ڦليلي

ڦليلي، سنڌ جو هڪ مشهور واهه آهي، هن جي تعريف ۾ ڪيترائي گيت، غزل، نظم ۽ ليک لکيا ويا آهن. ڦليلي واهه، عاملن ۽ ڀائيبندن جي قديم شهر حيدرآباد وچان وهي ٿو. هن واهه جي پنهنجي تاريخ  آهي، جنهن ڪري هن واهه الڳ سان مشهوري ماڻي آهي. اڳ واهه جي ٻنهي ڪنارن سان ساوا گهاٽا ڇانودار وڻ هئا، جتي مسافر اچي آرام ڪندا هئا. سنڌ نيشنل ڪاليج جي اڳوڻن هندو سنڌي ديوانن جي تحقيق موجب هن واهه تي ڦليلي نالو ان ڪري پيو، جو هن واهه جي ڪناري سان ڦولدار وڻ ۽ ٻوٽا جهجهي هوندا هئا. انهن ڦولدار وڻن جي نسبت سان هن واهه ”ڦليلي“ سڌيو ويو. هن واهه جي نسبت سان هڪ بازار جو نالو ڦليلي رکيو آهي.
هن واهه جي اونهائي ٻه کان ڇهه گز ۽ ويڪر 350 فوٽ آهي. سنڌو درياهه مان نڪرندڙ هيءَ وڏي شاخ هئي، جنهن جو پراڻو وهڪرو ڪڇ جي رڻ ڏانهن ويندو هو، جيڪو 1775ع کان پوءِ به قائم هو. ان کانپوءِ ٽالپر حڪمرانن، هن واهه تي خاص ڌيان ڏنو ۽ هن واهه مان ڪيتريون شاخون ڪڍرائي، غيرآباد زمينن کي آباد ڪرايو هو. هن واهه کي مُهڙ وٽ ڦليلي ۽ پڇڙيءَ وٽ گوني چيو ويندو هو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾، هن واهه کي وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو ويو. ان زماني ۾ هن واهه جو هيڊ ورڪس ڄامشوري وٽ رکيو ويو.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، غلام علي الانا جي تحقيق موجب، لوئر سنڌ بئراج جي اڏاوت کان اڳ، ڦليليءَ جي حيثيت هڪ ڦاٽ جي هوندي هئي، هي ڦاٽ ميرپور بٺوري تعلقي ۽ جاتيءَ رستي جي ڀر ۾ ڇتن جي ڳنڍي جي ويجهو گونگڙي سان وڃي ملندو هو. پر لوئر سنڌ بئراج جي اڏاوت کان پوءِ ڦليليءَ ۽ پڃاريءَ جو منهن ڄامشوري وٽان ڪڍيو اٿن ۽ هاڻوڪي وقت حيدرآباد شهر پڃاريءَ (ڦليليءَ) جي ڪپ تي آهي. نئين وهڪري کان پوءِ، هي حيدرآباد تعلقي، ٽنڊي محمد خان تعلقي، ميرپور بٺوري، سجاول ۽ جاتيءَ تعلقن کي آباد ڪري ٿو. دڙي شهر وٽان هن مان نئچل شاخ ۽ وزيراڻي شاخ نڪري ٿي. هي واهه 11 لک 3 هزار 44 ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو.
حيدرآباد شهر وٽ، اڇيءَ ۽ ڪاريءَ موريءَ وچان ڦليليءَ واهه مان اولهه طرف، هڪ ننڍو واهه ڪڍيو ويو هو، جيڪو رشي گهاٽ کان ٿيندو، ڊومڻ واهه سان ملي ويندو هو. اتان اهو واهه سنگت موريءَ ڏي روانو ٿيندو هو، سنڌي زبان جي نامياري اديب ۽ مورخ عبدالقيوم ”صائب“ جي تحقيق مطابق، ”سنگت موريءَ کان اها واهه جي شاخ وهي، ٽن تلائن کي پاڻي پهچائيندي هئي. اها ئي شاخ حيدرآباد جي قلعي کان ٿيندي، وري وڃي ڦليلي واهه ۾ پوندي هئي، جتي ڌوٻي ڪپڙا ڌوئيندا هئا. ڦليليءَ جي ڪناري سان شوالا هوندا هئا، جتي هندو ڀائر سندن ڌرم مطابق پوڄا پاٺ ڪندا هئا. ان کان ٿورو اڳيان، ڪرنل تروٽ جو باغ هوندو هو، جيڪو پوءِ حسن علي آفندي کي تحفي طور ڏنو ويو هو. باغ سامهون، ٺوڙها چاڙهي وٽ، واهه جي شاخ جي ڪپ تي تولا رام هاءِ اسڪول ۽ اسڪول جي سامهون ناري هنري شالا، سيٺ ڍولڻ مل تعمير ڪرايا هئا ۽ قلعي جي ڀر ۾ گردواري ماڙي هئي، جنهن ۾ سک ڌرم جي تعليم ڏني ويندي هئي. هينئر اها عمارت هڪ پنجابي ڊاڪٽر فاروق نامي جي قبضي ۾ آهي“.
ڦليليءَ جي ٻنهي ڪنارن تي شاندار پر فضا باغ هوندا هئا، جن جو ذڪر انگريز سياحن پڻ ڪيو آهي. ڦليليءَ جي اولهه طرف مندرن جو خوبصورت علائقو رشي گهاٽ سڏبو هو، جتي پپر جا گهاٽا وڏا ڇانودار، سندر وڻ هئا. ڏياريءَ جي رات، ڏيئار ٻاري ڦليليءَ جي نذر ڪيا ويندا هئا، انهن ڏيئن جي چمڪ ماڻهن جي دلين کي سَرهو ڪندي هئي، ان رات ماڻهو هڪ ٻئي کان مٺايون، مصريون ۽ مرڪون وصول ڪندا هئا. جڏهن، سانوڻ ۾ پاڻي چاڙهه کائيندو هو، تڏهن مرد توڙي عورتون، نئين پاڻيءَ جي اچڻ تي سرهاڻ ملهائيندا هئا.
رشي گهاٽ جي اولهه ۾ محمد شاهه وارن جو باغ هوندو هو. باغ ۾ موتيو، موگرو، ٽانگر ۽ گلاب جا گل جام ٿيندا هئا، جن جو چونڊو پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ٿيندو هو. اهي گل صبح سوير بازار ۾ کپايا ويندا هئا.  باغن جا مالڪ،پاڙيسرين جو خاص خيال رکندا هئا ۽ هر ڏياريءَ تي پاڙيسرين کي لونگيون، ڪپڙا ۽ مٺايون سوغات ڪري ڏيندا هئا. رشي گهاٽ جي ڀرسان شامداس پارڪ هوندو هو. ڇا ته ان ۾ رونق هئي! رڳو رنگ برنگي قسمين قسمين جا گل!
ڦليليءَ جي اوڀر ۾، مير رسول بخش ٽالپر جو باغ هوندو هو، جتي مير صاحب شام جو ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو. سنڌي ماڻهن جي نيڪ جذبي سان خدمت ڪيائين. مير سياستدان هو، ماڻهو کيس شير سنڌ چوندا هئا. مير صاحب جي باغ جي ٿورو اڳيان، اولهه پاسي، حيدرآباد جي اعليٰ پاءِ جي درسگاهه، سنڌ نيشنل ڦليلي ڪاليج جي شاندار عمارت اڄ به قائم آهي. هي ڪاليج اعليٰ تعليم ڏيڻ جي لحاظ کان اتم درجي تي پهتل هو. اهو ڪاليج سنڌ ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل ۽ سڌريل جاتيءَ جي يادگيري ڏياري ٿو. اها جاتي واقعي درسگاهن جو تقدس ڪري ڄاڻندي هئي. سندن هتان لڏي وڃڻ کان پوءِ تعليم، وڻج واپار، اڏاوت ۽ ترقيءَ جو عمل رڪجي ويو. هن ملڪ جي مالڪن جي هتان وڃڻ کان پوءِ هيءُ وطن ويران ٿو ڀانئجي. ڦليلي ڪاليج جي اتر ۾ ڍولڻ داس جو شاهي باغ هو، جنهن جا گل، ڦل ۽ ميوات هنڌين ماڳين مشهور هئا. ڦليليءَ جي پل اڇي موريءَ کان اوڀر ڏي، پارسيءَ جو مشهور باغ هو. هن باغ ۾ هڪ اهڙو تلاءُ هو، جنهن جي مٿان ساڳوان جي ڪاٺ جو پويلين اڏيل هو، پويلين جي اندرين پاسي ڇت ۾ جنسيات متعلق اگهاڙيون مورتيون اڪريل هيون. افسوس جو اڄ نه اهو باغ رهيو آهي.
ڦليليءَ واهه جي اولهه ڪناري، ٽنڊي مير محمود وٽ انگريزن جو تعمير ڪرايل پاور اسٽيشن هو، جتان حيدرآباد کي بجلي ڏني ويندي هئي. ان پاور هائوس جو ٽاور پري کان پيو نظر ايندو هو. ان ئي جاءِ تي ڦليليءَ مٿان ريلوي جي پل هئي، جنهن تي بيهي ڦليليءَ جو دلڪش نظارو پسي سگهبو هو. ان پل تان جوڌپور، حيدرآباد ريلوي لائين گذرندي هئي، جيڪا سنه 1892ع ۾ تعمير ٿي، جنهن تي ان وقت 390738 رپيا خرچ آيو هو. پل ڀرسان ڏکڻ ڏي، پاپي ڪانگريسيءَ جو سهڻو من موهڻو باغ هوندو هو، جنهن جا ڏاڙهون مٺا ۽ لذيذ هوندا هئا. ڪانگريس پارٽيءَ جا ليڊر، هن باغ ۾ اچي پاپي جا مهمان ٿيندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ اهو باغ حسن علي آفندي جي پونيئر کي مليو، هتان اولهه طرف، ٻه اڍائي ميل پري دادا لوڪرام ڏوڏيجا جي انڊس گلاس ورڪس فئڪٽري هئي.
ڦليليءَ جي اوڀر طرف، ريلوي لائين جي اورئين پاسي، ٽالپر حڪمران مير نصير خان جو دلڪش باغ پوکايل هوندو هو، جنهن ۾ جاوا، سيلون ۽ بنگال کان آندل ٻوٽا پوکيا ويا هئا. باغ جي تلاءَ ۾ سنگمرمر مان ٺهيل ڳئون جي مُک واري مورتي لڳل هئي، جنهن جي وات مان پاڻي نڪري تلاءَ ۾ پوندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو عيد جي نماز هن باغ ۾ پڙهندا هئا. هن باغ جي ڀرسان، بلڻ شاهه جي مقام ۾ سنڌي ادب جي ابي مرزا قليچ بيگ جو مرقد مبارڪ آهي، جتي پاڻ ابدي آرامي آهي، مير نصير باغ جي ڀرسان ڦليليءَ ڪناري، حيدرآٻاد ٽينري هئي، جتي جانورن جي کلن کي صاف ڪري، ان مان برٽش، انڊين آرميءَ لاءِ لانگ بوٽ ٺاهيا ويندا هئا.
ڦليليءَ ۾ ٻيڙين رستي تجارتي مال جي ترسيل ٿيندي هئي. اهو مال بدين کان حيدرآباد ايندو ويندو هو. ان وقت ڦليلي بازار اڇي موري وڏو واپاري مرڪز هو. تنهن دور ۾، ديوان گوپالداس ڦليليءَ جي روح روان هوندو هو. سندس دور ۾ ڦليليءَ جي علائقي ترقيءَ ڏي قدم وڌايا. گوپالداس ڦليليءَ ۾ مارڪيٽ، اسپتال، ريڊنگ روم ۽ اسڪول اَڏايا هئا. هن مهان انسان اسڪول جي اڳيان جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جو هڪ حوض ٺهرايو هو ۽ مسافرن لاءِ الڳ پاڻيءَ جو نل هڻايو هو. ڦليلي بازار جي وچ ۾ هڪ ميدان وٽ، ديوان تلسي داس موٽواڻي، پاڻيءَ جو هڪ حوض ٺاهرايو هو، جنهن مان ٻهراڙي مان وکر کڻي ايندڙ جتن جا اٺ پاڻي پيئندا هئا.
جڏهن ڏکڻ جي هوا گهلندي، تڏهن ڦليليءَ جي پاڻيءَ ۾ لهرون ناچ ڪنديون هيون ۽ ساوڪ سان ڀريل ڪنارن تي ويٺل مختلف پکي گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. وڻن جون سايون ٽاريون لڏنديون ۽ لمنديون هيون. ڪي پکي ڪپ تي ويهي پيا چهنبن سان کنڀ سوئيندا هئا. رات پوندي ئي کڙکٻيتا پنهنجي جسم جي روشنيءَ سان ساري ماحول جي منور ڪري ڇڏيندا هئا، جن جي جڳمڳ ساري رات جاري رهندي هئي.
اڇيءَ موريءَ جي ڀڪ سان، ڦليليءَ ڪناري تي قادر بخش ملاح وارن جو ڳوٺ هو، جتي سومار ملاح وارن جون ٻيڙيون پاڻيءَ ۾ بيٺل هونديون هيون. سومار وارا پرهه ڦٽيءَ کان به اڳ، رڇ ۽ ڄار ميڙي سيڙي ٻيڙين ۾ رکي، ٻيڙيون پاڻيءَ ۾ هاڪاري مڇيون مارڻ ويندا هئا. چاچو سومار نائکن کي ٻيڙيون صحيح نموني نيويگيٽ ڪرڻ جون وڏي واڪي هدايتون ڏيندو رهندو هو. سندس واڪا پري کان پيا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. سج اڃا ڪني نه ڪڍندو هو ته ٽوٻا پکي اچي نروار ٿيندا هئا. واءُ ۾ پرڙن کي تيز ڦڙڪائي، پاڻيءَ ۾ غوطا ڏئي، مڇيون پڪڙي وٺندا هئا. صبح سوير هڪ ڪولهي ماري، ڪناري تي مانڊاڻ منڊي، پکين جو شڪار ڪرڻ ايندو هو، سندس اهڙي ڪڌي ڪم تي، ماڻهن ڏاڍي بڇان لڳندي هئي، دل ئي دل ۾ کيس ڦٽڪار وجهندا هئا.
ڦليليءَ جي پاڻيءَ تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي، لکين ٽن اناج، ميوا، ڀاڄيون، ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار ٿيندي هئي. ڦليليءَ جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ چوپائي مال جهڙوڪ ٻڪرين، مينهن، ڳئن ۽ ڏاچين جا اَڻکٽ ڌڻ هوندا هئا، جن مان ڪئين سير کير ملندو هو ۽ ٻيلن مان هزارين مڻ اڏاوتي ڪاٺ ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون پيدا ٿينديون هيون، پر پوءِ به هيءُ علائقو سکيو ستابو ٿي نه سگهيو.
ڦليليءَ جي ڪپرن سان ٻير، نم، بڙ ۽ سرنهن جا اَڻڳڻ وڻ، گلن سندا ٻوٽا ۽ گلن واريون وليون ٿينديون هيون، وڻن جي ٻور، ٻوٽن ۽ ولين جي گلن تي قسم قسم جا اندازي کان ٻاهر پوپٽ، ڀئونر ۽ ماکيءَ جون مکيون اچي پر گهٽ ٿينديون هيون. انهن وڻن ۾ اُتم قسم جي ماکي ٿيندي هئي، اتان جا ڌراڙ ماکي جي مانارن مان ماکيءَ جون چئونريون ڀري کڻي ويندا هئا. ڦليليءَ واهه جي ڪنارن سان آباد ڳوٺن ۾، چوپائي مال لاءِ گاهه جو چارو جام ٿيندو هو ۽ کير ۽ مکڻ تما۾  گهڻو ٿيندو هو، چوپايو مال جڏهن ڪنارن تي چرڻ ايندو هو ته انهن جي ڳچين ۾ ڳانين سان ٻڌل ٽلين ۽ چڙين جو آواز پري کان هڪدم ڌيان ڇڪائي وٺندو هو.
ڦليلي واهه ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، جن هن واهه جو پنهنجي ادبي شهپارن ۾ ذڪر ڪيو آهي. جن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ڪاڪي هري موٽواڻي، سيد نثار حسيني، عبدالقيوم صائب، ممتاز مرزا، اسماعيل شيخ، حبيب الله مرزا، تنوير عباسي، تاجل بيوس، ليکراج عزيز وغيره جا نالا شامل آهن. هن نئين دور ۾، فطرت ۽ ان ۾ موجود وڻن ۽ پکين سان پيار ڪندڙ، ٽنڊي ٺوڙهي ۾، ڦليليءَ ڪناري جنم ورتل اديب نصير مرزا وڏي چاهه سان ڦليليءَ جو ذڪر ڪيو آهي سندس شعر آهي ته.
يار ڦليليءَ پار رهي ٿو، جنهن جو نانءُ نصير،
يار ته ناهي يارن جو، ڄڻ آهي پير فقير.
آئون روزانو ڦليليءَ جي ڀرپاسي آباد پکيءَ، ڦليليءَ جي سونهن ۽ سينگار آهن. شام جو اوڀر طرف، نيري آسمان، ڦليليءَ جي ڪناري سان، ساوڪ ڀريل وڻن مٿان، اهي اڇا پکي واهه تي پيا اڏامندا رهندا آهن. ساڌو واسواڻي پکين کي پرماتما جا ٻار سمجهي، کين پيار ڪندو هو، سندن قول هو ته پيار نازڪ اٿو، ان جي سنڀال ڪيو.

نوٽ؛ ڦليليءَ تي لکيل مٿيون مضمون سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تارن ورتل آهي

Advertisements

Posted on 06/10/2017, in History, Sindh, Sindhi and tagged , . Bookmark the permalink. پنهنجو رايو ڏيو.

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

%d bloggers like this: