۽ هر ٻي شئي کي انهن حرام قرار ڏيئي افعانستان کي پٿر جي زماني ۾ واپس پهچائي ڇڏيو! طالبان دؤر تي تحقيق ڪري طالبان جي ڪيل حرڪتن جو ڪچو چٺو شايع ڪرڻ گهرجي ته جيئن اڳتي هلي ڪو به سي آئي اي جو ايجنٽ اسلام کي مسخ نه ڪري سگهي.

شينهن جي ڄڃ ۾ ڪوئو

شينهن جي ڄڃ ۾ ڪوئو

شينهن جي ڄڃ ۾ هڪ ڪوئو نچي رهيو هو. ڀرسان ئي ناچ ڪندڙ شينهن ڪوئي کان پڇيو ته شينهن جي ڄڃ ۾ تون ڪهڙي چڪر ۾ ناچ ڪري رهيو آهين. ڪوئي سيني تي زور سان هٿ هڻندي چيو ته، هي منهنجي ڀاءُ جي شادي آهي. پر تون ڪوئو ۽ هي شينهن، پوءِ گهوٽ تنهنجو ڀاءُ ڪيئن ٿيو. تڏهن ڪوئي رازداريءَ مان کيس ٻڌايو ته شاديءَ کان پهرين مان به شينهن هوس.

متان چال انونڌي نه ٿي پوي

متان چال انونڌي نه ٿي پوي

اڄڪلهه هن ملڪ ۾ سياسي چالون زورن تي آهن. پر چالون هلڻ وارن سان مسئلو اهو ٿي سگهي ٿو ته متان انهن جي ڪا چال انونڌي نه ٿي پوي. ڇو جوڪڏهن ڪڏهن چال هلڻ وارا خود پاڻ به پنهنجي چال جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهندا آهن.

ڏاڍي حيرت لڳي هئي

خدا خير ڪري

 

بخار جي امير جڏهن بخارا کي رڳو سٺ هزار روبلن ۾ روسين کي وڪڻي ڇڏيو ته روسين کي ڏاڍي حيرت لڳي هئي. پر پوءِ کين، ڪنهن اهو ٻڌائي سندن حيرت ختم ڪئي هئي ته بخارا جي امير کي سٺ هزارن کان مٿي ڳڻڻ ئي نٿو اچي. سنڌ جي جڙتو ڀوتارن کي الائي ڪهڙي انگ تائين ڳڻپ اچي ٿي؟ خدا خير ڪري

.

هن ملڪ ۾ ادارا سربراهن جا محتاج ٿين ٿا

 

هن ملڪ ۾ آفيسر عهدن کان وڏا ٿين ٿا ۽ هتي سربراه ادارن جا نه بلڪي ادارا سربراهن جا محتاج ٿين ٿا.

 

عزت ته اهي اڳي ئي وڪڻي چڪا هئا

مالي مشڪلاتن جي سبب هن ملڪ جي حڪمرانن کي گهڻو ڪجهه وڪڻڻو پيو آهي. عزت ته اهي اڳي ئي وڪڻي چڪا هئا. باقي سنڌ جا ٻه ٻيٽ بچيل هئا، سي به هاڻي اهي وڪڻڻ جي چڪر ۾ آهن.

Point of view

مذاق ئي مذاق ۾

تازو هڪ دوست سان ملاقات ٿي. جنهن ۾ ان دوست چيو ته آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ۽ هٽلر ۾ ڪو به فرق ناهي. مون کيس مذاق مان وراڻيو ته نه ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. ڇالاءِ جو هٽلر جو پيءُ بش جي پيءَ وانگر هٿيارن جو واپاري (سپلائر) ڪونه هو.

Silence is no longer a solution

عورت آزاد

arma.jpg

ارمغان سومرو

عورتن سان امتيازي ۽ ناانصافيءَ وارو سلوڪ ۽ معاشري ۾ ان جي گهٽ حيثيت اصل ۾ مردن جي طبقاتي معاشري جو هڪ عالمي مظهر آهي. نه رڳو پاڪستان بلڪي سڄي ننڍي کنڊ ۾ عورتن سان انتهائي خراب سلوڪ روا رکيو ٿو وڃي. خاص طور تي هاڻ ته اسان جي معاشري جي ڊرگ مافيا طرفان ڊرگز ۽ معاشري جي ٻين خرابين تان نظر هٽائڻ لاءِ اهي پنهنجي پگهاردار مولوي صاحبن جي ذريعي عوام کي عورتن جي خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن. جڏهن ته اسلام ۾ عورتن جي باري ۾ اهو تصور ڪڏهن به نه رهيو آهي ته اهي رڳو گهر جو ڪم ڪنديون ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ تي بندش هوندي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جا نالي ماتر ڄاڻ رکندڙ مولوي صاحبان اسلام جي انهن ناياب ۽ سونهري اصولن کي وساري ويهن ٿا، جن مطابق:

۱. عورت ۽ مرد تي علم حاصل ڪرڻ فرض آهي.

۲. علم حاصل ڪيو ڀلي ان لاءِ اوهان کي چين به وڃڻو پوي.

مٿي بيان ڪيل ٻنهي حديثن ۾ عورتن ۽ مردن ۾ ڪو به فرق ڪيل نه آهي ۽ نه ئي اهو بيان ڪيل آهي ته ڪو مرد علم لاءِ چين وڃي ۽ عورت نه.

۳. علم حاصل ڪيو ، ڄمڻ کان مرڻ گهڙيءَ تائين.

Read the rest of this entry

Dancing lady of Moen- jo- Daro

او ڊانسنگ ليڊي جي مان ڀليو ناهيانDancing

]مونکي اهو ته ياد ناهي ته منهنجو هي نثري نظم پهريون دفعو ڪهڙي سال ۾ شايع ٿيو هو. شايد ۱۹۸۴ عيا ۱۹۸۵ ع جو سال هو جڏهن اهو روزآني عبرت ۾ شايع ٿيو هو. پر جيئن ته اهو هڪ ڪاغذ جي ٽُڪري تي منهنجي هٿ لکيل صورت ۾ خوشقسمتيءَ سان ضايع ٿيڻ کان بچي ويو هو. تهنڪري طبقاتي جدوجهد جي دوستن ان کي طبقاطي جدجهد (سنڌي ايڊيشن) ۾ ڊسمبر ۱۹۹۶ ع ۾ او ناچڻي جي عنوان سان ٻيهر شايع ڪيو هو[.

Read the rest of this entry

هڪ وضاحت

 

هڪ وضاحت

هڪ دوست ايميل ڪري مون کان ڄاڻڻ چاهيو آهي ته ڪئناڊا مان ويهي سنڌيءَ ۾ بلاگنگ ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا مون لاءِ انگريزيءَ ۾ بلاگنگ ڪافي نه هئي؟ ان دوست کي ايترو ئي عرض ڪري سگهان ٿو ته مان توڻي جو سنڌ ڌرتيءَ کان ڪٽجي ڪئناڊا ۾ رهي رهيو آهيان، پر پوءِ به سپنا پنهنجي ئي ڌرتيءَ جا ڏسندوآهيان. منهنجون پاڙون هن ئي ڌرتيءَ ۾ کُتل آهن. جيئڻ لاءِ مون کي وري وري ان ڌرتيءَ ڏانهن موٽڻو پوي ٿو، جنهن جو نالو سنڌ آهي.

 

گند کي گلقند ڪري پيش ڪو نه ڪريون ٿا

گند کي گلقند ڪري پيش ڪو نه ڪريون ٿا

انڊس ايشيا جي صحافت ۽ انداز پنهنجو آهي. اها اهو ئي ڪجهه شايع ڪري ٿي، جيڪو معاشري ۾ وهي واپري رهيو آهي. نوسرباز، فراڊ، رشوت خور ۽ ضمير فروش وري سفيد پوش بڻجي اسان کي هر وقت ڏنگي رهيا آهن. توڻي جو معاشري جي ضمير فروشن جي اصل صورت ۽ سيرت ڏيکارڻ جا وسيلا ته انڊس ايشيا بلاگ وٽ ڪو نه آهن، پر انڊس ايشيا توهان سان ايترو واعدو ضرور ڪري ٿي ته اها گند کي گند ئي لکندي ۽ گند کي گلقند ڪري پيش ڪونه ڪندي .

Point of view

 

ڪجهه ملا عمر جي باري ۾

ملا عمر فرمايو آهي ته اسانجو جهاد عظيم آخري فتح تائين جاري رهندو. ملا عمر جيڪو اسامه لادن جو ناٺي پڻ آهي، چڱن ڏينهن ۾ شاديون رچائندو رهيو. سندس سهري جو به محبوب مشغلو آرام آسائش ۽ نڪاح ڪاري هو. هن به سٺن ڏينهن ۾ دل ڀري اسلام جو اميج مسخ ڪيو. ملا عمر پنهنجي ئي هم وطن افغانن کي قتل ڪندو رهيو. هم وطنن کي نئين کان نيون سزائون ڏيڻ لاءِ عجيب عجيب سزائون ايجاد ڪيائين. مجبور ۽ لاچار بيواهن کي رڳو ان ڪري علاج لاءِ اسپتال تائين به وڃڻ جو اجازت ڪونه هئي، ڇالاءِ جو ساڻن ڪو محرم گڏ ڪونه هوندو هو. هاڻ انهن ويچارين جي گهر ۾ ڪو محرم بچيو هجي ها ته پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ها. غلط پاليسين سبب افغانستان کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ستن سالن جي حڪومت دؤران مليل وقت ضايع ڪري ڇڏيائين. نه تياري ڪيائين، نه پنهنجي فوجن جي تربيت ڪيائين ۽ نه ئي گهوڙا تيار ڪيا. پنهجي احمقاڻي طرز عمل سان افغانستان کي باقي دنيا کان ئي ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيائين. جڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته نه رڳو پاڻ سان افغانستان جا اربين ڊالر کڻي فرار ٿي ويو، بلڪي ڪوئن وانگر غارن ۾ پڻ لڪي ويو.

 

لطيفو

ڊاڪٽر ڪمپائونڊر کان پڇيو ته، آڄ ڪلينڪ ۾ ڪيترا مريض مئا؟

ڪمپائونڊر: ڏهه

ڊاڪٽر: پر مون ته يارنهن مريضن کي دوا ڏني هئي!

ڪمپائونڊر: سائين، هڪ مريض دوا پيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

جهاد سان هني مُون

جهاد سان هني مُون

هڪ رپورٽ موجب ٻه سال اڳ جهادي تنظيم لشڪر طيبه جي سربراه حافظ سعيد احمد هڪ بيوه سان ٻي شادي ڪئي هئي ۽ هني مُون ملهائڻ لاءِ ڪوهه مري به ويو هو. لشڪر طيبه جي ذريعن مولانا جي ٻئي شادي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته مولانا جي ٻي زال ڪشمير ۾ شهيد ٿيل مجاهد جي آهي.

ٻيلهه سواري

 

ٻيلهه سواري

هڪ ڳوٺ ۾ هڪ صوبيدار جي ڪافي عرصي کان ڊيوٽي لڳل هئي. اهو ڳوٺ ۾ ڪافي مشهور هو، ڇالاءِ جو اهو تقريبن سڀني ئي ڳوٺاڻن کي ٿاڻي جي سير ڪرائي چڪو هو. پر هاڻي هن جي ٽرانسفر جو آرڊر اچي چڪو هو ۽ اهو ڳوٺ مان چارج ڇڏي ئي رهيو هو ته کيس اوچتو ياد آيو ته ڳوٺ جي مسجد جو مولوي صاحب ته منهنجي گرفت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو نه آيو آهي. ان ڪري هن چارج پوءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مسجد طرف روانو ٿي ويو. اتفاق سان مولوي صاحب موٽر سائيڪل تي سامهون کان ئي اچي رهيو هو. صوبيدار آڙ وٺي بيهي رهيو ۽ جيئن ئي مولوي صاحب ويجهو پهتو ته صوبيدار هڪدم ٽپو ڏيئي آڏو اچي ويو ته جيئن موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب مولوي صاحب کي غير محطاط ڊرائيونگ ۾ گرفتار ڪري سگهي.

 

پر خوشقسمتيءَ سان مولويءَ بروقت بريڪ هڻي ٽڪر ٿيڻ کان بچائي ورتو.

 

مون کي افسوس آهي مولوي صاحب، مان علائقي جي هر فرد کي حوالتن ۾ بند ڪري چڪو آهيان، پر تون واحد انسان آهين جيڪو مون کان بچي ويو آهين.

 

صوبيدار جي ان ڳالهه تي مولوي صاحب مسڪرايو ۽ وراڻيائين ته ڇا توهان ان جو سبب ڄاڻو ٿا، نه صوبيدار وراڻيو.

 

اصل ۾ ان جو سبب هي آهي ته خدا تعالي مون سان هر وقت گڏ هوندو آهي. مولويءَ انقشاف واري انداز ۾ ٻڌايو.

 

ڇا خدا تعالي هن وقت به توهان سان گڏ آهي، صوبيدار تصديق ڪرڻ واري انداز ۾ پڇيو.

 

بيشڪ مولوي صاحب فخر مان ڪنڌ ”ها“ ۾ ڌوڻيو.

تڏهن صوبيدار مولوي صاحب کي چيو ته خدا مون کي به ڪڏهن مايوس نه ڪيو آهي. هاڻ مان توکي ٻيلهه سواري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيان ٿو، ڇالاءِ جو ڊبل سواري تي حڪومت طرفان بندش پيل آهي

 

 

تنهنڪري فيصلو واپس ورتو ويو

 

 

تنهنڪري فيصلو واپس ورتو ويو!

هڪ دفعي ارشاد احمد حقاني جي ڪالم (جنگ) ۾ سابق بيوروڪريٽ مسعود مفتيءَ لکيو هو ته: اڻوينهن سئو ستهٺ ، 1967ع ۾ حڪومت پاڪستان جنگلي سئورن جي خلاف اهو چئي هڪ مهم شروع ڪئي هئي،ڇو جو جنگلي سئور تيار ۽ بيٺل فصلن کي نقصان پهچائين ٿا. تنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو شڪاري جنگلي سئور جو پُڇ پيش ڪندو، ان کي ڏهه رپيا ملندا. شڪارين آفيسرشاهيءَ سان ملي ڀڳت ڪري ساڳي ئي پُڇ کي هر هر وڪڻڻ شروع ڪري ڏنو. تنهنڪري فيصلو ٿيو ته، ڇو نه سئورن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ڪري قيمتي زرمبادلو ڪمايو وڃي. پر ملڪ جي اسلامي ٺيڪيدارن اهو چئي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ته اها حرام جي ڪمائي ٿيندي. تنهنڪري فيصلو واپس ورتو ويو.

 

اي خدا تون هيٺ لهي آ، پنهنجن تي نشان هڻي وڃ

اي خدا تون هيٺ لهي آ، پنهنجن تي نشان هڻي وڃ

هڪ رپورٽ موجب مائڪرو سافٽ جو مالڪ بل گيٽس هر سيڪنڊ ۾ ۵۰۰ ڊالر ڪمائي رهيو آهي. هاڻي ۵۰۰ کي ۶۰ سان ضرب ڪنداسين ته هڪ منٽ جي ڪمائي ٺهندي ۽ وري ۶۰ سان ضرب ڪرڻ سان هڪ ڪلاڪ جي ۽ اهڙي ريت هڪ ڪلاڪ جي ڪمائيءَ کي ۲۴ سان ضرب ڪرڻ سان اسين سندس هڪ ڏينهن جي ڪمائي جو ڪاٿو لڳائي سگهون ٿا. هاڻ توهان پاڻ ئي اندازو لڳاليو ته هڪ مهيني ۾ بل گيٽس ڪيترو ڪمائيندو هوندو. ان رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هو رات جو سمهڻ کان وٺي صبح جو اٿڻ تائين، اڳي کان ٻه ڪروڙ سٺ لک ڊالرن جي حساب سان وڌيڪ امير ٿي رهيو آهي.

تلڪ تنين کي لاءِ جي سچا شرڪ سين

 

جوزف اسٽالن جو پُٽ

ٻي عالمگير جنگ دؤران جورف اسٽالن جي پُٽ جيڪ کي جرمنيءَ جي فوج جنگ ۾ مقابلي دؤران گرفتار ڪري قيدي بنائي ورتو. اسٽالن جنگي قيدين جي تبادلي جي تجويز ٺڪرائي ڇڏي. جنهن جي ڪري جيڪ جرمنيءَ جي جيل ۾ ئي موت جو شڪار ٿي ويو.

تعليم دماغ جي ورزش ۽ غذا آهي

تعليم دماغ جي ورزش ۽ غذا آهي

ڪڏهن ۽ ڪٿي پڙهيو هئم اهو ته ياد ڪونهي پر ايترو ياد پوي ٿو ته ڪنهن برطانوي سائيڪالوجيءَ جي پروفيسر چيو هو ته، جيڪڏهن ڪنهن قوم تي حڪومت ڪرڻي آهي ته پوءِ ڪوشش ڪري ان قوم کي تعليم کان پري رکو، ڇاڪاڻ جو تعليم دماغ جي ورزش ۽ غذا آهي. جيڪڏهن دماغن کي ورزش ۽ غذا ملندي رهي ته پوءِ انهن تي حڪومت ڪرڻ ناممڪن آهي.

هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي

هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي

هڪ بااختيار سرڪاري عملدار جي گهران چوري ٿي وئي. جنهن ڪري سڄي انتظامي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي. پوليس وارن جون ڊوڙو لڳي ويون. علائقي جي اي ايس پي وري صوبيدار کي کڙڪايو. ايس ايڇ او کي هاڻ سندس بيلٽ چيلهه ۾ پاتل هئڻ جي بجاءِ کيس ڳچي ۾ سوڙهو ٿيندي محسوس ٿيڻ لڳو. تنهنڪري سندس بي انتها پڙتين سبب ٿاڻو جلدي ئي حوالاتين سان ڀرجي ڦوڪڻي جو ڏيک ڏيڻ لڳو

ان دؤران کيس اها منحوس خبر ملي ته وڏي سرڪاري عملدار جي گهر ڪا به چوري جي واردات ڪو نه ٿي آهي، بلڪي غلط فهمي هئي ۽ سڀ سامان گهر ۾ ئي موجود آهي.

تڏهن اي ايس پي جلدي ئي ايس ايڇ او کي فون ڪري چيو ته، توهان جي ڪارگذارين جي مهرباني، وڏي صاحب کي سامان ملي ويو آهي.

اهو ٻڌي، ايس ايڇ او صاحب کي وراڻيو ته سائين هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي، ڇالاءِ جو صبح کان هن وقت تائين ڏهه ڄڻا ان چوريءَ جو اقرار جرم ڪري چڪا آهن